مون جڏھن هڪ ڪولهي امڙي کان پڇو اوهان وٽ کائڻ لاء ڪهڙي شئي موجود آھي ان ماء جڏھن ڳاڙاها مرچ ڏيکاريا تڏھن منهنجي دل ائين ڦٿڪي پئي جئين جئري مڇي ٻرندڙ مچ ۾ تڏھن مون ڪاري سون جي مالڪ قوم کي ڏڪار سان اکيون آکين ۾ ملائيندي ڏٺو ته اندر آوي وانگي تپي پيو ۽ اندر جي ڪعبي مان نڪري من جي مذھب کان روئندي پڇي ويٺس ته ڪٿي آھي جڳ جو خدا سندس جڳ ۾ هي به ته آھن پوء ڇو ڀلا ائين هنن کي رکيو اٿس جو ائين ٿو لڳي ته دنيا جا سڀ درد ٿر جي رڻ ۾ هنن جي ننڍن جهوپڙن رکيا اٿس دنيا جو ڪو به قلم ان ماء جو درد ته نٿو لکي سگهي جيڪا روز پنهنجي اولاد کي اُگهاڙي مٽ مان کارو پاڻي پيارندي هجي جيڪا اولاد کي اهيو به نه ٻڌائي سگهي ته هن ديس ۾ عيدون به ٿينديو آھن جيڪا اولاد کي اهيو به نه ٻڌائي سگهي ته ڪپڙا نوان به پائبا آھن جيڪا پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي اهيو به ٻڌائي نه سگهي ته ان جي پيرن جي هيٺان جيڪا زمين آھي سا ڪاري سون ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالامال آھي جيڪا پنهنجي اکين جي نور اولاد کي اهيو به ناهي ٻڌائي سگهي ته کٽن ۽ پلنگن تي به سمهبو آھي جيڪا بدقسمت ماء پنهنجي اولاد کي اهيو به نه ٻڌائي سگهي هجي ته جڏهن درد برداشت کان وڌي وڃي ته دوا به کائبي آھي جيڪا پنهنجي اولاد کي اهيو به نه ٻڌائي سگهي ته انسان اشرفل مخلوق آھي ۽ جيڪا پاڻ به نه سمجهي سگهي هجي ته سڪون حاصل ڪرڻ لاء زهر پئ اهڙي زندگي کان سٺي موت جو مزو به وٺبو آھي سچ ته ڪنهن جي به درد کي لفظن ۾ نٿو لکي سگهجي (اکين ڏٺو حال. #صدا)
الله تعالي حڪمرانن کي سمجهه ڏئي ته سنڌ جي ٿر واري اهڙي ڳمڀير مسئلي تي توجه ڏين................ وقعي اکين ۾ ڳوڙا ء دل دردن سان روئي ٿي جڏهن اهڙي حالت ۾ انهن کي ڏسجي ٿو........
ادا ٿر ۾ انسان انساني قدرن کان گهڻو پري آھي خبر ناهي حڪومت ڪڏھن هنن کي انساني برابري جا حق ڏيندي اتي وڃڻ کانپوء خبر پئي ٿي ته ڪيڏي اذيت ۾ آھن ويچارا ٿري مارون