(ُ28 صفر المظفر جي مناسبت سان) سرهند وارا سائين توتي سلام آهي... شرف الدين مرکنڊ طاهري حضرت امام رباني مجدد الف ثاني قدس سرہ العزيز ان شخصيت جا مالڪ آهن، جن جي ولادتِ باسعادت کان پهريان ڪيترن ئي اولياءِ ڪرام عليهم الرحمة سندن تشريف آوري جون مسلمانن کي بشارتون پئي ڏنيو، حتي ڪه سيدنا غوث اعظم پيران پير دستگير قدس سرہ العزيز جن پنج سؤ سال پهريان سندن نور جو نظارو ڏسي، بشارت مبارڪ سان گڏوگڏ پنهنجو “جبو مبارڪ” سندن جي لاءِ عنايت فرمايو هيو، وقت جي ولين سڳورن سندن جي علم و عرفان، فيض و فرمان جي آڏو ڪنڌ جھڪائيندا رهيا آهن. ۽ بعد جا اولياءِ ڪرام اڄ تائين سندن جي توجهه سان فيضاب ٿيندا رهن ٿا.پاڻ نه رڳو ولايت پر اسلام جي هر شعبي ۾ ڪامل مڪمل ۽ اڪمل درجي تي فائز هئا، اهو ئي سبب آهي جو سندن جي زندگيءَ ۾ هر مسلم لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي. سندن جي حالاتِ زندگيءَ تي ڪئي ڪتاب لکيا ويا آهن، ڪي مختصر، ڪي معتدل ته ڪي ڪيترن ئي جلدن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. انهن ۾ منهنجي استادن جي استاد ۽ منهنجي مرشد ڪريم حضرت خواجه محمد طاهر بخشي المعروف محبوب سڄڻ سائين مدظله العاليه جا پيارا خليفه محترم ومڪرم حضرت علامه ومولانا قبله سائين مفتي حبيب الرحمن گبول طاهري نقشبندي دامت برڪاتهم العالي (الله آبادي) به هڪ آهن، جن پنهنجي عملي ڪوشش سان حضرت امام رباني مجدد ومنور الف ثاني قدس سره جن جي فارسي زبان ۾ لکيل مڪتوبات شريف جو آسان سنڌي زبان ۾ ترجمو ۽ شرح لکي ڪري اسان سنڌ وارن تي پنهنجو خصوصي احسان ڪيو آهي. حالانڪه ٻين زبانن ۾ به ڪافي دفعا شرح ۽ ترجمي سان لکي ڪري شايع ڪيو ويو آهي، پر سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو شايع ٿيو آهي، ۽ پاڻ ڪتاب “تعليمات امام رباني” جي نالي سان ٽئي جلد شايع ڪرايا آهن، ۽ چوٿون جلد به لکي رهيا آهن، جنهن جو پهريون جلد 2016ع ۾ ۽ ٻيو جلد 2017ع ۾ ۽ ٽيون جلد 2018ع ۾ شايع ٿيون. ۽ فاضل نوجوان طاهري عبدالله کوکر (دادو) جن به سندن جي محبت ۾ پنهنجو نالو لکرايو. ۽ سندن جي سوانح حيات تي مختصر “رباني رهبر” جي نالي سان ڪتاب سنڌي زبان ۾ 1995ع ۾ لکي ڪري شايع ڪرايو هو . ۽ انهن کان علاوهه ٻين بزرگن، عالمن، محققن ۽ محدثن به سندن جي سوانح حيات تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، ۽ شايع ڪرايا آهن. حضرت امام رباني مجدد و منور الف ثاني رحمة الله عليه جو اسم گرامي “احمد” هيو، ۽ سندن جي والد گرامي جو نالو مبارڪ حضرت مخدوم عبدالاحد رحمة الله عليه هيو، ۽ حضرت امام رباني جو لقب بدرالدين، ۽ سندن جي ڪنيت ابو البرڪات ۽ منصب قيوم الزمان هئي، پاڻ مجدد الف ثاني ۽ امام رباني جي نالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهن. حضرت امام رباني رحمة الله عليه حنفيه مسلڪ سان واسطو رکندڙ هئا. حضرت امام رباني مجدد و منور الف ثاني قدس سره جو سلسلو نسب 28 واسطن سان خليفه دوم امير المؤمين سيدنا حضرت عمر فاروق بن الخطاب رضي الله عنه سان وڃي ڪري ملي ٿو. حضرت امام رباني قدس سرہ جي ولادت باسعادت جمع جي رات 14هين شوال المڪرم 971 هجري بمطابق 1563ع سرهند شريف (هندستان) ۾ ٿي. حضرت امام رباني مجدد ومنور الف ثاني رحمة الله عليه جي والد گرامي جو فرمان آهي ته جنهن وقت منهنجي صاحبزادي جي ولادت ٿئي ته مون ڪشف جي حالت ۾ ڏٺو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن منهنجي گھر تشريف فرما آهن، ۽ ننڍڙي “احمد” جي ڪن مبارڪ ۾ آذان ۽ تڪبير چئي رهيا آهن. اهڙي ڪامل مڪرم شخصيت دنيا جي افق تي اُڀرڻ فرمايو ۽ مجدد الف ثاني بنجي اهل عالم کي پنهنجي هدايت ۽ ارشاد جي نور کان منور فرمايو. حضرت امام رباني قدس سره جي ولادت باسعادت کان سوين سال اڳ گھڻن ٻين بزرگن به سندن هندستان ۾ ولادت، دينِ اسلام جي نئين سر اشاعت ۽ عظيم ڪمالات ۽ ڪرامات جو کليل لفظن ۾ اعلان فرمايو. حضرت امام رباني قدس سره جھڙي نموني باطني علوم و معارف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيا، اهڙي نموني ظاهري ديني علمن ۾ به بي مثل ماهر عالم هيا، خاص ڪري علم حديث ۾ ته سندن مقام تمام گھڻو مٿاهون آهي. درس و تدريس ۽ علمي مصروفيات سبب پاڻ ڪافي عرصو آگره ۾ رهي پيا، آخر سِڪ ۽ اُڪير والد گرامي کي ويهڻ نه ڏنو ۽ فرشته صفت فرزند سان مولاقات لاءِ آگرهه تشريف فرما ٿيا، واپسي ۾ پاڻ به والد گراميءَ سان گڏجي پنهنجي وطن روانا ٿيا. سندن ابتدائي تعليم سندن جي والد محترم حضرت عبدالاحد رحمة الله عليه جي سايه عاطفت ۾ ٿي. تمام ٿوري مدت ۾ قرآن ڪريم جو حفظ ڪيائون، ان کان بعد ڪشمير جي فاضل محقق، زاهد، عابد، حضرت مولانا ڪمال ڪشميري رحمةالله عليه کان معقولات جا ڪتاب ۽ حضرت مولانا محمد يعقوب ڪشميري رحمةالله عليه کان حديث جا ڪتاب پڙهيائون. مولانا ڪمال ڪشميري رحمةالله عليه هڪ معتبر عالم ۽ شيخ ڪبير خوارزمي ڪبروي جو پڻ خليفو هو، جنهن حرمين شريفين جي وڏن نامور عالمن ۽ مُحدثن کان فائدا ۽ اجازت حاصل ڪئي هئي. پوءِ سيالڪوٽ ۾ حضرت مولانا ڪمال الدين ڪشميري (المتوفى 1017 هه) کان تعليم حاصل ڪيائون،حديث ۽ تفسير جي تعليم حضرت قاضي بدخشاني کان ورتائون. (ارباب طريقت از حاجي محمد ادريس ڀوجياني 221) حضرت امام رباني رحمةالله عليه سترنهن سالن جي عمر مبارڪ ۾ فارغ التحصيل ٿي مسند هدايت تي رونق افروز ٿيا ۽ سرهند واپس اچي ڪري پنهنجي والدي سڳوري جي سرپرستيءَ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. تمام پري پري کان طلبه سندن جي خدمت ۾ اچڻ لڳا ۽ سندن حلقه حديث و تفسير روز بروز وسيع ٿيندو ويو، درس تدريس سندن محبوب مشغلو هو. سندن جو ارشاد گرامي آهي ته پاڻ فرمائن ٿا ته جڏهن مون تي مصيبت (تڪليف) جو وقت اچي پيو ته مان خواب ۾ حضور اڪرم صه جن جي زيارت کان مشرف ٿيندو هئس. پاڻ مون کي تسلي ڏيندا هئا ته مون کان اها تڪليف پاڻ هي ختم ٿي ويندي هئي. پاڻ فرمايائون ته مان گواليار جي جيل ۾ هڪ سال تائين قيد ڪاٽي چڪو آهيان، مون اتي (گواليار جيل) ۾ ڪابه تڪليف نه ٿي، ۽ اتي منهنجو وقت هدايت ۽ دين جي تبليغ ڪندي گذريو. الله تعالى مون کي حق جي تبليغ جو موقعو عنايت فرمايو. حضرت امام رباني رحمة الله عليه جي شادي هڪ رئيس شيخ سلطان ٿانيسري رحمة الله جي صاحبزادي سان ٿي، شيخ سلطان سٺين خصلتن جو مالڪ، انتهائي نيڪ، متقي پرهيزگار شخص هو. هيءَ شادي رسول الله صه جن جي بشارت سان ٿي، شيخ سلطان ٿانيسري رحمة الله عليه کي خواب ۾ حڪم ٿيو هو ته پنهنجي نياڻي جي شادي، حضرت امام رباني سان ڪرائي وڃي. حضرت شيخ سلطان ٿانيسري، رسول الله صه جن جي زيارت سان نوازيو ويو. حضرت امام رباني عليه رحمة الله عليه جن جي وچ ايشيائي رياستن تي عام ۽ برصغير هندستان تي خصوصي طور تي سياسي، معاشرتي، ۽ مذهبي اثرات مُرتب ٿيا، جن کي تحريري صورت ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻ اسلام جي دفاع جي جنگ ايتري قدر ڪاميابيءَ سان وڙهي جو سمورن مذهبن جي پيروڪارن تي واضح ٿي ويو ته دينِ اسلام امن جو دين آهي ۽ هي دين محبت ۽ ڀائپيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. سندن جي دينِ اسلام جي تبليغ جي ڪري اڪبر اعظم جي ٺاهيل دينِ الاهيءَ جو خاتمو ٿي ويو ۽ دين اسلام پنهنجي اصل روح ۽ شڪل صورت سان گڏ ٻيهر قائم ٿيو، ويران مسجدون ٻيهر آباد ٿيڻ لڳيون ۽ الله اڪبر جون صدائون ٻيهر گونجڻ لڳيون، سندن جي تبليغ جا گھرا ۽ اثر وارا نتيجا سامهون نڪتا. جڏهن حضرت امام رباني رحمة الله عليه جن کي جيل ۾ داخل ڪيو ويو ته پاڻ جيل جي اندر به دين اسلام جي تبليغ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارن جي تعداد ۾ يهودي، عيسائي، پادري، ۽ ٻين ڪافي سارن غير مسلمن کي اسلام جي دائري ۾ داخل ڪري مسلمان بڻايو. حضرت امام رباني عليه رحمة جن هندستان ۾ مغليه دؤر ۾ اسلامي قانون کي نافذ ڪرايو ۽ اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ اسلامي قانون جي مڪمل ترويج سندن جي ئي تعليمات ۽ مساعي جمليه جو نتيجو هيو. اهڙي طرح پاڻ ٻئي هزار جا عظيم المرتب مُجدد ثابت ٿيا، ان ڪري سموري اُمت بجاطور تي سندن الف ثاني جي مجديت جي قائل ٿي، حضرت شاهه ولي الله دهلوي عليه رحمة جن رد روافض جي شرح ۾ امت محمدي تي حضرت امام رباني عليه رحمة جا احسان ڳڻايا آهن، جيتوڻيڪ پاڻ نه هجن ها ته هندستان ۾ اسلام ختم ٿئي وڃي ها، اڄ اسان انهن جي بدولت مسلمان چَوَرائڻ جا حقدار ٿياسين. حضرت شاهه ولي الله دهلوي لکن ٿا ته اڄ ڪلهه جيڪي مسجدن ۾ آذانون ڏنيو وڃن ٿيون، مدرسن ۾ قال الله تعالى ۽ قال رسول الله جي صدائون بلند ٿي رهيو آهن، ۽ خانقاهن ۾ جيڪو ذڪر فڪر ٿي رهيو آهي، قلب ۽ روح جي گھراين سان جيڪا الله جي ياد ڪئي وڃي ٿي، اهو سڀ ڪجهه حضرت امام رباني عليه رحمة جن جي ڪري آهي. جيڪڏهن حضرت امام رباني عليه رحمة اڪبري جهاد جي خلاف جھاد نه فرمائن ها ۽ اهي عظيم تجديدي ڪارناما سرانجام نه ڏين ها ته نه مسجدن ۾ آذانون گونجن ها ۽ نه مدرسن ۾ قرآن، حديث، فقه، ۽ ٻين علمن جو درس ٿئي ها ۽ نه ئي خانقاهن ۾ الله، الله جو ذڪر گونجن ها.(ارشاد طالبين) حضرت امام رباني مجدد ومنور الف ثاني قدس سره النوراني اهل السنة والجماعت جي چئني مشهورن سلسلن (نقشبندي، چشتي، قادري، ۽ سُهروردي) جي بزرگن جي صحبت اختيار ڪئي، فيض پرايو ۽ خلافت و اجازت سان مشرف ٿيا. حضرت امام رباني رحمة الله عليه جن 63 سالن جي عمر مبارڪ ۾ هن فاني دنيا کي 28 صفر المظفر 1034 هه جي صبح جي وقت پنهنجي پياري جان، جان آفرين سبحانه وتعالى جي سپرد ڪيائون. الله تعالى کان دعا آهي ته اسان ۽ اوهان کي سندن جي محبتنصيب فرماءِ.. (آمين) (روزاني ارادو، روزاني سنڌ مهراڻ، روزاني سرواڻ ۾ شايع ٿيل آهي 27 صفر المظفر تي)