وعدن جي برکا ۽ وڌندڙ مايوسيون!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڪستان ۾ سسپينس جو سمنڊ وهائڻ ۽ انهيء سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ سدائين کان هڪ محبوب مشغلو رهيو آهي.اسان جي قوم جنهن ذهني سانچي ۾ پئجي چڪي آهي ان ۾ سنسني خيزيء جي گھڻي اهميت آهي ڇوته اها پر اثر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ اهڙي نشو ڏيندڙ دوا وارو ڪم ڪري ٿي جو ماڻهن ۾ اطمينان ۽ اميدن جو احساس جاڳائي رکي ٿي.وڏين وڏين دعوائن ۽ ناقابل عمل پروگرامن سان عوام کي مٺ ۾ بند ڪرڻ جي حرفت سدائين نشاني وارو تير ثابت ٿي آهي.قوم جن مالي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار عملي طور تي بڻجي چڪي آهي انهن کي رڳو سنسني خيزي ئي سڪون عطا ڪري سگھي ٿي.عوام پنهنجو پاڻ کي وعدن جي اڏام کٽولي ۾ آسمان جي بلندين ۾ اڏامندي محسوس ڪري ٿو ۽ اهڙي فضا ۾ جيئڻ گھري ٿو جيڪا سندن اڳواڻ کين ڏيکاريندا رهن ٿا.اهي سموري دنيا کان بي نياز ٿي ڪري خيالي جنت ۾ گم رهڻ گھرن ٿا جنهن ۾ آسودگيء ۽ خوشحاليء جو رومانس لڪيل هجي.انهن جي نيڻن ۾ خواهشن ۽ تمنائن جا جيڪي تارا ٽمڪن ٿا انهن جو حصول سندن زندگيء جو خواب ۽ جيون جو نچوڙ رهي ٿو ۽ اهي ان خواب پويان ڪنهن به آزمائش مان گذرڻ لاء تيار رهن ٿا.اهي نت نون دلفريب نعرن ذريعي پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين توانائي محسوس ڪن ٿا.انيڪ محرومين ۽ ڊگھي عرصي کان نظرانداز ٿيل ماڻهو اهڙي ئي نفسياتي ڪيفيت جو شڪار ٿيندا آهن.انهيء کي ڪنهن نشي سان مشابهت ڏني وڃي ته غلط نه ٿيندو جنهن ۾ حقيقي دنيا جي ڀيٽ ۾ طلسماتي دنيا گھڻو وڻندڙ نظر ايندي آهي جيڪا انهن کي خيالن ئي خيالن ۾ هر هر نئين منزل جو پتو ڏيندي آهي تنهن ڪري اهي انهيء نئين ۽ دل کسيندڙ زلف جا قيدي بڻجي ويندا آهن. سندن اڳواڻن جا وعدا ۽ وچن،سندن ڳالهيون ۽ تقريرون،سندن درد ۽ احساس کين پنهنجي دل جي گھڻو ويجھو محسوس ٿيڻ لڳندا آهن تنهن ڪري اهي پنهنجن انهن رهنمائن جي عشق ۾ جان جي بازي لڳائڻ لاء به تيار ٿي ويندا آهن.اسان جا اڳواڻ عوام جي ان ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت کان چڱيء طرح واقف هوندا آهن ان ڪري کين عوام کي سندن سر ۾ سر ملائڻ لاء تيار ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نٿي ٿئي.اهي پنهنجن وڙ وڪڙ وارين ڳالهين ۽ من موهيندڙ نعرن سان عوام کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي اقتدار جي گدڙ سنگھيء تائين نهايت ڪاميابيء سان پهچي وڃن ٿا. اقتدار جيئن ته هر سياستدان جي آخري منزل ٿئي ٿو ان ڪري ان منزل کي ماڻڻ لاء عوامي جذبن کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ذرو به دير نٿا ڪن.وعدا ڪرڻ نهايت ئي آسان ڪم آهي پر انهن وعدن کي پورو ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.اڪثر اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته اڳواڻ وعدا ته ڪري وٺن ٿا پر وسيلن جي کوٽ،پنهنجن نااهلين ۽ سستين ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن ڪري اهي وعدا پورا ڪرڻ جي قابل نٿا رهن.اسان وٽ اڳواڻڻ جي اهڙن وعدن توڙي انهن وعدا خلافين جي هڪ ڊگھي ۽ دردناڪ تاريخ رهي آهي.عوام کي ڪهڙيء طرح خواب وڪيا ويندا آهن ۽ عوامي خوابن تي پنهنجي اقتدار جو محل ڪيئن جوڙيو ويندو آهي،اسان جي سياست جو سدائين هڪ عجيب ڊرامو رهيو آهي.اسان ته اهو ئي ڏٺو آهي ته دلڪش وعدن بعد انهيء ئي عوام کي قربانيء جو ٻڪرو بنايو ويندو آهي ۽ انهن جي جذبن کي وڏي بي رحميء سان لتاڙيو ويندو آهي.اسان وٽ عوام جي اڪثريت لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿي سو انهن لاء سهڻا سپنا وڏي اهميت رکندا آهن.اهي يقين،محبت،دلاسي ۽ اميد جي ڏور سان پنهنجو پاڻ کي ٻڌي ڇڏيندا آهن،اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن سياستدان انهيء ئي ڏور سان سندن خوابن ۽ اميدن کي سوريء چاڙهي ڇڏيندا آهن.

    قوم هن وقت به جنهن ڪرب ۽ اذيت مان گذري رهي آهي تنهن جو حساب ڪري نٿو سگھجي.هر طرف بي يقيني ۽ عدم اطمينان جو راڄ آهي ۽ پوري قوم ان ۾ وڪوڙيل نظر اچي ٿي.وڏن وڏن عاليشان ۽ بلند اعلانن ۽ وعدن جي جڳهه تي هاڻي پشيماني ۽ پڇتاء جو رنگ نمايان ٿيڻ لڳو آهي. يقين بدران هاڻي شڪن ۽ شبهن سان ڀريل شڪايتون سامهون اچڻ لڳيون آهن.جوش جي جاء تي هاڻي هوش ٺڪاڻي اچڻ لڳا آهن.هڪ وقت هو جو سو ڏينهن ۾ تبديليء جو وعدو ڪيو پئي ويو پر هاڻي ڳالهه وڌندي ٻن سالن تائين پهتي آهي.ّخير،ٻه سال به انتظار ڪري سگھجي ٿو پر ڪنهن طرف،منهن ۽ مٿي جو پتو ته پوي.في الحال ته ڪنهن به شيء جو سر پير نظر نٿو اچي.هڪڙي ڳالهه چئي وڃي ٿي ته ٻئي ڏينهن ان کان يو ٽرن اختيار ڪيو وڃي ٿو.جنهن جي من ۾ جيڪي ٿو اچي سو ميڊيا سامهون بيان ڪندو ٿو وڃي ۽ اهڙيء طرح غير يقيني گھٽجڻ بدران هيڪاري وڌندي وڃي ٿي. ايئن ٿو لڳي ته ماضيء جا سمورا وعدا ڪنهن پراڻي ۽ وسريل ڪهاڻيء جو پيش لفظ بڻجي ڪري رهجي ويا هجن.آئنده قرض نه وٺڻ کان غريبن تي ٽيڪس نه لڳائڻ تائين،مهانگائيء تي ضابطو آڻڻ کان ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ تائين وارا سمورا وعدا خبر ناهي حالتن جي ڪهڙي ڪن ۾ دفن ٿيدا ٿا وڃن. ان قسم جون ڳالهيون 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف به ته ڪيون هيون.ميان نواز شريف به ته ان قسم جا خواب وڪيا هئا.قرض لاهيو ۽ ملڪ سنواريو انهيء دور جا نعرا هئا.پر نتيجو ڇا نڪتو؟ اهو ئي خالي خزانو ۽ اهو ئي قرضن جو ڪشتو اسان جو مقدرآهي.مهانگائيء ختم ڪرڻ جي دعويدارن جي حڪومت ۾ به مهانگائيء جو جن پوري قوت سان عوام جو رت چوسڻ لاء بوتل کان ٻاهر آيل آهي.روزمرهه جي استعمال جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.غريب جو جيئن پوء تيئن جيئڻ جنجال ٿيندو ٿو وڃي.پيٽرول.گئس ۽ بجليء جون قيمتون هڪ هنڌ بيهڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن، پوين حڪمرانن تي الزام آهي ته اهي غريب عوام جو رت ست نپوڙي ملڪ جو خزانو ٻاهرين ملڪن ۾ منتقل ڪري ويا پر جيڪي اهو راڳ ڳائي رهيا آهن اهي به انهن طاقتورن کان اهو خزانو واپس وٺڻ بدران پاڻ به ان غريب عوام جو رهيل رت ست نپوڙڻ لاء آتا نظر اچن ٿا. اڃا سندن انقلابي نعرن جي گونج ئي ختم ناهي ٿي ته عوام کي مهانگائيء جي دوزخ ۾ اڇليو ويو آهي.عوام ته هاڻي احتجاج ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي جو انهن جون دانهون ٻڌڻ لاء ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي.انهن کي آکاڻين تي وندرايو پيو وڃي پر آخر ڪيستائين؟حڪومت هن وقت سخت دٻاء ۾ آهي جو هنن وٽ ادائيگين لاء زر مبادلا جا ذخيرا موجود ناهن.ڪڏهن چين ته ڪڏهن سعودي عرب طرف اميدن جون نظرون لڳل آهن.ڪنهن وقت آئي ايم ايف وٽ وڃڻ جي خبر اچي ٿي ته وري ٻئي ڏينهن تي اڃا ڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاء ملي ٿي.انهن سمورن بکيڙن ۾ سوال اهو ته آخر عوام جو ڪهڙو قصور آهي جنهن جي خوابن کي ئي سدائين قربانيء جي ٽڪسال تي ٽنگيو وڃي ٿو؟انهن کي ڪو رليف ڏيڻ بدران الٽو وڌيڪ ٽيڪسن جو بار لڏيو پيو وڃي ۽ کين مهانگائيء جي چڪيء ۾ پيٺو پيو وڃي.ان سموري عمل ۾ احتساب جو نعرو به پوري زور شور سان لڳي رهيو آهي.احتساب وقت جي بنيادي ضرورت آهي ۽ احتساب سواء معاملا اڳتي درست ٿي نه سگھندا پر ڪهڙو احتساب ۽ ڪنهنجو احتساب؟هن وقت تائين ته احتساب جي ان عمل مان اهو ئي تاثر جڙيو آهي ته ڪنهن خاص سياسي ڌر کي نشانو بنايو پيو وڃي.ايئن ٿو لڳي ته ان هڪڙي سياسي گروهه کي ڇڏي ڪري ملڪ ۾ ٻي سموري مخلوق فرشتا ۽ بي گناهه هجن.خود حڪومتي ڌر ۾ ويٺل ڪيترائي وزير ۽ مشير گذريل ڪيترين ئي حڪومتن جو اهم حصو رهيا آهن،جيڪر انهن سڀني کي به احتساب جي هڪجهڙي بٺيء مان نه گذاريو ويندو ته پوء احتساب جو اهو عمل به ماضيء جي سياسي ناٽڪن جيان ڪو ناٽڪ بڻجي ڪري رهجي ويندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو