سنڌ امڙ مان اڪثر رات جو ڌير تائين ڪتاب پڙھندو آھيان، ادبي ڪتابن سان ڄڻڪ منهجو ڳنڀير ناتو جُڙيل آھي, مان جڏھن ڪتابن جي دنيا ۾ ھليو ويندو آھيان تڏهن پنهجي مرضي مطابق نڪري ناهيان سگهندو, ڪڏھن ڪڏھن ته بنا وقفي جي هڪ ئي هنڌ ويٺي ڪتاب پورو ڪري ڇڏيندو آھيان. هڪ رات ائين ئي ڪتاب پڙھي رهيو هُئس ته ڪتاب منجهان هڪ پوڙھي امڙ نڪتي. مان هڪ دم ڇرڪي ٿورو پوئتي ٿيس, منهجي حيرت ۽ خوفيت کي ڏسي اُن پوڙهيءَ چيو.... ” ٻچڙا ڊڄ نه مان هيل تائين ڪنهن کي به نقصان ناهي پهچايو. مان ڪنبجدي کائنس پڇيو... ”تون ڪير آھين, ۽ ھتي ڇو آئي آھين؟ اُن چيو... ”ٻچڙا, مان تنهجي ماءُ آھيان. مون حيرت وٽان چيو ”ماءُ...! پر امان ته توجهڙي ڪونهي. ”پٽ مان اها ماءُ ناهيان. ”باقي ڪهڙي ماءُ آھين؟ ٻچڙا اُها ماءُ جنهن تي تون فخر ڪندو آھن, جنهن توکي ٻولي سيکاري, محبت جو درس ڏنو. مون چيو...”تنهجو نالو ڇا آھي؟ ”نالو تـه سنڌ اٿم پر منجها ٻڄڙا مونکي سنڌ امڙ سڏيندا آھن. ”تنهجا ٻچڙا ڪٿي آھن؟ ”منهجا ٻچڙا منهجي هنج ۾ رهن ٿا, ڪي صدين کان ننڍ ستل آھن ته ڪي وري منهجي دشمنن سان وڙھي رهيا آھن منهجي رڪشا ڪري رهيا آھن. ”تنهجي عمر گهڻي آھي؟ ”جنم ڏڻ ته ياد نه اٿم پر تقريبن ست هزار سالن تائين ٿيندي! مان حيرت جي ور چڙھي ويس وات پٽجي ويو. سنڌ امڙ چيو,,, ”پٽ حيران نه ٿي تون به منهجو سپوت آھين منهجي هنج ۾ رهين ٿو. مون چيو... ”امڙ ڇا تون دودي جي ماءُ آھين؟”ها ٻچڙا دودو, هيمو هوشو, سورهيه, بلاول, عنايت, ٻاگُهل, اُهي سڀ منهجا اولاد اٿئي! اُنهن سڀنين کي دشمنن جا باز منهجي هنج منجهان کڻي ويا هئا ۽ پوءِ منهجي دشمن منهجي ٻچڙن کي ماري منهجي هنج ۾ اُڇلي ويا هئا اڄ به منهجا سپوت منهجي هنج ۾ سڪون جي ننڍ ۾ آھن ڇو ته اُنهن پنهجو فرض نڀايو آهي. مون چيو... ”سنڌ امڙ تنهجا دشمن ڪير آھن؟ ”ٻچڙا مان ڪڏھن به دشمن ناهن ٺاهيا, پر جيڪو منهجي ٻچن جو ويري آھي سمجھ منهجو ويري آھي اُهي سب باز جيڪي منهجي هنج منجهان منهجا ٻچا کڻي وڃن ٿا اُهي سڀ منجها دشمن اٿئي! مون چيو...”سنڌ امڙ هو تنهجا دشمن ڇو آھن؟ ”ٻچڙا جڏھن بازن مون تي وار ڪيو هو ته منهجا پٽ بازن کي بسم ڪرڻ لاءِ دودو, هوشو, هيمو, ۽ سورهيه اُٿي بيٺا هئا ۽ اُنهن بازن کي مات چکائي هئي پر ڪجھ باز منهجي بيباڪ ٻچڙن کي کڻي ويا هئا, ۽ اُهي باز اڄ به اچن ٿا ۽ منهجي هنج مان ٻچڙا کڻي وڃن ٿا پر هاڻي اُهي باز ڪبوترن جو روپ اپنائي اچن ٿا ڇو ته انهن کي خوف ورايو آھي ته اُها سنڌ امڙ جيڪا هڪ دودو جنمي سگهي ٿي تــه اُها ٻيا به دودا پيدا ڪري ٿي سگهي. ”سنڌ امڙ تون مونڏي ڇو آئي آھين؟ ”پٽ جڏھن ماءُ مشڪل ۾ ايندي آھي ته سندي سپوتن ڏانھن ويندي آھي اُنڪري مان توڏي آئي آھيان. مون چيو.... ”منهجي جيجل منهجي سنڌ امڙ, حُڪُم ته ڪر توتي جان به قربان آھي. ”پٽ تو مونکي پڙھيو آھي, منهجي ابتدائي دور کان وٺي هيل تائين تو مونکي پڙھيو آھي اُنڪري هاڻي تنهجو وارو آھي ته تون مون مٿان ڦرندڙ بازن کي هڪل, ۽ سنڌ امڙ جي هنج مان انهن کي تڙي ڪڍ. مون چيو....”پر سنڌ امڙ مون وٽ ته نه ڪوڏر آھي نه ئي ڪهاڙي. ” پُٽڙا سڀ جنگ ڪوڏر ۽ ڪهاڙين سان ناهن وڙھبا. هن وقت تو وٽ ھڪ وڏو هٿيار آھي! ”ڪهڙو هٿيار ماتا؟ مون کائنس پڇيو... ”ٻچڙا هن وقت تنهجي هٿ ۾ ڇا آھي؟ ”سنڌ امڙ منهجي هٿ ۾ ته قلم آھي! ”پٽ اهو قلم جيڪو تنهجي هٿ ۾ آھي انجو چنهب تلوار جي چنهب کان به وڌيڪ تکو آھي. ”اهو ڪئين سنڌ امڙ...؟ مون کائنس پڇيو... ”ٻچڙا, انجي چنهب مان جيڪي الفاظ نڪرندا آھن سي چڱي ڀلي دشمن کي سيکت چکائيندا آھن. ”ٺيڪ آ سنڌ امڙ جي منهجي هن قلم سان تنهجا دشمن ختم ٿيندا ته مان هن قلم جو استعمال ضرور ڪندس. ”پٽ ان قلم وسيلي منهجا سور منهجي سپوتن تائين پهچائي. ”ها جيجان هاڻي اهو ئي ازم آھي ته هن قلم وسيلي دودي جي ڀائرن کي سجاڳ ڪندس ۽ تنهجي سور بابت ٻڌائيندس. ”ٺيڪ آ ٻچڙا مان ھاڻ ھلان ٿي. ”پر سنڌ امڙ تون ڪيڏانھن وينديئنءَ؟ ”ٻچڙا وري ڪنهن ٻئي دودي جي ڀاءُ کي پنهجو سور سڻائينديس. ائين ئي پوءِ سنڌ امڙ اتان هلي وئي بلڪه غائب ٿي وئي.