اڄ اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هن ملڪ جي قسمت تبديل ڪري ڇڏي. قسمتون رڳو مثبت نموني تبديل ناهن ٿينديون، پر منفي انداز ۾ به قسمتون بدلبيون آهن. هڪڙو ڏينهن هو ۽ 11 سالن جي اذيت هئي. جيڪڏهن اهو هڪڙو ڏينهن نه اچي ها ته ملڪ جي قسمت شايد ايئن نه هجي ها، جيئن اڄ آهي. 5 جولاءِ رڳو جمهوريت جي قتل جو ئي ڏينهن ڪونهي، پر ان کان پوءِ اڄ تائين جيڪي به قتل ٿيندا رهيا آهن، انهن ۾ اڪثر قتلِن جو سبب اڄوڪو ڏينهن ئي آهي. شهيد ڀٽي جي قتل کان وٺي داتا درٻار تي قتلِ جا ڀلي پيرا کڻي ڏسو، ان جون ڪڙيون ڪٿي نه ڪٿي اڄوڪي ڏينهن سان ئي ملنديون. ضياءُ الحق آيو ته هتي رڳو ڪلاشنڪوف ۽ هيروئين نه پهتي، پر انهن ٻن شين کان وڌيڪ خطرناڪ هڪ شيءِ به آئي، جنهن کي اڄڪلهه مذهبي انتها پسندي چئجي ٿو. ضيا آيو، ۽ اهي سڀ شيون هليون ويون، جيڪي ڪنهن به قوم جي ترقيءَ لاءِ لازمي هجن ٿيون، ۽ پوءِ ضيا ته هليو ويو، پر اهي شيون اڃا تائين واپس ناهن ٿي سگهيون. مڪمل جمهوريت غائب آهي، انساني حق غائب آهن، برداشت غائب آهي، سياسي اصول غائب آهن، ۽ جيڪڏهن غور سان ڏسندئو ته ضيا وري به غائب ڪونهي، اهو ڪٿي نه ڪٿي اوهان کي ضرور نظر ايندو. بلڪه اڄڪلهه جيڪا انتها پسنديءَ جي لهر آهي، ان کي ڏسي چئي سگهو ٿا ته هو جتي ڪٿي نظر ايندو. ملڪي تاريخ ۾ جيڪڏهن اڄوڪو ڏينهن ايئن بدقسمت ڏينهن بڻجي نه اچي ها ته هيءُ ملڪ ڇا هجي ها؟ ان سوال جو ڀلي کڻي ڪو تز جواب نه به هجي، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن 5 جولاءِ ايئن نه اچي ها، جيئن 1977ع ۾ آيو ته ملڪ جو حال اهو نه هجي ها، جيڪو هن وقت آهي، ايئن گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ نشي ۾ ڌت نوجوان نه ملن ها، جن پنهنجيون حياتيون هيروئين واري علت کي لکي ڏئي ڇڏيون، نه وري گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ايتري غيريقيني هجي ها، جيڪا اڄڪلهه آپگهاتي بمبارن جي ڪري آهي. ممڪن آهي ته 5 جولاءِ ان ويسٽ ۽ آمريڪا لاءِ سٺو ڏينهن هجي، جن هن ڏينهن تي پاڪستان ۾ آيل تبديليءَ جو فائدو وٺندي سووويت يونين جي فال لاءِ روڊ ميپ تيار ڪيو، پر اها دنيا، جيڪا جمهوريت ۾ يقين پئي رکي، سا دنيا هن ڏينهن کي ”ڪارو ڏينهن“ ئي تصور ڪندي رهي آهي. 5 جولاءِ کان پوءِ لاڳيتو هلندڙ 11 سال ئي هئا، جن ۾ ماڻهو رڳو پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ئي نه هئا، پر ڪن ڪن موقعن تي ته اهو لڳندو هو ته ضياءُالحق جو نظام ماڻهن کي ماڻهو ئي نه پيو سمجهي، ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ جيڪي به فيصلا ٿي رهيا هئا، جيڪي به پاليسيون جڙي رهيون هيون، سي ماڻهن جو ساهه منجهائڻ لاءِ هيون، ۽ ان ڳالهه تي به اوهان حيران نه ٿجو ته ماڻهن جو ساهه منجهائڻ لاءِ جيڪي پاليسيون ٺهيون، انهن جي پويان آمريڪا جو سهڪار به شامل رهيو. ملڪ ۾ اهڙين نرسرين جا بنياد وڌا ويا، جن نرسرين جا ٿوهر هن وقت آمريڪا کي به لڻڻا پئجي رهيا آهن. آمريڪا پاران هڪ آمر جي حوصلا افزائي ڪرڻ مان ڇا مليو؟ فقط سوويت يونين جو فال...پر پوءِ بشمول آمريڪا دنيا کي ڇا مليو؟ خوف ۽ حراس، عدم تحفظ! اها انتها پسندي، جنهن جي پوک آمريڪا جي خواهش موجب ٿي، ان جي اپت سووويت يونين کي گهٽ ملي، پر اها ساڳي پوک هن وقت آمريڪا جي حصي ۾ گهڻي آيل آهي. اهو ضروري ڪونهي ته جيڪو ماڻهو ڪو هٿيار ٺاهي ٿو، سو هٿيار ساڳي ماڻهوءَ تي هلڻ کان انڪار ڪري. جنهن بندوق ايجاد ڪئي، بندوق ان تي به هلي سگهي ٿي. ايئن ئي ان وقت آمريڪا ۽ هتان جي اسٽيبلشمينٽ اهو ڇو نه سوچيو ته هو هن وقت سوويت يونين کي شڪسٽ ڏيڻ لاءِ انتها پسنديءَ جو جيڪو هٿيار ايجاد ڪري رهيا آهن، سو هٿيار سڀاڻي انهن جي خلاف به هلي سگهي ٿو. انتها پسندي به ته هڪ انڌي بندوق آهي، جيڪا ڪنهن تي به ڇٽي سگهي ٿي، ۽ اها هن وقت پاڪستان جي معصوم شهرين ۽ خود آمريڪا جي خلاف ڇٽي رهي آهي. 5 جولاءِ 1977ع جو ڏينهن پنهنجن نتيجن ۾ رڳو آمريڪا ۽ ويسٽ لاءِ سبق آموز ڪونهي، پر اهو وڌيڪ سبق آموز اسان جي سياسي ڌرين لاءِ آهي، جيڪي هن ملڪ ۾ جمهوريت جون دعويدار آهن. انهن جي اصل ڪاميابي اها ڪونهي ته اهي اقتدار ۾ پهچن ٿيون، پر انهن جي اصل ڪاميابي اها آهي ته اهي 5 جولاءِ کان هن ملڪ جي منفي انداز ۾ تبديل ٿيل قسمت کي مثبت نموني ڪيئن ٿيون بدلائين، ۽ اهي ڪيئن ٿيون ڪا اهڙي حڪمتِ عملي جوڙين، جنهن سان ضياءُالحق جهڙين قوتن جو سدائين لاءِ رستو رڪجي سگهي. ڪاوش