مير سردار چنڙ ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ منير نالي شڪاري رهندو هو . هو شڪار ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو هو . منير کي هڪ ڌي ڄائي ڌيء کي جنم ڏيندي منير جي گهر واري (زال) گذاري وئي . ان جو نالو ڪنول رکيو ويو منير ڪنول کي پالي نپائي وڏو ڪيو هوء تمام سهڻي ۽ حسين هئي . ڪنول هاڻي وڏي ٿي وئي هئي هوء نہ رڳو منير کي گهر ۾ ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائيندي هئي پر گهڻي ضد تي هن شڪار بہ سکي ورتو هو ۔ هاڻي منير ۽ ڪنول وزانو صبح جو جهنگ مان شڪار ڪرڻ ويندا هئا ان جهنگ ۾ هڪ جادوگر رهندو هو جيڪو ڪنول جي حسن مان متاثر ٿي پيو جادوگر ڪنول سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان منير وٽ ويو . اي پوڙها پنهنجي ڌيءۡ جو رشتو مونکي ڏي تہ مان شادي ڪيان ٻئي صورت ۾ پنهنجو خير نہ سمجهہ جادوگر منير کي ڌمڪي ڏيندي چيو ڪنول چالاڪ ۽ هوشيار هئي ان اتي جواب ڏنو ..! اي جادوگر ! تون مونسان شادي ڪرڻ چاهين ٿو تون جادوگر آهين پهريان مونکي جادو سيکارڻو پوندئي ڇوجو مان توسان شادي ڪيان ٿي ائين نہ ٿئي جو سڀاڻي توکي ماڻهو چون تون هيڏو وڏو جادوگر شادي وري هن موڳي ڇوڪري سان ڪئي اٿئي . جادوگر ڪنول جي ڳالهہ مڃي ورتي . تو هي ڇا ڪيو مورخ منير ڪاوڙ ۾ ڪنول کي چيو بابا هو جادوگر هيو جواب ڏيڻ جي تو۾ طاقت نہ هئي نہ وري مان شادي کان انڪار ڪري سگهان پئي جادوگر هن مهل تہ هليو ويو وري آيو تہ اللّٰه مالڪ آ وقت تي ٽاري ڇڏينداسين . ڪنول پيار مان پيءۡ کي سمجهائيندي چيو ڪنول جادوگر کان جادو وارو ڪتاب هٿ ڪري ورتو جنهن مان هن ٿوري عرصي ۾ کوڙ سارا جادو سکي ورتا هن وڏي محنت کان پوء هڪ سٺي جادوگرياڻي بڻجي وئي . هڪ ڏينهن جادو آيو ڪنول کي چيائين توهان جادو کوڙ سارا جادو سکيا آهن هاڻي مونسان شادي ڪر توهان مونکان امتحان وٺو هاڻي اگر پاس ٿيس تہ شادي ڪندس نہ تہ اڃا ٽائيم کپي . جادوگر کيسي ۾ هٿ وجهي ڪا شيء ڪڍي هٿ ۾ لڪائي چيائين ٻڌا تہ هن ۾ ڇاهي ؟ ڪنول پنهنجي منهن ٿورو ڀڻڪي چيو اهو تہ رومال آهي ڪنول اهو رومال پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڪجهہ پڙهيو تہ اهو رومال هڪ ڪبوتر ۾ تبديل ٿي ويو . ڪنول ان ڪبوتر کي اڏاريو جيڪو تمام جلد آسمان ۾ گم ٿي ويو . هاڻي تون ان کي پڪڙي اچ ڪنول جادوگر کي چيو جادوگر آسمان طرف آڏامي ويو پر ڪبوتر نہ مليس واپس ناڪام موٽي آيو . توکي هڪ دفعو مهلت ڏجي ٿي تون وري پاڻ کي آزماء ڪنول جادوگر کي چيو جادوگر ٻيهر کيسي مان شيء ڪڍي هٿ ۾ لڪائي چيو هن هٿ ۾ اندر ڇا آهي ..... ڪنول ڏسي چيو اهو هڪ ننڍو صوف آهي ڪنول اهو صوف هٿ ۾ رکي ڪجهہ پڙهيو تہ صوف هڪ موتي جي داڻي ۾ تبديل ٿي ويو اهو موتي جو داڻو ڪنول درياءۡ ۾ اڇلايو . وڃ اهو موتي درياءۡ مان کڻي آ اگر کڻي آئين تہ توسان منهنجي شادي ٿيندي ورنہ توسان تمام برو حشر ٿيندو جادوگر درياءۡ ۾ ٽٻي هنئي سڄو درياءۡ درياءۡ ڳولهيائين پر هي ٻيهر ناڪام ٿي ويو شرم وچان اهو علائقو ڇڏي اڏري هليو ويو . هاڻي ڪنول جي جادوگر مان جان آجي ٿي وئي .ڪنول پيءۡ سان گڏجي آرام سان شڪار ڪرڻ لڳي