شفيق الرحمان شاڪر اقبال توڙي جو عقل جي مقابلي ۾ عشق جي برتريء جوقائل آهي پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته هو عقل جو مخالف آهي.بلڪ هو هڪ مقرر حد تائين عقل جي اهميت جو قائل آهي تنهن هوندي به اهو صحيح آهي ته اقبال عشق کي عقل تي ترجيح ڏئي ٿو ڇوته هن جي ويجھو عشق سان ئي ڪامل علم بصيرت حاصل ٿئي ٿو.ان کانسواء سندس خيال ۾ زندگيء جي سموري سونهن ۽ رونق عشق سان ئي آهي.علم ۽ عقل سان انسان سندس منزل کان واقف ته ٿي سگھي ٿو پر عشق سوا منزل تي پهچي نٿو سگھي. ”عقل گو آستان سي دور نهين، اس ڪي تقدير مين حضور نهين.“ توڙي جو عقل منزل کان پري ناهي پر عقل جي نصيب ۾ منزل حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ڪانهي. توڙي جو عام طور تي عقل کان ئي رهنمائيء جو ڪم ورتو ويندو آهي پر عشق عقل کان وڌيڪ ادراڪ جو صاحب آهي. “زمانه عقل ڪو سمجها هوا هي مشعل راه، ڪسي خبر ڪي جنون ڀي هي صاحب ادراڪ.“ اقبال کي سندس رازدانن کان شڪايت آهي ته اهي ان جنون کان محروم آهن،جيڪو عقل کي ڪارسازيء جي راهه ۽ رسم سيکاري سگھي. ”تري دشت و در مين مجهه ڪو وو جنون نظر نه آيا، ڪي سکا سڪي خود ڪو راه و رسم ڪارسازي.“ عشق جي نور سواء علم ۽ عقل جي مدد سان دين يا تهذيب جي جيڪا به تشريح ڪئي ويندي اها ڪڏهن به حقيقت تي ڳري پئجي نٿي سگھي.عقل تصورن جو بتخانو ته جوڙي سگھي ٿو پر زندگيء جي صحيح رهبري ڪري نٿو سگھي. ”عقل ودل و نگاه ڪا مرشد اولين هي عشق، عشق نه هو شرع ودين بت ڪده تصورات.“ اقبال جي نزديڪ عقل جي ڪمزوري اها آهي جو ان ۾ مستن واري جرئت جي کوٽ آهي.جيستائين عشق عقل جو ڀرجھلو نه بڻجي اهو اڳتي وڌي نٿو سگھي.عقل سببن جي ڄار ۾ ڦاسي اصل حقيقت کان پري رهي ٿو.ان مان ثابت ٿيو ته اقبال سراسر عقل جو مخالف ناهي.سو انساني تاريخ شاهد آهي ته اهي سمورا مامرا جن سان قومن جي زندگي بدلجي ويئي اهي ڪنهن نه ڪنهن جذبي تحت عمل ۾ اچن ٿا،انهيء ئي خيال کي اقبال هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ته “ بي خطر ڪود پڙا آتش نمرود مين عشق، عقل هي محو تماشائي لب بام ابهي.“ زندگيء جو اهو گھاء جنهن کي عقل ڀري نٿو سگھي تنهن کي عشق پنهنجن ڪرامتن سان بنان ڪنهن دوا ۽ ملم جي چاڪ ڪيو ڇڏي. “ وو پراني چاڪ جنهين عقل سي سڪتي نهين، عشق سيتا هي انهين بي سوزن و تار رفو.“ عقل جي عياري ۽ چالاڪي ۽ عشق جي سادگي ۽ سچائيء کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس. “عقل عيار هي سو ڀيس بدل ليتي هي، عشق بيچاره نه ملا هي نه زاهد نه حڪيم.“ روحاني ترقي جنهن کي اقبال انساني زندگيء جو اصل مقصود سمجھي ٿو اها عشق جي رهبريء سواء ممڪن ئي ناهي ۽ انهيء رستي ۾ اقبال عقل ۽ علم کي سڃو ۽ هٿين خالي سمجھي ٿو.هن خود پاڻ به اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته ” خرد ني مجهي عطا ڪي نظر حڪيمانه، سکائي عشق ني مجهه ڪو حديث رندانه.“ ڪڏهن ڪڏهن عقل جي نگهباني ۽ نگراني انسان کي گھڻو تنگ ڪري ٿي خاص طور تي جڏهن عقل تنقيد کي ئي پنهنجو نصب العين بنائي ڇڏي.اهڙن موقعن تي اقبال پنهنجن عملن جو بنياد عقل جي بدران عشق تي رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ”عقل ڪو تنقيد سي فرصت نهين، عشق پر اعمال ڪي بنياد رک!“ ڪڏهن ڪڏهن اقبال جي ضمير ۾ تڪرار ٿيڻ لڳي ٿو ۽ کيس احساس ٿئي ٿو ته عشق ئي حق آهي ۽ عقل ان جي ڀيٽ ۾ اهو ئي درجو رکي ٿو جيڪو رسول عربي صلي الله عليه وسلم جي مقابلي ۾ ابولهب جو هو. ” تازه ميري ضمير پر معرڪه ڪهن هوا، عشق تمام مصطفيٰ، عقل تمام بولهب.“ ظاهر آهي ته اهڙي صورت ۾ عقل کان ڪنهن قسم جي رهنمائيء جي اميد رکڻ اجائي آهي.اهو ئي سبب آهي جو اقبال عشق کي عقل کان مٿانهون ۽ برتر قرار ڏئي ٿو.جيڪر اقبال جي تصور عشق جي باري ۾ هڪ جملي ۾ ڳالهه ڪئي وڃي ته علامه جي شعر جي هڪڙي مصرع ۾ ئي ڳالهه مڪمل ڪري سگھجي ٿي. ”عشق ڪي ايڪ جست ني ڪرديا قصه تمام“ اهو ئي سبب آهي جو اقبال عقل بدران عشق کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏئي ٿوجنهن جي هڪڙي ڇلانگ سان سمورو قصو ختم ٿي سگھي ٿو جنهن پنڌ کي انسان اڻ کٽ سمجھي ٿو اهو عشق جي ڇلانگ سان انسان طيء ڪري سگھي ٿو. ان تفصيل مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اقبال جو عشق جو تصور اردو ۽ فارسيء جي ٻين شاعرن کان ڪيترو مختلف آهي.اقبال مطابق عشق،رڳو مجبوري ۽ بيچينيء واري ڪيفيت،جنسي هيجان ۽ متيون وڃائڻ جو نالو ناهي پر هن جي نزديڪ عشق نالو آهي هڪ ڪائناتي قوت حيات جو ۽ عمل جي جذبي سان سرشاريء جو.