داتا درٻار سانحو ۽ سياسي پارٽين جا رويا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    داتا درٻار سانحو ۽ سياسي پارٽين جا رويا!

    داتا دربار جي سانحي تي ڪالهه ڪيترن ئي شهرن ۾ سوڳ ملهايو ويو. مختلف پارٽين پاران ان سلسلي ۾ ريليون به ڪڍيون ويون. ڪو شڪ ڪونهي ته داتا درٻار تي ٿيل دهشتگردي هر امن پسند شهريءَ لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻي آهي، ۽ يقينن حقيقي سوڳ به اهڙن شهرين ۾ هوندو. هڪڙي پاسي عام شهري آهن، جيڪي ان سانحي تي ڏک ۽ خوف جي گڏيل لهر جو شڪار آهن، ٻئي پاسي سياسي ڌريون آهن، جيڪي ان سانحي کان پوءِ بجاءِ گڏجي ويهڻ جي هڪٻئي کان فاصلن تي هليا ويا آهن. نواز شريف بيان ڏنو آهي ته وفاقي گهرو کاتو صوبائي حڪومت سان انٽيليجنس شيئر نٿو ڪري. ق ليگ وري پنجاب حڪومت جي مذمت ڪئي آهي.
    اسان وٽ ڄڻ ته هر شيءِ سياست جي ور چڙهي وئي آهي. ڪيترو به وڏو واقعو هجي، ڪيتريون به جانيون زيان ٿي وڃن، هر پارٽي ان سانحي تي پنهنجي پنهنجي سياست ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿي. پنجاب حڪومت وفاقي سرڪار تي ذمو وجهي رهي آهي، ڪي سياسي ڌريون وري ان معاملي کي پنجاب حڪومت جي ناڪامي ڪوٺي رهيون آهن. پيپلز پارٽي هجي، نواز ليگ يا ق ليگ انهن سمورين پارٽين کي سوچڻ گهرجي ته دهشتگردي نه ڪنهن هڪ صوبي جو مسئلو آهي، نه وري ان جو خاتمو ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي ذميداري آهي، بلڪه اهو اهڙو مسئلو آهي، جنهن سان ڪير به اڪيلي سر منهن ڏئي نٿو سگهي. ان معاملي تي جيڪڏهن سياسي ڌريون فاصلا وڌائين ٿيون ته ان جو مطلب، اهي دهشتگردن کي مستحڪم ٿيڻ جو موقعو فراهم ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن هتي سياسي عدم استحڪام هوندو ته دهشتگرد مستحڪم ٿيندا. اها ڳالهه جيڪڏهن اسان موجوده حالتن مان نٿا سمجهي سگهون ته ڀلي تاريخي پسمنظر ۾ وڃي ڏسجي ته اهي انتها پسند، جيڪي هن وقت دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهن، انهن کي مستحڪم ٿيڻ جو موقعو انهن ڏينهن ۾ ئي مليو، جڏهن هن ملڪ ۾ سياسي طور عدم استحڪام هو، بلڪه ملڪي منظر ۾ سياسي ڌرين جو ڪو به فيصلا ڪن ڪردار نه هو، انهن ڏينهن ۾ ئي انتها پسندن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو. اسان ضياءَ جي دور ۾ وڃون، جڏهن ملڪي منظر ۾ سياسي ڌرين کي ڪا حصيداري نه هئي، انهن ڏينهن ۾ ئي انتها پسند مستحڪم ٿيا. ان ڪري اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هن وقت به جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو ته ان جو فائدو ملڪ کي نه، پر دهشتگردن کي ٿيندو. ق ليگ کي ڇاهي، ان جي ايجنڊا اها آهي ته هر معاملي تي پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪري، ايئن ئي نواز ليگ کي هر معاملو وفاقي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ وجهڻو آهي، پر انهن سمورين ڌرين کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته اهي قوتون ڪهڙيون آهن، جيڪي انهن جي اهڙن روين جو فائدو وٺنديون؟ هن ڳالهه جو مقصد اهو قطعي ڪونهي ته ڪو ڪنهن هڪڙي سياسي پارٽيءَ کي ٻي سياسي ڌر مٿان ڪا جائز تنقيد نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن وفاقي سرڪار جا ڪي نقص آهن ته اهي کليل نموني سان ڀلي پنجاب جي صوبائي سرڪار بيان ڪري، جيڪڏهن پنجاب حڪومت جون ڪي ڪمزوريون آهن ته ق ليگ کي حق آهي ته اها انهن جي نشاندهي ڪري، پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وقت اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سياسي ڌرين جي ترجيح ڇا هجڻ گهرجي؟ انهن جي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته اهي گڏجي ويهن ته جيئن دهشتگردن جي حوصلا شڪني ٿئي، يا انهن جي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته هو ڪنهن سانحي کان پوءِ ان جي سوڳ ۾ گڏجي ڪا حڪمتِ عملي جوڙين ته جيئن دهشتگردن جي حوصلا شڪني ٿئي؟
    هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان مان ڪنهن ريت نٿو لڳي ته سياسي ڌرين جي ترجيح تي ڪا اها ڳالهه هجي، جنهن سان دهشتگردن جي حوصلا شڪني ٿيندي هجي. پنجاب حڪومت سان گهرو کاتي پاران انٽيليجنس جي شيئرنگ نه ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي، يا پنجاب حڪومت پاران دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ ڪا ڳڻتي نه ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي، ان کان هٽي ڪري انهيءَ سچائيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته ان قسم جا سياسي رويا ڪنهن به ريت ملڪ کي دهشتگردي جي حوالي سان لاحق خطرن مان نجات نه ڏياري سگهندا، بلڪه اهي رويا ممڪن آهي ته ملڪ کي وڌيڪ بحرانن جو شڪار ڪري ڇڏين. اسان جي سياسي ڌرين کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته هيءُ 1990ع وارو ڏهاڪو ڪونهي، جڏهن چيئر گيم هلندي هئي، ۽ هڪڙي پارٽيءَ جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ٻي پارٽيءَ کي اقتدار ملي ويندو هو. هن وقت ايئن ٿيڻ ضروري ڪونهي، ممڪن آهي ته هن وقت موجود سياسي حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ ڪا سياسي حڪومت نه به اچي سگهي، ۽ ڪا اهڙي خطرناڪ قوت اقتدار سنڀالي وٺي، جنهن تي فوري طور ڪو الزام هڻڻ جي ڪنهن سياسي پارٽيءَ وٽ به گنجائش نه بچي.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو