داتا جي نگريءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    داتا جي نگريءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟
    داتا جي درٻار ۾ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا، ڪيترا زخمي ٿيا، اها ڄاڻ نيوز چئنل اپ ڊيٽ ڪندا رهن ٿا، هونءَ به هاڻي آپگهاتي بمبارن جي ماريل ماڻهن جو معاملو ڳڻپ کان چڙهي ويو آهي، بلڪه هاڻي ته آپگهاتي بمبارن جو معاملو به ڳڻپ کان چڙهيل آهي. اڳ ۾ سمورو فوڪس ملڪ جي فقط هڪڙي صوبي تي هو ته آپگهاتي بمبارن جي نرسري ان خاص صوبي ۾ وڌي ويجهي رهي آهي، پر ويجهن ڏينهن ۾ پنجاب اندر ٿيل دهشتگرد ڪارروائين مان ظاهر ٿي ويو آهي ته ان جو ٻج پنجاب ۾ به گهڻي وقت کان اڇلايو ويو هو، جيڪو هاڻي فصل ٿي لڻجي رهيو آهي. ڪنهن کي ڪا خبر نٿي هجي ته ان جي پاڙي ۾ رهندڙ ڪنهن نوجوان جي ذهن ۾ ڇا پلجي رهيو آهي؟ هو ڪهڙيءَ سوچ جي ور چڙهي رهيو آهي؟
    لاهور/پنجاب جتي نسل در نسل داتا سان عقيدت جا داستان اسان به ورهين کان ٻڌندا پيا اچون، ان عقيدت کي خبر ناهي ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جو محبت جو درس ڏيندڙ داتا جي نگريءَ جي نوجوانن جي ذهنن ۾ هاڻي نفرت ڦٽڻ لڳي آهي. مزاجن زنده دل رهندڙ لاهورين جي دل هوريان هوريان ڇو ڪٺور ٿي رهي آهي؟ داتا جي نگريءَ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ان سوال تي سوچڻ جي فرصت شايد پنجاب جي سياسي قيادت وٽ به ڪونهي، جيڪا گورنر هائوس ۽ وزير اعليٰ هائوس درميان اختيارن جي ويڙهه ۾ مصروف آهي. ڪنهن وٽ ڪيترا اختيار هجن؟ اهو سوال به اهم، پر ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري ڪنهن وٽ هجڻ گهرجي؟ ان سوال تي ڪير به سوچڻ لاءِ تيار ڪونهي، نه وري ڪير اهڙي ذميواري کڻڻ کي پنهنجي حصي جو ڪم سمجهي ٿو. هو بس اختيار چاهين ٿا، ذميواري کڻڻ انهن جي ترجيح تي ڪونهي. پنجاب، جتي ”سستي روٽي“ واري سياست ته پنهنجي عروج تي آهي، پر ان سياست ۾ پوندڙن کي خبر ئي ناهي پئي ته ٻئي پاسي انساني جان ان روٽيءَ کان به سستي ٿيندي پئي وڃي. هن سانحي کان پوءِ به ڪير ڪا ذميواري نڀائڻ لاءِ شايد ئي تيار ٿئي، جيڪڏهن ڪير تيار ٿيندو ته وري به الزام تراشين لاءِ ئي تيار ٿيندو. اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان جيڪي اختيارن تي ايتري ويڙهه ڪريون ٿا، اهي صلاحيتون جيڪڏهن دهشتگردن سان ويڙهه تي سيڙائجن ته ان جا نتيجا وري به مثبت اچي سگهن ٿا. سياست جو جوهر ته اهو آهي ته عام ماڻهن کي فائدو ڏجي، پر اڄڪلهه جي سياست خود عام ماڻهوءَ لاءِ زحمت بڻجندي پئي وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته هتان جي سياست جي ترجيح تي عام ماڻهو ڪونهي، داتا جي دربار تي حاضري ڀري، ٻه گرهه لنگر جا کائي خوش ٿيندڙ عام ماڻهو جيڪڏهن ٿوري به ترجيح تي هجي ها ته ايئن داتا جا عقيدتمند زندگيون نه هارائين ها. هتي اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته داتا جي درٻار تي حملي جو خطرو ڪجهه عرصو اڳ ظاهر ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ درٻار کي بند به ڪيو ويو هو. ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته جڏهن وري هزارن جي انگ ۾ ايندڙ عقيدتمندن جي لاءِ دربار کوليو ويو ته پوءِ ان جي سيڪيورٽي به ان حساب سان هجڻ گهرجي ها، پر ان پاسي نه گورنر هائوس ڌيان ڏنو، نه وري وزير اعليٰ هائوس کي فرصت ملي، جو سوچي ته اتي غيرمعمولي سيڪيورٽيءَ جي ضرورت آهي.
    داتا جو درٻار، جتي محبت جون مرادون پوريون ٿيڻ مهل حاضريون ٿينديون آهن، يا وري محبت جي مراد ماڻڻ لاءِ باس خاطر حاضريون ٿينديون آهن، اتي هاڻي دهشتگردن جا پير پهتا آهن ته اها ڪا گهٽ خوفائتي ڳالهه ڪونهي. ان ڪري، جو رڳو پنجاب ئي نه، پر سموري ملڪ ۾ اهڙن سوين صوفي منش بزرگن جون مزارون آهن، جن پنهنجي زندگي فقط محبت ورهائڻ ۾ گذاري، هنن نه ڪنهن مذهب جي پرواهه ڪئي، نه ڪنهن نسل ۽ جنس جو امتياز رکيو، انهن بس انسانيت جي ڳالهه ڪئي، ۽ انسانن سان محبت جي ڳالهه ڪئي، ڇا انهن بزرگن جي درگاهن تي سيڪيورٽيءَ لاءِ هاڻي ڪهڙا خاص اپاءَ ورتا ويندا؟ داتا جي درٻار کان اڳ رحمان بابا جهڙي صوفي جي درگاهه کي دهشتگردن نشانو بڻايو هو.
    داتا درٻار تي حملي وارو سانحو اهڙو آهي، جنهن تي دهشتگردن جي جيتري مذمت ڪجي، سا گهٽ آهي، پر ان کان وڌيڪ اها ڳالهه آهي ته ڇا اسان رڳو مذمتون ڪندا رهنداسين، ۽ ايئن لاش ميڙيندا رهنداسين؟ جڏهن به ان قسم جون ڪي ڪارروايون ٿينديون آهن، تڏهن ڪا ٺوس قسم جي حڪمتِ عملي ٺهڻ بدران سياسي ڌريون هڪٻئي مٿان الزام بازيون ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي نااهليءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳنديون آهن، ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ معاملو ٿڌو ٿي ويندو آهي، شهيد ٿيندڙن جو ڏک بس انهن جي پونئيرن جي دلين ۾ سدائين لاءِ رهجي ويندو. سرڪار کي ڪا به ڳڻتي ناهي هوندي ته اهڙي ڪنهن ڏک کان جيڪي دليون بچيل آهن، انهن کي بچائي رکجي. هن وقت حڪومت ۽ خاص ڪري سموري سياسي قيادت کي ان پاسي انهيءَ ڪري به سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي، جو هاڻي محبت جي مرڪزن کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو ويو آهي، ۽ جيڪڏهن محبت جا مرڪز ويران ٿي ويا ته پوءِ باقي ڇا بچندو؟

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو