ٽرين جي ٿڪ ٿڪ وارو آواز فِضا ۾ ڦهليل آھي ۽ مان سوچ جي سحرا ۾ ٻُڏل آھيان، بِمنزلي مسافر جيان ڀٽڪي رهيو آھيان ۽ سوچي رهيو آھيان ته سمبارا الاءِ ڪئين هوندي، شايد شادي ٿي وئي هوندس، پر منهجو دل اُنهن الفاظن کان الاءِ ڇو لنوائي ٿو، پر وري خيال آيم ته سمبارا مونسان واعدو ڪيو هو ته سرمد مان هميشه تنهجي اوسيئڙي ۾ رهنديس. سمبارا واعدي جي پڪي ڇوڪري آھي اُن واعدو ڪيو سو اڄ اُن واعدي جو نڀاءُ ضرور ڪندي. پر وري اُن خيال کان خوف ٿيندو اٿم ته مونکي ٻاهرنهن سال ٿي ويا آھن. ۽ ڪا به ڇوڪري ايڏو انتظار نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن قسم جي خيالن ۾ ڀٽڪي رهيو آھيان. اصل ۾ ٻارنهن سال اڳ جڏھن مان ۽ سمبارا گڏ اسڪول ۾ پڙھندا هئاسين تڏھن سمبارا چوندي هئي... ”سرمد وديش وڃي مونکي وساري ته نه ڇڏيندين نـه؟ مان چوندو هئس... ”سمبارا سرمد ساھ کڻڻ ته وساري سگهي ٿو پر سمبارا کي نه! ڪڏھن ڪڏھن هوءَ چوندي هئي... ”سرمد پاڻ پنهجي پٽ جو نالو ساوڻ رکنداسين! مان کيس چوندو هُئس... ”سمبارا تون ڄاڻين ٿي ته پنهجو مِلن مُشڪِل آھي! ”سرمد مان صرف تنهجي آھيان جي تنهجو نه ٿيس ته ڪنهجو نه ٿيندُس! پر سمبارا مان پڙھائي سانگي ٻارنهن سالن لاءِ وديش ويندُس تون ٻارنهن سال انتظار ڪئين ڪندينءَ؟ ”سرمد تنهجي لاءِ ته مان ڪيئي جنمون انتظار ڪري سگهان ٿي! ته ٻارنهن سال ڇا آھن. هڪ ڏنھن مون سمبارا کي ائين به چيو هو ... ”سمبارا جي تون چوين ته مان وديش نه وڃا! پر سمبارا چيو هو.... ”سرمد منھجي محبت ڪنهن بليدان جي قائل ناهي، مان پنهجي لاءِ تنهجي ارمانن کي دٻائي نٿي سگهان، تون وديش ضرور ويندين. سمبارا جي مهانتا کي ڏسي مون پنهجي پاڻ کي دنيا جي خوشنصيب فرد جو لقب ڏنو هو. پوءِ مان وديش ھليو ويو هُئس ۽ سمبارا مونڏانهن هر مهيني خط موڪليندي هوئي. جڏھن مونکي وديش ۾ ڇھ سال گذري ويا هئا ته سمبارا خط لکڻ وارو سلسلو بند ڪيو. سمبارا جي اُن عمل منهجي دل ۾ ھزارين قِسمن جي وسوسن کي جنم ڏنو ۽ مان گهر وارن ڏانهن هڪ خط لکيو هو جنھن ۾ کائين سمبارا بابت پڇيو هئم پر انهن کيس ٺيڪ ڪري ڏسيو هئو. اڄ مان ٻارنھن سالن کانپوءِ سمبارا سان ملڻ وارو آھيان. ايتري ۾ ريل گاڏي جي پاپا منهجي خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مان دنياوي حال تي اچي پھتس. ٽرين پريم نگر اسٽيشن تي اچي پهتو مان ريل گاڏي کان هيٺ لٿس تـه هيٺ بابا ۽ امان بيٺل هئا جن سان مان پيرين پئي مليس ۽ ھيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پر سمبارا ڪٿي به نظر نٿي آئي. وري دل ۾ ھڪ خيال جنم ورتو ته رات جو وقت آھي. متان چاچا خانڻ کيس نه ڇڏيو هجي. مان بابا وارن سان ٽانگي تي ويٺس، ٽانگو هلندو رهيو، مان اُهي جايون ڏسندو رهيس. جتي پاڻ ٻئي ملندا هئاسين. جڏھن ٽانگي دريا جو پل ڪراس پئي ڪيو ته مان ڪنارن کي ڏسندو رهيس اُتي هڪ وڻ اڃا به لڳل هو جتي مان ۽ سمبارا گڏ ويهندا هئاسين ۽ سمبارا مون کي بُسري مکڻ کارائيند هئي، اڄ اُهو وڻ ڇانگيل آھي ڪنهن سندس ڏار ڪٽي ڇڏيا آھن. پوءِ آخر اسين گهر پهتاسين، مان ٿورڙي ساھڙي پٽي. پوءِ امان کان پڇيم... ” جيجان سمبارا تـه هاڻي وڏي ٿي وئي هوندي؟ امان چُپ ٿي وئي، چهري منجهان وياڪلتا ۽ ويڳاڻپ جا آثار نظر ٿئي آيس. مون هڪ دفعو کائنس وري پڇيو... ” امان سمبارا ڪئين آھي,؟ امان ڇرڪي، ڄڻڪ ڪنهن خيال مان ٻاھر نڪتي هجي.. ”ها پٽ سمبارا تمام وڏي ٿي چڪي آھي. وڌيڪ مان توکي صبح جو ٻڌائيندس, في الحال تون آرام ڪر ٿڪجي پيو هوندين! امان جي هدايت مطابق ليٽي پيس اک ٻوٽ تائين سمبارا لاءِ سوچيندو رهيس. پوءِ ننڍ جي جهان ۾ ھليو ويس. صبح ٿي مان سِڌو سمبارا وارن جي گهر هليو ويس، اُتي ڪير به نظر نه پئي آيو، مان سمبارا کي سڏڙا ڪيا پر ڪنهن به جواب نه ڏنو، مان سمبارا وارن جي ڪوٺي ۾ ويس تـه اُتي مونکي ٻُڙا ڄميل نظر ٿئي آيا مان حيران و پريشان ٿي ويس هزارين وهم دل کي وڪوڙي ويا، مان ٻاھر نڪتس ته سامهون چاچا خانڻ نظر ٿئي آيو، چاچا خانڻ جا ڪپڙا فاٽل، وار وڏا بوچ، نظر ٿئي آيا سندس هٿ ۾ ھڪ بوتل هُئس اُن بوتل ۾ سائي رنگ جو پاڻي اڌ تائين نظر ٿئي آيو. پوءِ مان چاچا خانڻ ڏانھن هليو ويس ۽ کيس چيو... ”چاچا اوهين پنهجا ڪهڙا حال ڪري ڇڏيا آھن؟ ۽ سمبارا ڪٿي آھي؟ چاچا وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ چيو... ” هوءَ سرمد جو انتظار ڪري رهي آھي، هيءَ دوا پيءُ انتظار جي دوا اٿئي! ڪڏھن وڏا ٽھڪ پئي ڏنائين ته ڪڏھن وري وڏا ريحاٽ پئي ڪيائين. پوءِ اُتي اسانجي اسڪول جو ماستر مُراد آيو. اُن مونکي ڏسي چيو... ”پٽ تون سرمد آھين نه! ”ها سائين، بلڪل مان سرمد آھيان توهان جو شاگرد! ”پٽ اِلاهي عرصي کانپوءِ پنهجي وطن وريو آھين. مون ماستر مُراد کان پڇيو... سائين چاچا خانڻ کي ڇا ٿيو آھي؟ ”پٽ توکي خبر ڪونھي! ”نه سائين مونکي ڪجھ به سمجھ ۾ نٿو اچي! ”پٽ تنهجي وڃڻ جي ڇھن سالن کانپوءِ خانڻ سمبارا جي شادي ڪرائڻ ٿئي چاهي اُهو به ميرو موالي سان ميرو وارن کائينس جِريب زمين جو ڏيڻي ڪيو پر سمبارا انڪاريندي چيو ته مان شادي ڪنديس ته صرف سرمد سان، پوءِ ميرو موالي ۽ خانڻ اُن ڳالھ تان روز سمبارا تي تشدد ڪندا هئا. ايتري قدر جو سمبارا کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو هو سمبارا گهڻيون ڪوششون ڪيون پر خانڻ سندس هڪ به نه ٻُڌي ۽ ميرو موالي سان نڪاح ٿئي ڪرايائين، جڏھن شام جي وقت سمبارا سان ميرو جو نڪاح ٿي رهيو هو ”ته، ائين چئي ماستر مُراد خاموش ۽ وياڪل ٿي ويو، مان وري کائنس پڇيو... ” ته، سائين ڇا؟ ٻڌايو نه پوءِ ڇا ٿيو؟ ”ماستر مُراد چيو... ”پٽ سمبارا زھر پي پنهجي پاڻ کي ماري ڇڏيو! مان دوزخ جي دريا ۾ ڪِري پيس، دنيا جا سڀ ڏکوئيندڙ درد ڄڻڪ منهجي دل تي چمڀڙي ويا ۽ مان سمبارا جي درد ۾ جلندو رهيس، منهجي اکين مان ڳوڙھا نهرن جيان وھڻ لڳا. ماستر مراد چيو... ”پٽ سمبارا توکي ڪيئي خط لکيا پر اُهي تو تائين پهچي نه سگهيا. تنهجي پيءُ وڏيري واتان پوسٽ مين کي دٻرائي ڇڏيو هو ته سمبارا جا خط سرمد ڏانهن ڊاڪ نه ڪري! مان ڌرتي تي ڪِري پيس ۽ زور زور سان وڏا ريحاٽ ڪيا ”سمبارا ”سمبارا! ماستر مُراد اُتان هليو ويو. مان سامهون ويٺل خانڻ خوني کي چيو...” اڙي سمبارا جا قاتل ڪٿي آھي منهجي سمبارا ؟ اُن آڱر کڻي سامهون ٿورڙو نظر ايندڙ ھڪ قبر ڏانھن اِشارو ڪيو. او هوءَ سُتي پئي آهي! نه اُٿارجانس، مونکي چيو هيائين ته صرف مونکي سرمد ئي اُٿاري سگهي ٿو! مان خانڻ کان اُها بوتل کسي جيڪا زهر سان اڌ ھئي، اُها بوتل کڻي مان سمبارا جي قبر تي ويس ۽ اُتي وڏا ريحاٽ ڪري چيم... ”سمبارا او سمبارا! تڏھن قبر منجهان آواز آيو، ”سرمد تون موٽي آيو آھين,! ”ها سمبارا مان موٽي آھيو آھيان توساڻ جئيڻ لاءِ اُٿي سمبارا اُٿي. ”پر سرمد مان خدا جا قانون نٿي ٽوڙي سگهان، مان نٿي اُٿي سگهان! ”پر سمبارا تو ائين ڇو ڪيو؟ ”مان توکي چيو هو نه، ته سرمد جي سمبارا تنهجو نه ٿي سگهيس ته ڪنهجو بـه ڪو نه ٿيندس، پوءِ ڪيئن وائده خلافي ڪيان ها! ”پر سمبارا مان به توکان سواءِ هاڻ جئيڻ نٿو چاهيان! پوءِ ساگر هليا ته سچي جهان ۾ پنهجو ڪو نئون جهان جوڙيون! پوءِ مان اڌ زهر سان ڀريل بوتل مونهن تي چاڙهي ڇڏيو ۽ ڇھ سال اڳ بچايل اڌ بوت کي خالي ڪري ڇڏيو. آھسته آھسته منهجيون اکيون بند ٿيڻ لڳيون ۽ منهجو روح سمبارا ڏانهن هليو ويو، بس جي اِن ڪوڙي جهان ڪجهه باقي بچيو تـه اُهو هڪ خالي بوتل بچيو جنهن آخر ۾ مونکي ۽ سمبارا کي پاڻ منجھ ملايو.