• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انجمنِ ترقي پسند مصنفين پاران سال 2018ع جو اوارڊ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي ڏيڻ جو اعلان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
9mtV5f0.jpg




انجمنِ ترقي پسند مصنفين پاران هن سال جو اوارڊ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هي اوارڊ 4 نومبر 2018ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سالياني پروگرم ۾ ڏنو ويندو.
سنڌ سلامت سٿ پاران مان انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرواڻن جو ٿورائتو آهيان جن پنھنجي سنڌي فورم سلامت کي مڃتا ڏني.
سنڌ سلامت کي ڀلي سرڪاري ادارا مڃتا نه ڏين، پر سنڌ جا ماڻهو سنڌ سلامت جي ڪم مان مطمئن آهن ۽ اسان جي رهنمائي ڪرڻ سان گڏ اسان سان سھڪار ڪندا رهن ٿا.
 
سنڌ سلامت جي سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ادب جي ترقي لاءِ ڪيل خدمتن عيوض انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. هي اوارڊ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سالياني پروگرام ۾ سنڌ سلامت جي سينيئر ميمبر رضوان گُل ورتو.
سنڌ سلامت سٿ ٿورائتو آهي انجمن ترقي پسند مصنفين جو جن سنڌ سلامت جو قدر ڪندي مڃتا اوارڊ ڏنو. خاص ٿورا ڊاڪٽر خادم منگي ۽ رئوف پارس دايي جا ....

45389606_10216809526248695_2937654839011704832_n.jpg
 
Back
Top