شاعرن جو سرتاج، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح: شاهه لطيف جماليات جو پيڪر آهي. جماليات ۽ڪائنات جي مظهرن ۽منظرن کان سماج ۽ انسان جي جوهر تائين هر ڪيفيت جي هر رنگ ۽ احساس جي جماليات لطيف سرڪار وٽ وٿاڻن جي صورت ۾ موجود آهي. چنڊ ستارن ۽ ڪھڪشائن کان ويندي آبشارن جي رواني ۽جهڙن مينهن توڙي سانوڻ، چوماسي ۽ بسنتي تائين ۽ سردي گرمي ۽ خشڪي خرمي کان ويندي انساني داخلي خوشي توڙي درد تائين لطيف سائين سراپا جماليايت جو پيڪر ٿو نظر اچي. شاھ لطيف جي زندگي جو مختصر احوال. لطيف سرڪار 18نومبر 1689ع تي، پهرين رجب المرجب 1102ھ سئي ڪنڌر ڀٽ شاهه هالا ۾ حبيب شاهه جي گھر جنم ورتو. شاھ لطيف جي تعليم ۽تربيت لاءِ حبيب شاهه وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽي ڏي علم پرائڻ لاءِ موڪليو، شاعرن جي سرتاج، ڀٽ جي گھوٽ، الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري ڇڏي. شاھ لطيف پنهنجي زندگيءَ ۾ موثر رهيو انهن ۾ جلال الدين رومي، عطار، شيخ سعدي، ڪبير ۽شاھ حسين شامل آهن. هن دنيا ۾ جيڪي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان متاثر رهيا، انھن ۾ سچل سرمست، بيدل، شيخ اياز، طالب المولا۽ سڄي دنيا جا انسان جيستائين لطيف جو پيغام رسيو آهي، لطيف سرڪار جي زندگي جي زينت جيڪي ڪتاب رهيا، انھن ۾ قرآن شريف، مولانا رومي جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيء واري جو رسالو ساڻ هوندا هئس. شاھ لطيف جو پهريون ذڪر ڪتاب تحفته ڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي 1786ع ۾ ترتيب ۾ ڪيو آهي. شاعر جو عشق به ڪمال ٿئي ٿو، لطيف سرڪار کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي، ڪوٽڙي جي مرزا مغل بيگ جي ڌيءَ سعيدہ بيگم سان لڳو، سعيدہ بيگم تي لطيف سرڪار جي جئين نظر پئي ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين : جنھن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو. عشق جي چوٽ لڳڻ کان پوءِ شاهه لطيف، هرڻ، هما وانگر، صحرائن ۽ بيابان جو راهي ٿيو، جوڳين سان گڏجي هنگلاج ڏانهن سفر ڪيو۽ گنجي ٽڪر جي حسناڪي جو به ديدار ڪيائين. هنگلاج کان موٽندي شايد ٺٽي کان سنڌوندي واري پتڻ اڪري مغلڀين، لکپت، هالار، دوارڪا، پوربندر، جهوناڳڙھ ۽ کنڀات گهميو چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن سان رهاڻيون ڪيائين. شاھ جو شعر ڪيتري قدر قرآن جي آيتن تي مبني آهي، ڪٿي ان جو تفسير به آهي.عوامي لقبن سان سڃاتو وڃي ٿو، جنھن ۾ ڀٽائيءگهوٽ، ڀٽائي بادشاھ، لڄادار لطيف، شاھ صاحب، شاھ سائين، ۽ ڀٽ ڌڻي جي اسمن سان سڏيو وڃي ٿو. رسالي ۾ پاڻ کي جنهن نالي سان مخاطب ڪيو اٿن، اديون شاهه لطيف چئي. شاھ لطيف سن 1165 ھجري صفر مهيني جي 14 تاريخ ، پهرين جنوري 1752ع تي بنا ڪنهن جسماني تڪليف يا بيماري جي مراقبي ۾ ٿيو وصال ڪيو، آخري آرام گاهه ڀٽ شاهه تي آهي. هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونء ڏي، اَڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄڻ سيل، ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي پريان جا ماڻ مون.. حوالا. شاهه جو رسالو - ڪلياڻ آڏواڻي. شاھ جو عالمي شاعرن ۾ مقام، علامه آء آء قاضي. شاھ جو رسالو تحقيقي رٿا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. شاھ لطيف ۽ سوشل سائنس، پروفیسر ساجد سومرو. ماهوار امرتا، خاص نمبر، ايڊيٽر فقير محمد ڍول.