شفيق الرحمان شاڪر مغل سلطنت جي شهنشاهه اورنگزيب عالمگير لاهور ۾ هڪ عاليشان مسجد جوڙائي جنهن کي بادشاهي مسجد چيو وڃي ٿو.اها پاڪستان توڙي ڏکڻ ايشيا جي ٻي وڏي مسجد ۽ دنيا جي پنجين وڏي مسجد شمار ٿئي ٿي.فيصل مسجد جڙڻ کان اڳ ان مسجد کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي مسجد هئڻ جو درجو حاصل هو.ان ۾ ڏهه هزار نمازي اندر ۽ ڏهه هزار آڳر ۾ نماز ادا ڪري سگھن ٿا.ان جو آڳر دنيا جي مسجدن مان سڀ کان وڏو آڳر آهي.ان جا مينار تاج محل جي مينارن کان 13 کان 9 فٽ اوچا آهن.مسجد جو آڳر 278،784 چورس فٽ ويڪرو آهي جنهن ۾ تاج محل جو پورو پليٽ فارم سمائجي سگھي ٿو.ان جي اڏاوت مئي 1671ع ۾ شروع ٿي اپريل 1673ع ۾ مڪمل ٿي.ان جي نگراني لاهور جي ان وقت جي گورنر مظفر حسين جيڪو اورنگزيب جو رشتي جو ڀاء هو تنهن ڪئي.مسجد کي بادشاهه جي حڪم تي لاهور قلعي جي بلڪل سامهون جوڙيو ويو ته جيئن بادشاهه کي اچڻ وڃڻ ۾ آساني رهي.ان مقصد لاء قلعي ۾ هڪ خاص دروازو به جوڙيو ويو جيڪو عالمگيري دروازي جي نالي سان مشهور آهي.راجا رنجيت سنگهه جي دور ۾ ان مسجد جو نهايت غلط استعمال ٿيو.سڄي مسجد کي گھوڙن جو اصطبل ۽ اسلحه خانو بنايو ويو،چئني گنبذن جا مينار توپن لاء استعمال ڪيا ويا جنهن سان انهن کي سخت نقصان پهتو.انگريزن جڏهن سکن کي شڪست ڏني ته مسجد جي استعمال کي به واپس بحال ڪيو ويو.1852ع کانپوء مسجد جي مرمت جو ڪم شروع ٿيو ۽ مسجد ۾ نماز جا اجتماع ٿيڻ لڳا.1939ع کان 1960ع تائين ان مسجد جي مرمت ٿيندي رهي ايستائين جو مسجد پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويئي.مرمت جو ڪم زين يار جنگ جي هٿان سرانجام ڏنو ويو.22 فيبروري 1974ع ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي 39 ملڪن جي سربراهن هتي جمع نماز ادا ڪئي.مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز آزاد امامت ڪئي.ان مسجد جي مکيه دروازي اڳيان هڪڙو ننڍڙو عجائب گھر آهي جنهن ۾ حضور ڪريم صلي اللٰه عليه وسلم،حضرت علي رضي الله عنه ۽ حضرت فاطمه رضي الله عنها جا تبرڪات رکيل آهن.2000ع ۾ ڪجهه مرمت ۽ سينگار جو ڪم وري شروع ٿيو.سنگ مرمر جون ٽائلز لڳايون وييون ۽ 2008ع ۾ ڳاڙهي پٿر جون ٽائلز پڻ لڳايون وييون.اهي پٿر پراڻن پٿرن سان ملندڙ جلندڙ هئا جيڪي راجستان مان گھرايا ويا هئا. بادشاهي مسجد جي ڊزائين جامع مسجد دهليء جي طرز تي آهي جنهن ۾ اسلامي،ايراني،وچ اوڀر ۽ هندستاني عمارت سازيء جا گڏيل اثر پاتا وڃن ٿا.مکيه دروازي جي ڏاڪڻ سنگ علويء جي جڙيل آهي جيڪو سنگ مرمر جو هڪ قسم آهي.اصل مسجد جي ڇت ستن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي جيڪا محرابن تي مشتمل ستن گنبذن تي ٻڌل آهي.وچان ٻه گنبذ ٻيڻي اوچائيء جا آهن.وچان ٽيئي گنبذ اڇي سنگ مر مر جا آهن.مسجد جو مکيه هال جتي امام بيهندو آهي اتي چٽساليء جو بهترين ڪم ٿيل آهي.ديوارن ۽ ڇت جي روغني آرائش ۽ جڙائيء جو ڪم به نهايت صفائيء سان ٿيل آهي.گلن ڦلن ۾ ڪنول جا گل اڇي سنگ مر مر سان ڳاڙهي پٿر ۾ سجايا ويا آهن.گلڪاريء جي ڊزائين هندي،يوناني،وچ ايشيا جي عمارت سازيء سان هڪجهڙائي رکي ٿي.انهيء نقش نگاريء ۽ عمارت سازيء ۾ توازن جي لحاظ کان اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪو دروازو ناهي ڪڍيو ويو ڇو ته اتر ۾ راوي دريا وهندو هو جنهن ڪري دروازو جڙي نٿي سگھيو تنهن ڪري ڏکڻ ۾به ڪودروازو ناهي ڪڍيو ويو.ديوارون ڳاڙهين سرن مان چن جي گاري سان جوڙيون وييون آهن.اصل فرش ڳاڙهين سرن جو جڙيل هوپر بعد ۾ مرمت دوران ان ۾ ڳاڙهو پٿراستعمال ڪيو ويو آهي.مکيه هال ۾ جيڪا سنگ مرمر استعمال ڪئي ويئي آهي تنهن کي ”سنگ ابري“ به چيو وڃي ٿو.قرآني آيتون رڳو ٻن جڳهن تي لکيون وييون آهن.هڪڙو مکيه دروازي تي ۽ ٻيو محراب ۽ ممبر تي ڪلمو لکيل آهي. علامه اقبال جو مقبرو بادشاهي مسجد جي مکيه دروازي وٽ حضوري باغ ۾ ڏاڪڻين سان گڏوگڏ آهي.اهو مقبرو مستظيل شڪل ۾ ڳاڙهي پٿر مان جڙيل آهي.اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ هڪ هڪ دروازو آهي ۽ اتر واري ديوار ۾ سنگ مرمر جي جالي لڳل آهي.مزار جي اندر علامه اقبال جي ڪتاب ”زبور عجم“ مان ڪجهه شعر خوبصورت خطاطيء سان لکيل آهن.مزار جو سنگ مرمر افغانين طرفان تحفي ۾ ڏنو ويو هو.لوح مزار تي قراني آيتون لکيل آهن.مقبري جو ڪم تيرهن سالن ۾ مڪمل ٿيو هو.تعمير ۾ دير جو سبب اهو هو جو هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڳي سبب جيپور مان پٿر اچڻ بند ٿي ويو هو.اهو اهوئي پٿر آهي جيڪو بابر بادشاهه جي مزار ۾ استعمال ٿيو آهي.ان کي ”ليپز لزولي“ چيو وڃي ٿو. بادشاهي مسجد اڄ به مغلن جي شاندار فن تعمير ۽ سندن رعب ۽ دٻدٻي جي تصوير آهي.مغلن جي فن تعمير جو اهو ڪمال آهي جو ان جي چئني گنبذن تي چڙهي ڪجهه ڪلوميٽر پري جهانگير جي مقبري جي مينارن کي ڏسبو ته رڳو ٽي مينار ئي نظر ايندا ۽ چوٿون مينار نظرن کان لڪي وڃي ٿو.اهڙيء طرح جهانگير جي مقبري کان بادشاهي مسجد جي مينارن کي ڏسبو ته اتان به صرف ٽي مينار نظر اچن ٿا ۽ چوٿون مينار نظرن کان لڪيو وڃي.