ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ “ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﭼﻤڪﻨﺪڙ ﺗﺎﺭﻭ ” ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺍﻳﻨﺪﻱ ڪﺎﻓﻲ ٽﺎﺋﻴﻢ ﮔﺬﺭﻱ ﭼڪﻮ ﺁ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﺍﻫﺎ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ۽ ﺍٽﻞ ﺩﻟﻴﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﭴﺎﮠ ﻧﺎﻫﻦ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ۽ ڪﻬڙﻱ ﺳﺎﻝ ۾ ﻫﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺁﺋﻲ،ﺑﺲ ﻫﺮڪﻮ ﺩﻧﻴﺎﺋﻲ ﻧﻘﺎﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻠﻢ ﻣﻮﺟﺐ ﺷڪ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺭﺍﻳﺎ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎ ﺍﮄ ﺗﻲ ﮀڏﻱ ﺭﺍﻩ ﺭﻭﺍﻧﻮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻭﻳﻮ، ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺩﻧﻴﺎﺋﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻣﻨﺠﮫ ﺍﻟﺠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻲ،ﺗﻪ ﻫﻲ ﺩﻧﻴﺎ ڪڏﻫﻦ ۽ ﮀﺎڪﺎﮠ ؟ ﻭﺟﻮﺩ ۾ ﺁﺋﻲ . ﺍﻫﻲ ﻓﻠﺴﻔﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﺳﻤﺠﮫ ﮐﺎﻥ ڪﺎﻓﻲ ﺩﻭﺭ ﺋﻲ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺗﻨﻬﻦ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺑﻪ ﻓﻄﺮﺗﻲ ﻋﻠﻢ ﻳﺎ ﺷﻌﻮﺭ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺍﻫڙﻳﻦ ﻣﻮﺿﻮﺋﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﻴﺮﻱ ﻣﻨﺠﮫ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻲ ﭤﻮ،ﺍﻫﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻦ ﺋﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺁ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺣﻮﺍﻟﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﻣﻠﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﮕﮭﻴﻮ ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻪ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻮ ﭘﺘﻮ ﭘﺌﺠﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﮕﮭﻴﻮ،ﮀﺎڪﺎﮠ ﺟﻮ ﺍﻥ ﺟﻮﺍﺯ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﻋﻠﻢ ﺟﻮ ﻧﻪ ﻫﺌﮡ ﺋﻲ ﻫﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﻨﺠﮫ ﻋﻠﻢ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻭﻳﻮ ﺗﻴﺌﻦ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺍﺭﺗﻘﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮖ ﻟﺘﺎڙﻳﻨﺪﻱ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻧﺪﻱ ﺭﻫﻲ،ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ،ﺭﻳﺘﻦ ،ﺭﺳﻤﻦ ،ﻣﺬﻫﺒﻦ،ﻓﺮﻗﻦ،ﭔﻮﻟﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺍﭲ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻟﮗ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻴﻠﻦ ،ﺫﺍﺕ، ﭘﺎﺕ،ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺭﻳﺘﻦ ﺭﺳﻤﻦ ﻣﻨﺠﮫ ﻣﺨﺘﻠﻔﻦ ﻃﺮﻳﻘﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻟﺠﻬﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﺁ ۽ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ،ﺭﻳﺖ،ﺭﺳﻢ،۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ ﺑﻬﺒﻮﺩ ڪﺎﮠ ﭘﺘﻮڙﻱ ﭘﻴﻮ،۽ ﻣﺎﺿﻲ ﻣﻨﺠﮫ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻳﻦ ڪﺎﻓﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺟﻮ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻣﻨﺠﮫ ﻣﺜﺎﻝ ﭼٽﻴﻞ ﺁ ﺟﻴڪﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ ﺍﺭﺗﻘﺎ ۽ ﺑﻬﺒﻮﺩ ﻻﺀَ ﭘﺘﻮڙِﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻴﻮﻥ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﻭﻳﺎ ،ﺍﻫڙﻳﻦ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺟﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻣﻨﺠﮫ ﻭﻳﻬﻨﺪﻱ ﭘﺴﻲ ﻫﺮ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺳﭹﺎﮢﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁ، ۽ ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺑﻪ ﭘﮡ ﺍﻫڙﻱ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﻟڪ ﺁ ، ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻫڪ ﻋﻮﺭﺕ ﻫﻮﻧﺪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﻨﺠﮫ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺩﺏ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ڪﺎﮠ ﭘﺘﻮڙﻱ ﭘﺌﻲ ﺟﻴڪﻮ ﻭڏﻱ ﻣﺎﻥ ﻭڏﻭ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﭼﺌﺒﻮ،ﺍﻫﻮ ﺍﻧڪﺮﻱ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ﻫڪ ﻏﻼﻡ ﺗﺼﻮﺭ ڪﺮﻱ ﺻﺮﻑ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ڪﻢ ڪﺎﺭﻥ ﻣﻨﺠﮫ ﻗﻴﺪ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ،ﭘﺮ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺗﻨﻬﻦ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺑﻪ ﻣﺮﺩﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﺳﺎﻥ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺍﮐﻴﻦ ۾ ﻣﻼﺋﻲ ﻣﻬﺎڏﻭ ﺍٽڪﺎﻳﻮﻥ ﺑﻴﭡﻲ ﺁ ،۽ ﻫﺮ ﻣﺸڪﻼﺕ ﺟﻮ ﮐﻠﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﺮﮠ ﭴﺎﮢﻲ ﭤﻲ، ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﻟﮑﻨﺪﻱ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﭣ ﺷﺸﺪﺭ ڪﻴﻔﺘﻦ ﻣﻨﺠﮫ ﻣﺒﺘﻼ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ ﮀﺎڪﺎﮠ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﺍﻟڪﻮ ﺫﻫﻦ ﺍﻧﺪﺭ ﺣﺎﻭﻱ ﭤﻴﻮﻥ ﺑﻴﭡﻮ ﺁ ﺗﻪ ڪﭣ ﻣﺎﻥ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻬﺎﻥ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ۽ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﺍﺯﺍﻟﻮ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﮭﺎﻥ ﻣﺘﺎﻥ ڪﭣ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﻣﻌﻴﺎﺭﻱ ﻧﻪ ﭤﻲ ﭘﻮﺍﻥ ﺁﺀٌ ڪﻮ ﻭڏﻭ ﻟﻴﮑﺎﺭﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻴﺎﻥ ﭘﺮ ﺍﭴﻮڪﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﻣﻨﺎﺳﺒﺖ ﺳﺎﻥ ﻣﻮﻥ ﻣﺮﺩﻥ ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﻣﻌﺎﺷﺮﻱ ﮐﻲ ﭼٽﺎﺋﻲ ﭘﺴﻴﻮ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻴڪﻞ ﺟﻨﮓ ڪﻨﺪﻱ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻲ ﭤﻲ ﺍﻧڪﺮﻱ ﺁﺀَ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻓﺮﺽ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﮭﻴﻢ ﻋﻴﻦ ﮐﻲ ﺩﺍﺩ ﺫﺭﻳﻌﻲ ﺍﺗﺴﺎﻩ ڏﻳﮡ ﺟﻮ ،ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺑﻪ ﻋﻴﻦ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺩﺍﺩ ﺟﻲ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻧﺎﻫﻲ ﺧﻮﺩ ﺩﺍﺩ ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﺎ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﺁ، ﻋﻴﻦ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﭴﺎﺋﻲ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺩﺭﺩ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﻨﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺭﮐﻲ ﭤﻲ، ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻮﻥ ﺍﺩﺏ ۾ ڪيل ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﻣﻴﺴﺎﺭﮠ ﺟﻮﮘﻴﻮﻥ ﻧﺎﻫﻦ ، ﻋﻴﻦ ﺟﻮ ﻧﺌﻮﻥ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ “ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﺵ ” ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﮔﮕﻦ ﻣﻨﺠﮫ ﭼﻤڪﻨﺪڙ ﺗﺎﺭﻭ ﺟﻴﺎﻥ ڏﻳﮏ ڏﺋﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﻫﺮ ﺭﺍﻫﻲ ﺟﻲ ﮔﮕﮫ ﺍﻭﻧﺪﻩ ﻭﺍﺭﻱ ﺭﺍﻩ ﺭﻭﺷﻦ ﭤﻲ ﭘﺌﻲ ﺁ ۽ ڪﺎﻓﻲ ﺭﺍﻫﻲ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺗﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﺳﻬﺎﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﺰﻝ ﻣﺎﮢﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ ﻋﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﺠﻤﻮﻋﻲ “ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﺵ ” ﺟﻲ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ڪﺮﮠ ﺑﻌﺪ ﻣﻦ ﮐﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﺳﺮﻭﺭ ﻣﻠﻴﻢ ۽ ﺻﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﺩﺯ ﺟﻴڪﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﻫﻦ ﺍﻧﺪﺭ ﺣﺎﻭﻱ ﻫﺌﻲ ﺳﺎﻥ ﻃﻮﻓﺎﻧﻲ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺑﻌﺪ ﺍﻻﺋﻲ ﺗﻪ ڪﺎڏﻱ ﺍڏﺭﻱ ﻭﺋﻲ ﺍﭤﻢ، ﻋﻴﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﺑﻈﺎﻫﺮ ﻣﻬڪﻨﺪڙ ﭼﻬﺮﻭ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻟﻮڪ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺗﻪ ﺑﮣﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺍﻧﺪﺭ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ڏﺭﺍﻥ ڏﺋﻲ ﭼڪﻲ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻫﺎﻥﺀَ ڏﺍﺭﻳﻨﺪڙ ﺁﻳﻞ ﺣﺎﺩﺛﺎ ﺋﻲ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻦ ﺟﻲ ﺍﺫﻳﺘﻦ ﻫﺮ ﻫڪ ﺷﻌﺮ ۾ ﺳﻤﺎﻳﻞ ﺁ ﺟﻴڪﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ڪﻨﺪڙ ﺋﻲ ﭴﺎﮢﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻭﺍﺳﻤﻨڊ ﺟﻴڏﻭ ﻭﺟﻮﺩﻱ ﮂﺍﻧﭽﻲ ۾ ﺳﻴﻨﻮ ﺭﮐﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻨﺠﮫ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺩﺭﺩ ﻟﻬﺮﻥ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﮔﻬﻤﺴﺎﻥ ڪﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻌﺮ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻮ .... ، ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﮀﻮ ﭘﺎڙ ﭘٽﺠﻲ ﺋﻲ ﻧﭥﻲ ﻣﻮﻧﺠﮫ ﻣﻦ ﺟﻲ ﮀﻮ ﻣٽﺠﻲ ﺋﻲ ﻧﭥﻲ ﺟﻲ ﺍﮔﺮ ﺁﺀٌ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻲ ﭘﻮﺭﻫﺌﻲ ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﺱ ﺗﻪ ڪﺎﻓﻲ ﺭﺍﺗﻴﻮﻥ ڪﺎﻓﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬﺭﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﭘﺮ ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻮﻧﺪ ﺑﻪ ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻲ ﭘﻮﺭﻫﺌﻲ ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ڪﻮﻥ ﺳﮕﻬﻨﺪﻡ ﺑﺲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻮ ﺗﺨﻠﻴﻘﻲ ﭘﻮﺭﻫﻴﻮ ﺭﻳﺎﺿﻲ ﺟﻲ ﺍﮠ ﮐٽﻨﺪڙ ﺣﺴﺎﺏ ﺟﻴﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺎ ﺑﻪ ﺗڪﻤﻴﻞ ﻭﺍﺭﻱ ﺣﺪ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺟﻴڪﻮ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻨﺪﻭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺁ ، ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﻌﺮﻥ ﻣﻨﺠﮫ ﺳﭡﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﺎ ﺟﻠﻮﻩ ۽ ﻣﺎﺿﻲ ﻣﻨﺠﮫ ڪﻴﻞ ﻏﻠﻄﻴﻦ ﺟﻮ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﺯﺍﻟﻮ ﺍﻳﻨﺪڙ ﻭﻗﺖ ۾ ﭼڪﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ۽ ﺩﻧﻴﺎﺋﻲ ﻗﺪﻣﻦ ﺳﺎﻥ ﻗﺪﻡ ﻣﻼﺋﮡ ﺟﻬڙﺍ ﺁﺛﺎﺭ ﭘﮡ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﭼﮃٽﻴﻞ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻟﻴﮑڪﺎ ۽ ﻫڪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﺁﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﺎﻩ ﻋﺒﺪﺍﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﺑﻴﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻠﮙﻲ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻨﺠﮫ ڪﻤﺎﻟﻴﺖ ۽ ﺟﻤﺎﻟﻴﺖ ﺟﺎ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﺮﺍ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﺎﺗﺎﻝ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ڪﺎﮠ ﮔﮭﮡ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ۽ ﻭﺳﻴﻊ ﻣﺸﺎﻫﺪﻱ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺁ ﻋﺎﻡ ﻧﻘﺎﺩ ﻋﻮﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﺎ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﺋﻲ ڪﻮﭠﻴﻮ ﺁ ﺩﺭﺍﺻﻞ ﺍﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﺎﻋﺮ ﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁ ﺍﻫﻮ ڪﻬڙﻱ ﺑﻪ ﺟﻨﺲ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﮀﻮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﻟﻴڪﻦ ﺷﺎﻋﺮ ڪﻮﭠﺒﻮ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﻨﺲ ﺟﻮ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺑﻠڪﻲ ﺟﻨﺲ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁ . ﺍﺩﻱ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻟﻴﮑڪﺎ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺍﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﻪ ﭘﮡ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﻣﻨﺠﮫ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﺟﺎ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺩﺭﺱ ڏﻧﻞ ﺁﻫﻦ ﻋﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ “ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﺵ 176” ﺻﺤﻔﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭼﭙﺎﺋﻴﻨﺪڙ ،ﻧﺌﻮﻥ ﺟﻨﻢ ﭘﺒﻠﻴڪﻴﺸﻦ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺁﻫﻲ ﻫﻲ ڪﺘﺎﺏ 2013 ۾ ﭘﻴﺠﻦ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﺻﺮﻑ 200 ﺭﻭﭘﻴﺎ ﺭﮐﻲ ﻭﺋﻲ ﺁ ڪﺘﺎﺏ ﺟﻲ ﺑﻴڪ ٽﺎﺋٽﻞ ۾ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻮ ﻧﺜﺮﻱ ﻧﻈﻢ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺑﻪ ﺳﻮﻧﻬﺮﻱ ﺍﻟﻔﺎﻅ ﭼٽﻴﻞ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﺎﺛﺮﺍﺕ ﻧﻮﻳﺪﻩ ﺑﻴﮕﻢ ﻟﮑﻲ ڪﺘﺎﺏ ﮐﻲ ﻣﺎﻥ ﺑﺨﺸﻴﻮ ﺁﻫﻲ ..... ؟