• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : آهيان آئون اڃا تائين منتظر ڏسان ڪڏهن ٿو مون سان وفا ڪرين

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
آهيان آئون اڃا تائين منتظر ڏسان ڪڏهن ٿو مون سان وفا ڪرين،
مون سان وفا به منهنجي دل وٽان نه ته سمجهندس ته ٿو دغا ڪرين،

جي وفا نه پڄنئي ته جفا به ڪري نيڪي نه پڄنئي ته گلا به ڪر
اختيار راهه تون ڪا به ڪر ڇو ٿو ختم ٻئي رستا ڪرين

تنهنجي وفا جو مونکي ضرور آ تنهنجووفا ۾ منهنجو ظهور آ
تيسين ذات منهنجي مستور آ جيسين تون نٿو جلوي نما ڪرين

تنهنجي واعدن ته ڪٺيم گهڻي ئي تنهنجي آسرن ته مٺيم گهڻي ئي
تنهنجي ساک پڻ به ڏٺم گهڻي ئي رڳو عاشقن سان ٿو انا ڪرين

ناهيون اڄ جا ڪي پاڻ آشنا جو سمجهون نه هڪ ٻئي کي مٺا
چوان سچ مگر " اعجاز" چئي تون چوندين ته ٿو شڪوه ڪرين

اعجاز شاه راشدي
ّ
 
Back
Top