وارھ واسين جي جدوجهد نيٺ رنگ لاٿو. ڪامريڊ منان چانڊيو.

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    خلق خدا جاڳي پوي ته ھر جدوجهد ڪامياب ٿي سگھي ٿي
    ڪامريڊ منان چانڊيو.

    وارهه تعلقي جي عوام، سياسي، سماجي ڪارڪنن، پورھتن، مذدورن، ۽ ھارين اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته جيڪڏھن خلق خدا جاڳي پوي ته ھر اھا جدوجهد ڪامياب ٿي سگھي ٿي، جيڪا جائز، قانوني ۽ آئيني حقن لاءِ ھوندي آھي. وارهه واسين به پاڻي جي بنيادي انساني حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، ۽ ھاڻي جڏھن وارهه جي شاخن ۾ پاڻي آيو آھي ته ھر ماڻھوءَ کي ائين محسوس ٿي رھيو آھي ڄڻ ان جي سڪل چپن ۽ نڙيءَ تائين پاڻي پھتو آھي. سچ پچ ته ھي گھڙي اسان لاءِ واقعي به عيد وانگر آھي جئين ڪوشش اخبار لکيو آھي.
    وارھ تعلقي جي يوسي ميرپور، يوسي کنڊو، يوسي حمل، يوسي جوڻاڻي، يوسي حامد، واھ جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪندڙ وارھ بئراج مان نڪرندڙ مختلف شاخن جهڙوڪ پنهوارو، ڪنور، نصير، پنا، نواب، شاخن تنيامائينر، حامد مائينر، ڪڙيو سبڙ خان مائينر ۾ گذريل ستن اٺن مهينن کان وٺي پاڻي جي کوٽ خلاف متاثر علائقن جا آبادگار دانهون ڪندا رهيا، پر افسوس ته خريف جو فصل ڄاڻايل ايريائن ۾ ڪونه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ جيئن ئي ربيع جي موسم شروع ٿي تڏهن به مزڪوره شاخن ۾ پاڻيءَ بجاءِ واري اڏامڻ لڳي. اهڙي خطرناڪ صورتحال کان پوءِ متاثر آبادگارن ۽ وارھ شھر سان تعلق رکندڙ سياسي سماجي، مذھبي، ادبي ڌرين توڙي ننڍن وڏن واپارين ۽ دوڪاندار تنظيمن اڳواڻن گڏ ٿي پاڻي جي فراهمي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي هئي، اها تحريڪ مسلسل 32 ڏينهن تائين جاري رهي جنهن جي نتيجي ۾ سمورين شاخن ۾ ڪنهن حد تائين پاڻي پهچي ويو آھي، پاڻي جي آمد تي علائقي واسي خاص ڪري آبادگار ڏاڍا سرها ٿيا آھن، پاڻ ان ڊگهي ۽ ڪامياب جدوجهد تي نظر وجهنداسين ته ڪيترائي عجيب و غريب ۽ تلخ طور طريقا نظر ايندا، ان سڄي صورتحال تي لکڻ کان پهريون اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجهون ٿا ته تعلقو وارھ هن وقت چانڊيا سردارن کي انتظامي مالي ۽ سياسي طرح مال غنيمت ٿي مليل آھي، مزي جي ڳالھ ته هن وقت پي ايس 17 تان نوابزاده برهان خان چانڊيو ايم پي اي چونڊيل آھي ۽ اين اي 207 جنهن ۾ وارھ تعلقو به اچي وڃي ٿو اتان وري هڪ ٻيو ڀوتار مير عامر خان مگسي ايم اين اي چونڊيل آھن، وارھ واسين جي بدقسمتي چئجي يا خوش قسمتي جو هن وقت ٻئين چونڊيل عيوضي نوابزاده آھن، مزي جي ڳالھ ته اهي حضرات پنهنجي ووٽرن ۽ تڪ واسين کان مڪمل طورتي لاتعلق ۽ پنهنجي قانوني جمهوري ذميوراين کان پڻ بي خبر آھن. هتي عجيب و غريب يا وري درد ڪٿا اها به آھي ته جڏھن همراھن جا ووٽر سندن بنگلن تي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ دردن جون دانهون کڻي وڃن ٿا ته انهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنگلن ٻاهران بيهاريو وڃي ٿو، ۽ ان کان پوءِ شاهي محلن ۾ داخل ٿيڻ شرطِ سڀ کان پهريون ووٽر پنهنجي چونڊيل عيوضين جي پيرن تي هٿ رکن ٿا ۽ وري جڏھن قسمت سان هو پنهنجي تڪ جي شهرين ۾ جوڙايل عاليشان بنگلن ۾ اچن ٿا ته تڏھن به ويچارا ووٽر هنن جا پير ڇهن ٿا، افسوس ان ڳالھ جو آھي ته جمهوري سسٽم جي حساب کان هر چونڊيل عيوضي پنهنجي پنهنجي تڪ واسين جو خدمتگار هوندو آھي پر اسان وارا همراھ وري پنهنجي ووٽرن کي غلام محسوس ڪندي پاڻ کي آقا سمجهن ٿا جيڪا روش جمهوري نظام جي خلاف آھي.
    بحرهال ڳالھ پئي ڪئي سين وارھ واسين جي جدوجهد جي ته آخرڪار ان جدوجهد رنگ لاتو ۽ 32 ڏينهن مٿي ڄاڻايل شاخن ۽ پاڻي ڪنهن حد تائين پهچي چڪو آھي ۽ آبادگار ڪڻڪ جي پوکائي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آھن.تعلقي وارھ جي متاثر آبادگارن جي ان ڊگهي هلايل تحريڪ دوران ڪيتريون ئي تعجب خيز ڳالهيون ۽ طور طريقا به ٿيندا رهيا، مثال طورتي جدوجهد جي پهرين هفتي دوران حڪمران ڌر سان لاڳاپيل ڪجھ آبادگادگارن ۽ مخصوص ماڻھن تعلقي سان تعلق رکندڙ ھڪ وڏي زميندار ۽ ٺيڪيدار جي فرمائش تي منير موريو کي بطور انجنيئر مقرر ڪرايو جيڪو ان ارب پتي شخصيت جو خاٽو پٽ آھي، انکي ساڻ ڪري ٽائون ڪاميٽي وارھ جو چيئرمين ۽ سندس پوري ڪائونسل احتجاجي ڪئمپ تي پهتي ۽ اڳواٽ طئي ٿيل فارمولي موجب آبادگارن ۽ شھر واسين جي جدوجهد ۾ اختلاف پيدا ڪرائي ڇڏيا جنهنجي نتيجي ۾ ڪي مخصوص ماڻهن ۽ آبادگارن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، پر باقي آبادگارن ۽ ٻين ڌرين احتجاج جاري رکڻ جي عزم کي ورجائيندي اڳي کان به وڌيڪ ۽ اثرائتي جدوجهد ۽ جاکوڙ جاري رکي ان سگهاري تحريڪ کي اڃان وڌيڪ همايت ان وقت ملي جڏھن جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين محترم رياض چانڊيو وارھ شھر ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ان سڏ کي مڪمل موٽ ملي ۽ هزارين ماڻھو شھيد فاضل راهو چونڪ وارھ تي چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا ان ڌرڻي کي مقامي آبادگارن، سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن کان سواءِ رياض چانڊيو پ پ ورڪرز پارٽي جي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قومپرست عورت اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي ۽ ممتاز رڏ پڻ خطاب ڪيو، اهڙي شاندار هڙتال ۽ ڌرڻي کان پوءِ وارھ واسين جو آواز مٿين ليول تي پهچڻ کان پوءِ ڪيترين ئي مشهور سنڌي اخبارن ايڊيٽوريل ۽ اسٽوريون شايع ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ جتي جدوجهد ڪندڙن جا حوصلا بلند ٿيڻ لڳا اتي وري حڪمران ڌر جي ڪن مخصوص فردن سڄي تحريڪ کي هائجيڪ ڪرڻ لاءِ ايم اين اي مير عامر مگسي کي ساڻ ڪري احتجاجي تحريڪ هلائيندڙن جي اڳواڻن سان ملڻ انسان دوست فورم جي آفيس تي پهتو. سندس پهچڻ کان اڳ ۾ تحريڪ جي ڪيترئي ئي روح روان جي راءِ هئي ته مگسي صاحب سڀاڻي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي سمورن آبادگارن ۽ شھر واسين جي روبرو پنهنجي ڪمين ڪوتاهين جو اعتراف ڪري ته پوءِ ئي احتجاج ختم ڪجي پر ان راءِ کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ همراھ ولر ماڻھن جا ساڻ ڪري هڪ فاتح واري انداز ۾ اچي ڪرسي والاري ۽ سندس خاص ماڻھو ساڄي کاٻي بيٺا رهيا، هتي توجع طلب ڳالھ اها به آھي ته مير صاحب فرمائيندي چيو ته مونکي وارھ تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽيءَ جي باري ۾ ڪا به خبر ڪانهين مونکي ادي نادر خان مگسي چيو ته تون وڃي وارھ واسين جا مسئلا ٻڌ، پاڻ کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هو وارھ واسين جي دردڪٿا ٻڌڻ بجاءِ پنهنجا فرمان جاري ڪندو رهيو سندس اهڙي اڍنگي ۽ غير جمهوري روش جي آءُ هڪ آبادگار جي حيثيت ۾ کائنس ڪجھ وضاحتون گهريون ته هو تپي باھ ٿي ويو ۽ مونکي چوڻ لڳو ته تون ڪير ٿيندو آھين مونکان وضاحتون وٺڻ وارو؟ ته مون کيس چيو ته تنهنجي ووٽر ۽ متاثر آبادگار جي صورت ۾ مونکي اهو قانوني، جهموري ۽ اخلاقي حق ٿئي ٿو ته توهان چونڊيل عيوضي جي ناتي تڪ واسين جا خدمتگار آھيو نڪي ڀوتار بحرهال هن جي ان بي رکي عمل تي هتي لطيف جي هڪ ڀيت جي سٽ لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
    )جو وڙ جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن) بحرهال هي سٽون لکڻ کان ٿورو وقت اڳ وارھ واسين جي ڪامياب جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، ايس ٽي پي، سميت آبادگارن شهر واسين هڪ شاندار ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ کان پوءِ شھيد فاضل راهو چونڪ تي احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻن، ڪامريڊ منان چانڊيو، غفار ميرجت، نجيب تنيون، احمد خان ڇٽو، مجيب معرفاڻي، ۽ ٻين وارھ واسين جدوجهد جي ڪاميابي تي سڀني آبادگارن دوڪاندارن سياسي سماجي ڌرين کي مبارڪ باد پيش ڪرڻ کان پوءِ وارھ شھر مان گذرندڙ پنا شاخ جي وهندڙ پاڻي کي گلن جي ڀيٽا ڏني ۽ هو اهڙي طرح خوش ٿيڻ لڳا ڄڻ ته ڪي عيد جو چنڊ اڀري آيو هجي. آخر ۾ اسان هن جدوجهد ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح شامل ٿيندڙن کي هڪ دفعو ٻيهر به واڌايون پيش ڪندي اها توقعات ٿا رکون ته آئينده به پنهنجو پاڻ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ايئين ئي خود اعتمادي ۽ پنهنجو پاڻ عوام کي ارپڻ واري جذبي سان اڳتي وڌندا رهن.
     
    آخري ترميم: ‏14 نومبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو