• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڳو به ناهي سنگهر به ناهي ڇنان هي ناتو ڇني نه سگهندس

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
سڳو به ناهي سنگهر به ناهي ڇنان هي ناتو ڇني نه سگهندس
سرير تان کل لهي نه سگهندي، بدن منجهان دل ڪڍي نه سگهندس

رقيب کي به سهي سگهان ٿو، لڇان ٿو پيو پر ڇڄي نه وڃ تون
زهر جو ڳوڙهو ڳهي سگهان ٿو ، مگر وڇوڙو سهي نه سگهندس

وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي يقين رک تون
ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار تنهنجي سهي نه سگهندس

لذيذ کاڌا حسين حورون زرين ماڙيون مگر خدايا
اتي به ڪنهن جو غلام بڻجي گهڙي به هڪڙي رهي نه سگهندس

ڪڪر زمين تي ڄمي نه سگهندا، ٽڪر هوا ۾ اڏي نه سگهندا
ستمگرن کي ڇڏيو ٻڌائي ڪسي سگهان ٿو جهڪي نه سگهندس
_
استاد بخاري
 
Back
Top