سنڌي ٻوليءَ جو سيبتو شاعر، مھراڻ ڌامراهو : وليم ورڊس ورٿ چواڻي ته، شاعر هڪ انسان آهي جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنھن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. اهڙو ئي شعور وارو دوست مھراڻ ڌامراهو به آهي جيڪو سماج کي پنهنجي اندر جي اکين سان ڏسڻ جو هنر رکي ٿو. مهراڻُ ڌامراهو 12 سيپٽمبر 1972ع تي ڌامراها ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري ۽ هاير سيڪينڊري جي تعليم ڌامراها ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ۽ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان کان علاوه هو هڪ باوقار اداري سوئي سدرن گيس ۾ آءِ ٽي جي ماهر طور ذميواريون پڻ سر انجام ڏيئي رهيو آهي. مهراڻُ ڌامراهو کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ماحول مليو، جنهن جي ڪري کيس شاعري، ڊراما ،ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿائون پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڀرپور شوق جاڳيو، انهيءَ شوق کيس هڪ بهترين اديب بڻائي ڇڏيو، ۽ مختصر وقت ۾سنڌي ادب کي شاهڪار شاعري ڏيئي شاعراڻي سٿ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، مهراڻ ڌامراهو جو اصل نالو “مسرتُ” آهي ۽ هن شاعريءَ جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪئي هئي، مهراڻ کي سنڌ ۾ ڪير نه سڃاڻي! هو کلڻو ۽ ملڻو، يارن جو يار، پرچي به پل ۾ ته رسي به رمزن ۾، وٽس پرچڻ ۽ رسڻ جي ڪا مقرر وقت ئي ناهي، هو زندگيءَ جا سموري لمحا محبتن ورهائڻ ۾ گهاري ٿو ، وٽس اعليٰ فهم، نماڻي طبعيت ۽ ڏاهپ جي ڪري مهراڻ پنهنجي ذاتي زندگي کان شاعر دوستن تائين پيار ۽ محبت جو انوکو سنگم آهي، مهراڻ ڌامراهو سماج اندر شاعريءَ وسيلي پنهنجي ڌرتيءَ تي وسندڙ ڌرتي ڌڻين جي ڏکن، ڏولاون،سکن ، خوشين ،غمن، احساسِ ڪمترين ۽ محرومين جي وارتائن کي پنهنجي تخليق ۾ اظهاري دنيا آڏو پيش ڪندو رهيو آهي، سندن اهڙيءَ فڪري سگهه واري پورهئي ۾انهن مسڪين مارن جي احساسن جي ڀرپور اپٽار ٿيل آهي. مهراڻ ڌامراهو وٽ ٽڪلين جي ڪافي ڪليڪشن آهي، جنهن ۾ پراڻا نوٽ، سڪا ۽ انگريزن جي دور جا پراڻا ۽ ناياب دستاويز پڻ موجود آهن، هن وٽ 1836ع جا ٻه املهه سڪا به موجود آهن. مهراڻ ڌامراهو جو مزاج نج صوفياڻو آهي. سچ ته سندس قلم جي نوڪ مان ڪوري ڪاغذ تي لکجندڙ سندس هر لفظ سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحاليءَ لاءِ ئي هجي ٿو،مهراڻ ڌامراهو جو شاعراڻو ڪلام سنڌ جي نامور فنڪارن ڳايو آهي جن ۾ شهنيلا علي، عاشق نظاماڻي، سليم رضا ڪنڀر، استاد نظير سمون، فدا حسين کوکر،زاهد گل، سعد علوي،نياز لاشاري،شاهد ٻٻر،ايوب عمراڻي،ديدار سمون،اقبال مغيري سميت انيڪ فنڪارن سندس گيت ڳايا آهن جيڪي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ماروئڙن ۽ هر ڪلاس جي ماڻهو کان ٻڌا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. مهراڻ جي شاعريءَ مان سندس هيءُ اسم سندس مشهوريءَ جو سبب بڻيو جيڪو سليم رضا ڪنڀر ڳايو آهي. اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لاءِ پيار بي معنيٰ! اسان هاڻي ڇڏيو ڄاڻي،اوهان جي سار بي معنيٰ! اکين ۾ لڙڪ ڦٿڪن ٿا،اسان جو چين تڙپي ٿو تنهنجون ڳالهيون ڪجن ڪنهن سان،ٿيو اظهار بي معنيٰ! اجايو ٿو تڪين سهڻا، وڇائي نيڻ راهن ۾ اجائي سينڌ شرمايئه، اڱڻ ڇڻڪار بي معنيٰ! قدر ناهين هتي ڪنهن کي، جهونگارين ڇا ٿو صحرا ۾ اجايو گيت ڇيڙين ٿو، اهي سُر تارَ بي معنيٰ! وفا ڪاڏي وئي آهي، پڇي ڪوئي نٿو ڪنهن کان دنيا ۾ ڪجهه رهيو ناهي، سڄو سنسار بي معنيٰ! ورهايون ٿا اسان هتڙي، جفا جي موٽ ۾ مهراڻ! لکن جو پيار هو جيڪو، سو اڄ بيڪار بي معنيٰ! مھراڻ ڌامراهو جو شعري مجموعو، اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران سال 2017ع تي شايع ڪيو.