نِماشام جِسمُ......!! (ضراب حيدر)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ضراب حيدر

    لَشڪر شاهه جي ميلي جي پهرين ڌمال هئي. شام جا پاڇا جڏهن سانجهيءَ ۾ ٻُڏڻ لڳا ته ميلي جون رنگ برنگي روشنيون جنگل ۾ منگل بڻجي ويون. چوڏيلون ۽ موتَ جا کوهَه زندگيءَ جي ڦيري جيان ڦِرڻ لڳا، جن ۾ زندگي ڦِرڦِر سونٽي جيان سٽجڻ لڳي.
    سج لٿو ته سموري ميرپورخاص ڊويزن اونڌهه حوالي ٿيڻ لڳي، لوڊشيڊنگ جي ڪري ميرپور شاخ واري اُجڙي ويل چَڪلي جي هڪڙي ڪوٺيءَ جي ڏيوڻيءَ ۾ ڏيئو ٻري رهيو هو، جنهن جي هَلڪي روشنيءَ ۾ هڪ مُڙسالو اُٿي کڙو ٿيو ۽ الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ ٿُڪون اُڇلائيندو، کِپري اسٽاپ جي آباديءَ ۾ گُم ٿي ويو. ڪراڙي ڪوثر، ٻاهر چَڪلي جي پَڌر ۾ کٽ تي ويٺي هئي ۽ هَٿ وارو وِڃڻو هلائي، پاڻ کي هوا ڏئي رهي هئي. وچولي وَهيءَ جي لُٻيل نِمرا چولو ۽ وار ٺاهيندي، ڪوٺيءَ کان ٻاهر آئي ۽ ڪجهه پئسا ڪوثر کي ڏيندي چيائين:
    ”اچي آپا! هي وٺ دُودَ جا اٿئي....!“ ڪوثر پئسا ڳڻڻ بنا ئي، کڻي ڳچيءَ مان اُڪرائي اَنگيءَ ۾ رکيا، جو کيس پڪ هئي ته نِمرا کيس دلالي ۽ ڪوٺيءَ جي ڪرائي جا پورا پئسا ڏنا آهن.
    صنا ۽ دينان، اُن سمئي پراڻي ميرپور اُڪري، مهاجر ڳوٺ واري وڏي وڪڙ کي رسيا هئا. سنڌڙي ۽ ميرپور روڊ تي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون گُذري رهيون هُيون. دينان ۽ صنا سالن کان پوءِ ڪوثر وٽ آيا هئا ۽ رات وٽس ترسيا هئا. مانجهاندو ڪري، سج لٿي کان ڪجهه گهڙيون اڳ لشڪر شاهه جي ميلي لاءِ نڪتا هئا، وڃڻ کان اڳ ڪوثر صنا کي ميلي تي وڃڻ کان روڪيو هو، کيس چيو هيائين ته:
    ”صنا، هاڻي ميلن ۾ اُهو مزو ڪٿي رهيو آهي، قدردان به ناهن رهيا، لوٺيا ۽ سُڃيا ۽ رونشي ڪُڏيا ماڻهو اچي ٿا لهن، اُها گهور به ڪٿي ٿي مِلي؟ ها باقي ٿيو ڌنڌو، سو هتي به ٿي ويندءِ، بلڪه ميلي کان به ٻه ڏوڪڙ چڱا ملي پوندءِ.“ پر صنا سندس ڳالهه ٻُڌي اَڻ ٻُڌي ڪري، دينان سان ميلي لاءِ نِڪري پئي. ميرپور شاخ واري چڪلي، جنهن کي ’شاخ‘ به چيو ويندو آهي، کان فرلانگ کن پنڌ ڪندا، سانگهڙ واري سڙنڪ تي آيا هئا ۽ چنگچيءَ ۾ چڙهيا هئا.
    دينان چنگچيءَ مان ميرپورخاص شهر کان ٻاهر جا منظر ڏسي، پنهنجي ڳوٺ کي ياد ڪري رهيو هو، ويتر جو مهاجر ڳوٺ واري وڪڙ کان چنگچي گُذري هئي ته کيس پنهنجي ڳوٺ جون سموريون يادون اچي ويون هُيون. پنجاب جي سرحد تي سندس ڳوٺ به، ساڳيو مهاجر ڳوٺ وانگي هڪ شاهي سڙنڪ جي وڪڙ ۾ آباد هو. دينان، جنهن زندگيءَ جا پنجيتاليهه ورهيه گُذاريا هئا، سندس اکين ۾ چاليهه ورهيه اڳ جو منظر تري آيو، جڏهن هو پنجن سالن جي هو.
    سندس ڳوٺ، جنهن جي چؤگرد سِرنهن جي فصل اڃان مُکڙيون مس ڪڍيون هُيون. سياري جي اُس سونهري رنگ سان مِلي، هَلڪو تئو ماحول ۾ اُڇلي رهي هئي. اُن سمئي هو ڳوٺاڻن ٻارن سان ڳوٺ ٻاهران غيرآباد زمين جي ٻاريءَ ۾ جهنگ جي خيال کان ويٺو هو. ساڻس گڏ جهنگ جي خيال کان ويٺل ٻار اُن سمئي حيرت ۾ پئجي ويا هئا، جڏهن سندن نظر اوچتو دينان جي اوگهڙ تي پئي هئي. ٻارن دينان جي بنهه مختلف اوگهڙ ڏسي هوڪرون ڪيون هُيون:
    ”دينو... تنهنجي ته نُني ئي ڪونهي...“ ڳوٺ جي ٻارن، رڙيون ۽ هوڪرون ڪندي، اُهو شور برپا ڪيو هو، جو اُها ڳالهه سموري ڳوٺ ۾ باهه وانگي ڀڙڪي وئي هئي. اُن رات ئي دينوءَ جو پيءُ، مولوي محمد اسلم، دين محمد ’دينوءَ‘ جي ماءُ تي شعلا بڻجي ڀڙڪيو هو:
    ”رَن، تو مون کي ٻڌايو ڇو نه هو ته، دينوءَ جي ڄمندي نُنِي ڪونهي، هو کدڙو آهي.“
    ”ٻُڌائڻ سان ڇا دينوءَ جي نُنِي ڄمي پوي ها...!!!؟؟“ گوڙ ۽ جهيڙو وڌي ويو، مولوي محمد اسلم آخري جملو اِهو چيو ته:
    ”جيڪڏهن تون مرحيات مامي ۽ اُستاد مولوي عزيز جي ڌيءَ نه هُجين ها ته ڪڏهوڪو طلاق ڏئي ڇڏيانءِ ها. ٻن ٻارن جي ڪِرڻ کان پوءِ ٻار ڄڻيئه به ته اُهو به نه هِن جهان جو، نه هُن جهان جو....!!؟؟“
    ”اُن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي...؟ سڀ الله جي طرفان آهي.“
    ”بس هاڻي، گهڻي بڪواس نه ڪر، الله جي طرفان آهي، پنهنجو عيب، الله جي بِلي نه ڪر.“
    مولوي اسلم اُن لمحي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿيندو ويو:
    ”ڇا رهي هاڻي منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي عزت ۽ عاقبت؟ ڪجهه به هُجي، دينو هاڻي اسان سان نه رهندو.“
    ”اسان سان نه رهندو...!!؟ ته ٻيو ڪيڏانهن ويندو اسان جو ٻچو؟ هانءِ ٻُڌاءِ...؟“
    ” مُئو سهائبو، يا وري جن جو آهي تِن کي ڏبو....“
    ”مولوي ! خدا جو خوف ڪر، هِن معصوم جو اُن ۾ ڪهڙو ڏوهه. الله جي قهر کان ڊڄ.“
    ”اِن ۾ قهر جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ دينو پاڻ جهڙن سان گڏبو ته سُکيو رهي سگهندو.“
    ”ڪهڙو سُکيو رکندس پرايا ماڻهو، سا به خبر اٿم...الله کي ڏس مولوي صاحب، سندس رضا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. الله سامهون ڏني آهي، پوءِ به سمجهين نٿو.“ اُن لمحي دينوءَ جي ماءُ جي مامتا پنهنجي جوش ۾ ڀَڙڪي پئي.
    ”ڪهڙي ڏني آهي الله سامهون، هانء ٻُڌاء، ڪِني رَن...؟“
    ”ڇڏ! هاڻي مولوي ، اجايو پنهنجي ڪچي نه ڪراءِ....“
    ”ٻُڌائين ٿي يا ڀڃاءِ مَٿو.“ مولوي اسلم ڀرسان رکيل ڏنڊي ۾ هَٿ وڌو.
    “تون ائين مدرسي ۾ ويهي بدفعليون نه ڪرين ها، ته رب پنهنجي ٻچي مان نه لوڙاوئي ها.“ مولوي اسلم زال واتان اِهو جملو ٻُڌي، آپي مان نڪري ويو هو ۽ ڏنڊن سان هڻي، دينوءَ ماءُ کي في الحال ته ڍيري ڪري رکيائين.
    ٻه چار ڏينهن به نه گُذريا هئا ته ڳوٺ جي ڀرسان واري کدڙن جي هُوڙيءَ مان ريما کُڙڪ پوڻ تي پنهنجي ٽولي سان اچي ڳوٺ ۾ لٿو هو. اُن لمحي دينو پنهنجي ڪچي گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو. ريما اچڻ شرط دينو کي جهوليءَ ۾ کڻندي چيو هو:
    ”تون منهنجو آهين ...هل مونسان.. تون اسانجو آهين.“
    اُن ويل دينوءَ وٺي دانهون ڪيون هُيون ۽ پاڻ ڇڏائي گهر ڀڳو هو ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ سان چُهٽي ويو هو. ريما پنهنجي ٽولي سميت مولوي اسلم جي گهر ۾ گِهڙي آيو هو ۽ پڌر ۾ پلٿي هڻي ويهي رهيو هو. پوءِ جيڪا قيامت دينو ۽ دينوءَ جي ماءُ تي برپا ٿي هئي، اُن جو ڇيهه ئي ڪونه هو. اوڙي پاڙي جون ذات زائفائون پنهنجي گهرن جي ڀِتِين ۽ ڇِتين تان واتَ ۾ رَوَن جا پلاند وجهي، لقاءُ ڏسي رهيون هُيون. دينوءَ ماءُ فقيرن جي جملن ۽ فِقرن تي الائي ڪيترا ڀيرا، مُئي هئي. ريما کدڙي ڳالهايو نه پئي ڄڻ ته شُعلا پئي اُڇليا.
    ”بنا پُڇي گهر ۾ ڇا لاءِ آيا آهيو، ڪير آهيو توهان؟“
    ”مُلياڻي، ڏسين ڪونه ٿي ته اسان کدڙا فقير آهيون، ڪنهن جي به گهر ۾ اچڻ لاءِ اسان کي اجازت جي ضرورت ناهي پوندي. اسين پنهنجي ننڍڙي فقير کي وٺڻ آيا آهيون.“
    ”بس ڪر ...پنهنجي اِها بڪواس بند ڪر ۽ نِڪر هينئر جو هينئر گهر مان.“
    ”هاءِ هاءِ مُلياڻي! ڳالهائين ڪيئن پئي، توکي ته ڄڻ ڪا خبر ئي ناهي ته دينو ڪير آهي. الله جو نوازيل آهي، پيدائشي کدڙو! پيدائشي کدڙو آهي دينو...“
    ”حق تي دنيا توهان تي ملامت ڪندي آهي ۽ توهان کي ٿُڪون هڻندي آهي، توهان کدڙا هوندا ئي بي حيا ۽ بي شرم آهيو، نه ڪنهن جي عزت جو خيال هوندو اٿوَ ۽ نه وري ڪنهن جي لڄ جو احساس.“
    ”هاءِ هاءِ مُلياڻي! اِن ۾ عزت يا لڄ جو ڪهڙو سوال آهي، دينو کدڙو آهي، سو آهي.“
    ”بس ڪر ماريا کدڙا! دينو اسانجي گهر جو چشم و چراغ آهي، ڪونهي کدڙو.“
    اُن لمحي ريما ٽهڪن ۾ ٻُڏي ويو هو، تاڙيون وڄائيندي چيو هيائين:
    ”هاءِ هاءِ!گهر جو چشم و چراغ! شُڪر آهي، ڪنهن ته اسان کدڙن کي به گهر جو چشم و چراغ سمجهيو.“
    ”بڪواس بند ڪر ۽ نِڪر هتان.“
    ”مُلياڻي، الله کي ڏس، دينو اسان کي ڏئي ڇڏ، دينو اسانجو آهي. نئين چنڊ تي وڏي گُروءَ جي درگاهه تي اسانجو ميلو لڳندو، اُتي دِينو کي پيش ڪنديس ته خوب مزا ٿيندس. گُرو سمجهي پوڄيو ويندو، وڏيون خوشيون ملنديون دينوءَ کي، توهان تصور به ڪري نٿا سگهو.“
    ”هل هتان کدڙا... تون ڏيندين دينوءَ کي خوشيون، دينو جي خوشين جو ذمو اسانجو آهي.“
    ”هاءِ هاءِ مُلياڻي! تون ڇا ڏيندين دينوءَ کي خوشيون. اڄ ننڍو آهي، سڀاڻي جڏهن وڏو ٿيندو ته دينو هتي جالي نه سگهندو. ماڻهو سندس جيئڻ مهال ڪري ڇڏيندا، مٿس کِلندا، کيس ڌڪاريندا کيس ستائيندا...ٻيو ڇا؟ کيس رُسوائي کان سوا ڪجهه به نه مِلندو.“ اُن وقت ته دينوءَ ماءُ کدڙن کي ڀڄائي ڇڏيو هو، پر ريما کدڙو ويندي ويندي کيس اِهو چئي ويو هو ته:
    ”تون ڇا به ڪرين مائي مُلياڻي، دينو اسان جو آهي، هڪ ڏينهن اسان ڏي ئي ايندو. توهان جي دنيا ۾ دينوءَ جو ڪجهه به ڪونهي. دينو توهان جي دنيا جو ماڻهو ئي ناهي. سُٺو اٿئي، اسان جي حوالي ڪري ڇڏ دينو.“ اُن لمحي دينو ماءُ ڪاوڙ ۾جُتي لاهي ريما فقير کي اُڇلائي هنئي هئي. ريما کدڙو تاڙيون وڄائيندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ دينوءَ ماءُ کي پٽيندو هليو ويو هو. پنجن سالن جو دينو اُن لمحي ماءُ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي پيو هو. دينوءَ ماءُ، دينوءَ کي ڇاتي لائيندي، ڪنهن ڇڇ جيان ڇڄي پئي هئي.
    اُن تماشي کانپوءِ ڳوٺ وارن مولوي اسلم کي گهرائي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو هو ته:
    ”هي ڳوٺ عزت دار ماڻهن جو آهي، اسان توهان سڀ عزتدار آهيون. ڳوٺ ۾ کدڙن جا ڦيرا سُٺا ناهن، هرڪو ٻچڙي وال آهي. تنهنجو اولاد، جيڪو پيدائشي کدڙو آهي، سو اڄ نه ته سڀاڻ ضرور ڳوٺ وارن جي لڄ لڄائيندو. ڇا به کڻي ڪجي، کدڙو ته کدڙو ئي ظاهر ٿي بيهندو ۽ پنهنجي رڳ ڏيکاريندو، جيڪا فطرت ۾ اٿس. سو ڇوڪرو ڪڍي ٻاهر ڪر، جي ايترو ئي پيارو اٿئي ته تون به ڳوٺ ڇڏي وڃ.“
    پوءِ هڪ رات مولوي اسلم دينوءَ کي هميشه لاءِ ريما جي حوالي ڪري آيو هو، جو ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارو مدرسو ڇڏڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي. ريما کدڙو، مُلياڻيءَ جي خوف کان دينوءَ کي کڻي الائي ته ڪيڏانهن گُم ٿي ويو هو.
    هڪ لمحي لاءِ چنگچيءَ ۾ ئي دينان جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا، جيڪي رات جي اونڌهه ۾ هُن اُگهي ڇڏيا. ويتر کيس پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي، جيڪا سندس وڇوڙي ۾ چُڙهي چُڙهي، ٿر ٻاٻيهي جيان مري پئي هئي. ريما کدڙي کي دينوءَ ماءُ جيڪو موچڙو اُڇلائي هنيو هو، اُن جو بدلو ۽ پلاند ريما کاؤنس ڪيئن ورتو هو، سو ته شايد دينان ياد ڪرڻ به نٿي چاهيو. درگاهه تي حاضري مهل دينوءَ کي الف ننگو ڪري بيهاريو ويو هو ۽ ڪيئي کدڙا گول دائري ۾ ڦري تاڙيون وڄائيندا، الائي ته ڇا ڇا چئي رهيا هئا. دينوءَ خوف ۽ لڄ کان اکيون پُوري ڇڏيون هُيون. دائري ۾ ڦِرندڙ فقير آهستگي وچان سندس ٻُنڊڻن تي ٿڦيون به هڻندا ٿي ويا ۽ دينو اکيون پُوري سڏڪا ڀري روئيندو ئي رهيو هو.
    ڪو زمانو پوءِ جڏهن دينان کي مُڇن جي ساول آئي هئي ته پنهنجي ماءُ سان ملڻ ڳوٺ ويو هو. کٽ تي بيمار پيل ماءُ جي پيرن تي مُنهن رکي ڏاڍو رُنو هو:
    ”امان! مان تنهنجو دينو آهيان...“
    ”منهنجا دينو تون اچي وئين...“ ماڻهس کڻي دينوءَ کي سيني لاٿو هو.
    ”پُٽ دينو هاڻي مونکي ڇڏي ڪيڏانهن به نه وڃجانءَ...“
    ”امان! جيڪر ائين ممڪن هُجي ها، پر ڇا ڪريان، مان هاڻي ڏاڍو ميرو ٿي چُڪو آهيان، شايد مِرون کان به ميرو. جنهن دُنيا ۾ مونکي بابا ڇڏي آيو هو، تنهن دنيا مونکي ايڏو ته داغدار ڪري ڇڏيو آهي، جو مان تنهنجي پيرن ۾ ويهڻ جهڙو به ناهيان..“
    اُن لمحي دينوءَ ماءُ، دينوءَ کي کڻي ڇاتيءَ لاٿو هو ۽ چيو هئائين:
    ”دينو! منهنجا ٻچا، منهنجي اکين ۾ ڏس. تون منهنجي اکين جو نُور آهين. ماءُ جي دِل الله جو عڪس هوندي آهي، تون اُن دِل جي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ڏِس ته تون ڪيڏو اڇو اُجرو آهين. الله ٿو ڄاڻي ته تون ڪيڏو اڇو اُجرو آهين.“ اُن لمحي دينو، ماءُ کي ڳراٽڙي پائي ڏاڍو رُنو هو ۽ سُڏڪندو هليو ويو هو. ٻئي ڀيري جڏهن هو پنهنجي ماءُ کي ڏسڻ ۽ ساڻس مِلڻ آيو هو ته مولوي اسلم جي گهر جي پڌر تي کيس اُساٽ محسوس ٿي هئي. اُهو گهر، جيڪو کيس الله ۽ امڙ جي احساس وارو ڇانورو لڳندو هو، سو دوزخ جي باهه جيان ٻري رهيو هو.
    سالن پُڄاڻان اُهو ساڳيو دينو، صنا سان لشڪر شاهه جي ميلي تي دينان بڻجي وڃي رهيو هو. ڪا مَهل هُو اچي لشڪر شاهه جي ميلي ۾ لَٿا، ائين جيئن آس پاس جا ماڻهو، چنگچين ۽ سُسڪين ۾ سَٿجي، ٽوپيون نراڙ تي ڪري، ڪُلهن تي بوڇڻ ڇنڊي لٿا هئا.
    جميل ڪُٻڙو، ممتاز بيگم واري پُرسرار دنيا جو هوڪو، پنهنجي دخل تان ويٺي ڏئي رهيو هو، صنا ۽ دينان کي ڏٺائين ته لائوڊ اسپيڪر تي هڪ پنجابي گانو هلائي ڇڏيائين ۽ کين ڏسي ٿورو مُرڪيو. دينان ۽ صنا جميل ڪُٻڙي جي دخل وٽ آيا. جميل ڪُٻڙي هيٺ نِوِڙي کين هٿ جي اِشاري سان ڪجهه ٻُڌايو ۽ هو سِڌو موت جي کوهه طرف هليا ويا. ميلي جي رونقن ۾ صنا ۽ دينان به گم ٿي ويا ۽ ڪجهه ساعتن کانپوءِ دينان هڪ تنبوءَ ۾ ويو ۽ صنا موتَ جي کوهَه واري ٻاهرين دالي تي نچڻ لڳي.
    اُن سمئي صابو ناچو ڇورن واري تنبوءَ مان مُنهن ڀيلو ڪري نڪتو هو، صابو تيرنهن سئو رپيا، ڪنهن زائفان جي تيرنهن تالِن بدران، ناچو ڇورن جي اڍنگن ڇالن ۽ سلوارن مٿان ٻَڌل گهنگهرن تي ائين اُڇلائي آيو هو، ڄڻ ته ڍينگرن تي اٽو هاري آيو هُجي. همراهه وٽ باقي وڃي ڪي پنج اَٺ سئو بچيا هئا، سو صفا ڌئونسن ۾ هو. صابوءَ کي ڌئونسون اڃان به ڪي ٻيون هُيون. صابو گهران نِڪتو هو ته سندس گهر واري ساران تپ ۾ صفا ٻَرِي پئي. کيس ڪنهن طبيب کان دوا آڻڻ لاءِ چيائين، صابوءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ گهران نِڪري آيو هو. صابوءَ کي رستي ۾ وري مانڌل ملي ويو، جنهن کي وٺي اچي اسٽاپ واري هوٽل تي فلم ڏسڻ ويٺو هو. مانڌل پنڌرنهن سالن جو ڳڀرو لسَڙاٽ هو، جنهن جي مُنهن تي هلڪڙي ساول اچڻ شروع ٿي هئي. چڱڙن نقشن ۽ چِٽي چمڙي ڪارڻ ڳوٺاڻان هُن کي ڀلو ڀانئيندا هئا. مانڌل گهڻو ڪري سمورو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي سان موٽر سائيڪل تي گهمندو وتندو هو يا وري ڪنهن سان هوٽل تي ويٺو فلم ڏسندو ۽ چانهه پيئندو هو. مانڌل، صابوءَ سان ڪا مهل ويٺو رهيو، تيسين هُنن ٻه چانهيون ۽ پيس به کاڌا. اوچتو هوٽل ۾ ننڍو رئيس اچي ويو ۽ مانڌل کي اک جي اِشاري سان سڏيائين. مانڌل، صابوءَ کان موڪلائڻ بِنا ئي ننڍي رئيس سان موٽرسائيڪل تي چڙهي الائجي ته ڪيڏانهن روانو ٿي ويو، جنهنڪري صابوءَ کي مانڌل جي ڏاڍي ڌئونس هئي. ٽِپهرِيءَ ڌاري صابو ڪمدار کان پنهنجي کاتي ۾ ڏوڪڙ وٺي، ٻاهر نڪتو ته وريام مُنهن ۾ پئجي ويس:
    ”صابو، سائين جي ميڙي تي نٿو هلين ڇا؟“
    ”نه يار!... سڀاڻي پرينهن ويندسُ...“
    ”صابو! مزو ته هوندو آهي پهرين ڌمال تي، پوءِ هوندي آهي گريبي.“ صابو ڪنهن ويچار ۾ پئجي ويو، تيسين وري وريام ٿلهه ٻَڌو:
    ”هيل ٻُڌو اٿم، سائين لشڪر شاهه وارو ميڙو واهه جو ڀَريو آهي. جهڙا ناچو ٽولا لٿا آهن، تهڙا وري پنجاب جا کدڙا آيا آهن. بس ڳالهه ئي نه پُڇ....!“ کدڙن ۽ ناچو ڇورن جو ٻُڌي صابوءَ جو وات ئي گودو ٿي ويو...!!!
    ”بس پوءِ دير ڇاجي، هل ته هلئون...“
    ”ترس ته آئون ڪمدار وٽان ٿي اچان ته هلون ٿا.“ وريام ڪمدار کان ٿي آيو ته هو ٻئي ڄڻا نِماشام ڌاري لشڪر شاهه جي ميلي ۾ پهتا.
    صابوءَ جي گهر واري ساران تپ ۾ کٽ تي پئي ٻرندي رهي. جڏهن کان صابوءَ سان پرڻي هئي، تڏهن کان بيماريءِ بڙيءَ ۾ هوءَ ائين ئي اڪيلي کٽ تي سڙندي ۽ ٻرندي رهندي هئي. صابوءَ جي ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي ته کن ساهيءَ ’گھوڙو، وڻ سان ٻڌڻ‘ جي ڪوشش ۾ اُتي ئي ڇَڻِي پوندو هو، نه ته اڪثر پُٺي ڏئي اچي سمهي پوندو هو. ساران ڪڏهن به ڪا ٻِڙڪ نه ڪڍي هئي، نه ئي وري ڪڏهن صابوءَ سان مُنهن خراب ڪري هلي هئي. صابوءَ جي لڇڻن جي خبر ته ڪنوارپ کان هئس، جو کيس اوڙي پاڙي جون زائفائون ٻُڌائينديون هُيون ته: ”صابو جو پير سڌو نه اٿئي. صابو ڇوري باز اٿئي، سو توسان ڪٿي جاڙيندو.“ پر مِٽن جو ڪيل فيصلو هو، سو هُن اکيون پوري قبوليو هو. شام ڌاران سندس ننڍو ماسات کيس ڳوٺ واري هَٽ تان تپ جون ڪجهه ٽِڪيون وٺي ڏئي ويو، جن مان ٻه ٽِڪيون خالي پيٽ ڦڪي، رِلي ورائي، سمهي رهي هئي، باقي بچيل ٽِڪيون سيرانديءَ رکي ڇڏيائين.
    صابو وارو ساڳيو حشر ننڍي رئيس جو به هو، جيڪو شاديءَ جي ڇهن ورهين ۾ ڪڏهن به سؤلي طرح پنهنجي گهر واريءَ سان نه سُتو هو. اڄ به موٽرسائيڪل تي مانڌل کي کڻي الائي ڪهڙي پار وڃي نڪتو هو. مانڌل جڏهن به ننڍي رئيس کان سلوار ميري ڪرائي ايندو هو ته اُهائي سلوار لِڪ ڇُپ ۾ ڌورائيندو به ننڍي رئيس جي گهر واريءَ کان هو. اِهو راز اڄ سوڌو ڪنهن بني بشر جي سُڌ ۾ نه آيو هو، تنهنڪري ننڍي رئيس جي گهر واري سدائين پئي مست هلندي وتندي هئي، جو مانڌل جي لست کيس لستائي ڇڏيو هو. بس اِها ته ويچاري ساران جي تقدير ڦِٽل هئي، جو پرڻي کانپوءِ به نِماشام جهڙي بڻيل هئي.
    صابو موتَ جي کوهَه واري دالي هيٺان اچي بيٺو، هڪ نِگاهه لائوڊ اسپيڪر جي گاني تي نچندڙ صنا کي ڏٺائين ۽ پوءِ اڳتي کدڙن واري تنبوءَ طرف هليو ويو. مَرڪيوري جي اڇن بلفن جي سفيد چاندني جهڙي روشنيءَ ۾ ميڪ اپ ڪيل کدڙا جَرڪي رهيا هئا. جن جي سينن ۾ هٿرادو ڪپهه ڀريل اَنگيون، نچندي ڪُڏندي اُن سماج تي ٺٺول ڪري رهيون هيون، جيڪو حقيقت جي ٻِليءَ کان ڪبوتر جيان اکيون پُوري صدين کان جيئندو مرندو آيو آهي، اُهو سماج، جنهن جي پيشانين تي مُهين جي دڙي جي ڏاند واري مُورتي ڏاج طور مڙهيل آهي.
    صابو هَلڪي سَلڪي گهور ڏئي، واءُ سواءُ ورتو. ڳالهه ڳاٽي کان به گهڻي هئس، سُهڻن موچارن کدڙن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. صابوءَ کي مانڌل واري ڌنئوس کنيو بيٺي هئي، جيڪا مغز ۾ ڪا کِٽِ رَچايون بِيٺي هئس. ميلي جي مستين ۾ هوندي به هو مانڌل جي سلوار جي پائنچي مان نِڪري نه سگهيو هو. صابوءَ مانڌل تي خرچ به جام ڪيا هئا، سندس انگل به پورا ڪيا هئائين، پر اڃان سوڌو هو مانڌل جي پائنچي ۾ ئي اٽڪيل هو، سلوار جي اڳٺ تائين رَسي نه سگهيو هو. اڄ هوٽل تي کيس چانهه ۽ پيس کارايو هيائين، مانڌل ساڻس ميلي تي وٺي هلڻ جي فرمائش ڪئي هئي. صابوءَ ساڻس ها ڪئي هئي ۽ دل ۾ پهه به پچايو هئائين ته سانجهي ميلي کان واپسيءَ تي هو مانڌل کي ڪٿي رستي ۾ ئي سَرڙي پنهنجو سمورو ئي مُورُ موٽائي وٺندو. اُنهن ڌئونسن ۽ خيالن ۾ صابوءَ گهور ڪندي، ڏهين جو نوٽ اڳتي وڌايو ته دينان اچي اُهو نوٽ ورتو ۽ هڙٻائون نِڪتل، صابوءَ جي ڳل تي چُهنڊڙي هڻندي نوٽ کنيائين. اُن لمحي صابوءَ کي الائجي ڇا ٿي ويو، کڻي دينان جي ڪارائيءَ مان ورتائين. دينان نخريلي ادا سان جُهونگاريو،
    ”ڇڏ ميڏي ويڻي نا مَروڙ....“ پوءِ الائي ته ڪهڙي سُس پُس ٿي، صابو يڪدم نِڪري تنبوءَ جي پويان وڃي بيٺو، ڪا مهل دينان به وٽس لڏندو آيو، پوءِ لئين جي اونڌاهي جهنگ ۾ صابوءَ جي ڌنئوس، ڪلراٽي پَٽ تي دينان جي نظر نه ايندڙ بُت تي جَهري، ڇڻي، لٽجي ڪجهه وقت لاءِ گهٽجي وئي. دينان، سؤ جا چار نوٽ ڳڻيندي واپس تنبو ۾ آيو ۽ ناچ ۾ مصروف ٿي ويو. ائين ميلي جي پهرين ڌمال، آڪاش ۾ ڪنهن بِگ بينگ (big bang) جهڙي ڌماڪي سان بي نِشان ٿي وئي.
    صنا، موتَ جي کوهَه ۾ موٽرسائيڪل واري جي ڪرتب دوران، پوئين طرف وارن خيمن طرف آئي، ڪجهه دير رِلين جي پردي سان اڏيل پيشاب خاني ۾ هلي وئي ۽ موٽي اچي کٽ تي ويٺي. هُن پنهنجي انگيءَ مان پئسا ڪڍيا ته ڏهين جا ڪَل سَت نوٽ هئا. ايتري ۾ دينان به خيمي ۾ اچي رَسيو. هُن مُرڪي صنا کي نهاريو ۽ تاڙيءَ جو تال ڏيندي چيائين،
    ”هاءِ هاءِ آپي، لڳي ٿو وڏو مال ڪمايو اٿئي....!“
    صنا نوٽَ دينان کي ڏيکاريندي چيو: ”ڌوڙ... شام کان هلاکي ڪئي اٿم، هڪ منٽ به ٽنگون نه ساهِيون اٿم، دينان! ڏس ڪُل هي مِليا آهن.“ دينان هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنو، صنا کيس چيو:
    ”ڇو ڏنئه اجايو ٽهڪ!؟“
    ”بس ائين ئي آپي، ڪا ڳالهه ياد پيم...“
    ”ڪهڙي ڳالهه ياد پيئه؟ ٻُڌاءِ....“
    ”آپي، او آپي....“ دينان نخريلي ادا سان،
    ”ڇاهي؟ چئو به کڻي......“
    ”آپي! لاهور واري وڏي در تي ته اِن کان به چوڻا پنجوڻا پئسا، رڳو دلالي ۽ دود جا ملندا آهن، ها ڪي نه!؟” صنا ٿورو مُشڪندي چيو.
    ”ها! دينان.... اِن کان ته ڀلو هو لاهور واري پنهنجي در تي ئي هُجان ها. ٻيو نه ته ميرپور شاخ تي آپا ڪوثر واري ڪوٺيءَ ۾ ئي ڌنڌو ڪريان ها.“ دينان وري هڪڙو ٽهڪ ڏنو،
    ”هاءِ هاءِ، آپي منهنجي چَرڙي آپي، مون ڪو اِهو تو لئه ٿورئي چيو...“
    ”ڪنهن لاءِ چيئه...؟“
    ”بس هاڻي آپي ڇڏ! اُهو ماضي آهي وساري ڇڏ!“
    ”ڇا مطلب! ڇا ماضي آهي... ڇا وساريان...؟“
    ”تنهنجو جوڀن... ٻيو ڇا؟“
    صنا جو مُنهن صفا لهي ويو، هن ڀرسان رکيل درسني کڻي ڏسندي چيو:
    ”هرون ڀرون ائين به ڪونهي دينان.“
    ”ائين ئي آهي آپي...!“
    ”هل ڀلا ڪيئن به آهي،چڱو ڇڏ، چانهه وٺي اچ ته پئون.“ دينان مُرڪندي، صنا کي ڏٺو ۽ چيو:
    ”آپي، منهنجي پياري آپي...!“
    ”وري ڇا ٿيو؟“
    ”برگر کائيندين ميلي جو، آپي...!“
    ”وٺي ايندينءَ ته ڇونه کائينديس...؟“ دينان، صنا کي ڀاڪر پائي، کيس هِڪڙي چُمي ڏيندي اُٿيو ۽ پنهنجي اَدائن سان هلندو هليو ويو. صنا، هڪ لمحي لاءِ ماضيءَ ۾ کوئجي وئي. لاهور جي مستي گيٽ ڀرسان مريم زماني بيگم مسجد واري پاڙي ۾ جتي زندگي خوشين سان ڀرپور هوندي هئي، اُنهيءَ پاڙي ۾ سندس گهر به هو، جيڪو بس پوءِ اُجڙندو ئي اُجڙندو رهيو. کيس سڀ ڪجهه ياد هوندي به هُن ڪجهه ياد ڪرڻ نٿي گهُريو. بس کيس نويد ڏاڍو ياد آيو، جنهن کيس اسٽيج جي دنيا ۾ آندو هو. نويد سالن تائين کيس پنهنجي محبت جي ڄار ۾ ڦاسائي، حوس جو نشانو بڻائيندو رهيو. صنا جڏهن کيس شادي لاءِ چيو ته نويد نه صرف انڪار ڪيو، پر کيس بليڪ ميل ڪرڻ لڳو ۽ نيلام ڪرڻ شروع ڪيائين. ائين صنا پوءِ نيلام ٿيندي ڪوٺي ۽ پوءِ بازار حُسن تائين پهتي، پر پوءِ به الائي ڇو نويد کي وِساري نه سگهي هئي، جو شايد عورت پنهنجي پهرين مُحبت وساري ناهي سگهندي. صنا پنهنجي خيالن ۾ ئي گم هئي ته دينان برگر ۽ چانهه وٺي اچي پهتو.
    ”آپي! تولاءِ گرما گرم چانهن ۽ برگر آندو اٿم...“ دينان، برگر ٿيلهي مان ڪڍي، صنا آڏو رکيو ۽ کٽ جي پاسي ۾ رکيل ڪوپ وڃي آگهاري آيو، ڪوپن ۾ چانهن لاهيندي صنا کي چيائين:
    ”ٻُڌ آپي...انهن سَتَرِ رپين جو ڇا ڪندينءَ؟ انهن مان ته هِن کٽ ۽ بستري جو ڪرايو به نه ٿيندءِ.“
    ”اِهو ئي سوچيان ويٺي ته ڇا ڪريان.“ هن ڪجهه سوچيندي دينان کي چيو:
    ”ٻُڌ دينان!تون منهنجو هڪ ڪم ڪندينءَ؟“
    ”ها ها ٻُڌاءِ آپي...ڇو نه !“
    ”اڄ منهنجي دلالي ڪر.. ڏس ڪو گراهڪ ڳولهي اچ مون لاءِ.“
    ”تنهنجو مٿو ته ناهي ڦِريو آپي! مان ۽ تولاءِ گراهڪ ڳولهي اچان، اڃا به هُجين ها...“ دينان جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”ڇا ..اڃا ڇا پئي چيئه؟ اڃا به ڇا هُجان ها، هانءَ ٻُڌاءِ.“
    ”صنا آپي! هاڻي پوڙهي ٿي وئي آهين، ڪاروبار ۽ ڌنڌي جو خواب خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏ.“
    ”مان پنهنجي جسم تان وڪري جو بورڊ ڪيئن لاهيان دينان؟ جيستائين پراڻي ڳُڙ جيان هِن تي مَکيون اچي نه ويهن، هي جِسمُ سڙي گدلو نه ٿئي، تيستائين ته منهنجون اُميدون ختم نه ٿينديون نه!“
    دينان کان ٽهڪ نِڪري ويو،
    ”هاءِ هاءِ صنا آپي! ڪاري ڳُڙ ۾ به ڪجهه مِٺاڻ هوندو آهي شايد! تو ۾ هاڻي اُهو به ڪٿي رهيو هوندو؟“
    ”ڇو ناهي رهيو؟ تو ڪڏهن چَکيو آهي ڇا منهنجو جِسم؟“
    ”شرم ڪر آپي، شرم...مان ڀلا ڇو چکينديس تنهنجو جسم...“ صنا، دينان جو جملو ٻُڌي ٽهڪن ۾ ٻُڏي وئي،
    ”ها سچي! تون ڀلا ڪيئن چکيندينءَ منهنجو جسم!! تون ته پيدائشي کدڙو آهين.“ اُن لمحي دينان ڄڻ وٺجي ويو، کيس ريما کدڙي جا اُهي ساڳيا جملا ياد اچي ويا، جيڪي هُن سندس ماءُ کي چيا هئا. دينان کي خبر هئي ته هو کدڙو آهي، پر صنا واتان اُهو جملو الائي ڇو کيس کائي ويو. دينان ڪا دير پنهنجي اندر جي ڪيفيت کان لنوائڻ ۾ مُبتلا يا وري پنهنجي رب سان دل ئي دل ۾ ڳالهائڻ ۾ مَحوَ هو. صنا پاسي ۾ رکيل درسني کڻندي سامهون ڪندي، پنهنجي ڳچي ٺاهيندي اندران پاتل فوم واري اَنگيءَ کي جائتو ڪيو. دينان جو صنا کي اُهو سڀڪجهه ڪندي ڏٺو ته کيس پنهنجي ڪيفيت مٽائڻ جو بهانو مِلي ويو. هُن صنا کي ڏسي هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنو، صنا کي دينان جي ٽهڪ تي ڄڻ چِڙ وٺي وئي:
    ”وري ڇو پئي کِلين، هانءَ ٻُڌاءِ دينان...“
    ”کِلان پئي آپي! ته ڇا پئي ڏسين ۽ ٺاهين اِنهن ڦِٿل ناسپاتين کي، جيڪي پنجين موسم به گهاري ساڙي هليون آهن.“
    ”تو وٽ ته اِهي ڦِٿل ناسپاتيون به ناهن دينان، ساڙ ڇو ٿي ڪرين، پنهنجي نصيب کي چئو.“
    ”هاءِ آپي! ڪيڏي سادڙي آهين، مُنهن ڏٺو اٿئي پنهنجو؟ سڙيل آڙوءَ جهڙو ٿي ويو اٿئي. هاڻي ڪير به نه ايندو اِن سڙيل فروٽ واري دڪان تي، جيڪو هرون ڀرون ٺاهيون سَجايون ويٺي آهين.“ صنا ڪاوڙ ۾ ڪاراٺجي وئي:
    ”ڇو!تو ڪاري رِڏ، بُڇڙي کدڙي کان به ويس؟ تنهنجا گراهڪ آهن، مان ته پوءِ به عورت آهيان.“
    ”آپي! تون بار بار مون کي ويٺي کدڙو چوين، ڇو؟ جڏهن ته پاڻ ٻنهي جو ڌنڌو ساڳيو آهي. پوءِ تون عورت ۽ مان کدڙو، ڇو؟ ٻُڌاءِ نه؟“
    ”مُئي دينان! شرم نٿو اچئي، پاڻ کي ٿي مونسان گڏين؟ ڪٿي تون ۽ ڪٿي مان؟“
    ”هاءِ هاءِ آپي! تڏهن ته چوانءِ ٿي نه ته، تون ڏاڍي سادڙي آهين. تنهنجو مانُ ۽ منهنجو مُلهه هن بازار ۾ ساڳيو آهي. ڇو نه گڏيان پاڻ سان توکي!؟ هي مارڪيٽ، جنهن ۾ خريدار صرف مرد آهي، اُتي تون ۽ مان سِڪي جا ٻه پاسا آهيون، جي مان اکر آهيان ته تون ڀوري آهين ۽ خبر اٿئي نه ته مرد سموري عمر رُڳو اکر ڀُوري ڪندو آهي. سو آپي اِن خوشفهميءَ مان نِڪري اچ هاڻي ته تون عورت آهين ۽ مان کدڙو. توکي هيٺان سُمهاريندڙ ۽ مونکي اونڌو ڪندڙ مرد ساڳيو ئي آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته سندس مردانگيءَ جا ٻِڙگهل، سندس ئي در جي چوکٽ تي نِڪتا پيا آهن.“ صنا حيرت وچان کيس نِهاريندي رهي.
    ”ڏسين ڇا پئي آپي! مرد جي بُک جي ڪا سرحد ئي ناهي هوندي ۽ سندس اک جو ڪو پتو ڪونهي ڪو، جڏهن ٻَکجي وڃي ۽ ڪڏهن مَٽجي وڃي.“ دينان جا جُملا الائي ڇو صنا جي اندر ۾ لهي ويا، کيس وري اُهو نويد ياد اچي ويو، جنهن جي اک جڏهن ساڻس ٻکي هئي ته هوءَ ڪائنات بڻجي پئي هئي ۽ جڏهن سندس اک مَٽِي هئي ته هوءَ ڪٿان جي به نه رهي هئي.
    ”ڇا پئي سوچين آپي؟ اُٿ ته هلئون پنهنجي ٿاڪ تي ۽ ڪريون ڪا روزي ڌنڌي جي.“
    ” تون هل! مان ٿورو ساهي اچان ٿي، الائي ڇو مٿو ڳرو ڳرو ٿو لڳيم.“ دينان سندس ويجهو ٿيندي سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو ۽ ڇِرڪ ڀريندي چيو:
    ”هاءِ الا! آپي، تنهنجي پيشاني ته باهه پئي ٻري، لڳي ٿو بخار اٿئي. تون ويهه مان اِجهو آيس.“
    دينان تڪڙو هليو ويو، ٿوري ئي دير ۾ موٽي آيو ته سندس هٿن ۾ هڪ ٻي چانهه ۽ گوريون هُيون.
    ”صنا آپي! تون هي ٻه گوريون ڦَڪي، مٿان چانهه پيءُ ۽ آرام ڪر، اچ هيڏانهن منهنجي گوڏي تي سُمهه ته مان زور ٿي ڏيانءِ، اِجهو آرام اچي ويندءِ.“ دينان منٽ ۾ پنهنجي ڳِچيءَ مان هٿ ٽپائي، پئسا ڪڍيا ۽ سئو سئو جا ڪجهه نوٽ صنا ڏانهن وڌايا:
    ”هي وٺ آپي، کٽ ۽ بِستري جو ڪرايو ڏجانءِ، تون صفا ڪو اُلڪو ئي نه ڪر. ميلو جيسين آهي، تنهجو سمورو خرچ مان ڀريندس، دِل جاءِ ڪر. اچ هيڏانهن منهنجي گوڏي تي مٿو رک ته زور ڏيانءِ.“ اُن لمحي صنا جون اکيون ڀرجي آيون. کيس نامرد معاشري ۾ اُن لمحي، الائي ڇو دينان ئي مرد ماڻهو محسوس ٿيو هو، جنهن وٽ هڪ بارازي عورت جو مُلهه انسانيت کان به بالاتر هو.
    صابو، آڌيءَ ڌاري گهر موٽيو ته پنهنجي گهر واري ساران کي سُتل ڏٺائين، صابو گهڙي مان پاڻيءَ جو وَٽو ڀري پي، جڏهن سُمهڻ لاءِ کٽ وٽ پهتو ته ساران جي مٿن کان تپ جون ٽِڪيون ڏٺائين. اُن لمحي کيس شرمساريءَ بدران شڪ ٿيو ته ٽِڪيون ڪنهن آنديون هونديون؟ سندس اکيون ڄڻ مَٽجڻ ۽ ڦِرڻ لڳيون، هُن يڪدم ساران کي پَٽي اُٿاريندي ڏاڍيان چيو:
    ”اُٿي رَنَ ٻُڌاءِ! اِهي ٽِڪيون ڪنهن آنديون آهن؟“ ساران! جيڪا اوچتو ڇِرڪي اُٿي، تنهن هٻڪندي چيو:
    ”ماسات، آڻي ڏنيون هُيون.“
    ”ماسات جي سَڪِي، مان اڃان گهر مان نِڪران مس ٿو ته ماساتهن اچي پُڄي ٿو. تون ڪاري آهين ڪاري....!!!“
    صابو ڊوڙي وڃي ڪُهاڙي کنئي ۽ ساران جي مغز ۾ کُپائي ڇڏي. جڏهن ساران جو وهيل رَتُ ڪَچي پَٽَ تي وهي نِڪتو ته ساران جو نماشام بڻيل جِسمُ، آڪاش ۾ هڪ ٻئي بِگ بينگ (big bang) جهڙي ڌماڪي سان نِشان وٺي بيهي رهيو، جنهن تي صابوءَ جون فِنگر پرنٽس واضح بيٺيون هُيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو