لطيفي لات جي تند تنوار

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    لاکڻي لطيف جي تند تنوار

    وحده لاشريڪ لهُ جن اتوسين ايمان
    تن مڃيو محمد ڪاراڻي,قلب ساڻ لسان
    اوء فائق ۾ فرمان اوتڙ ڪنهن نه اوليا
    شاھ عبدالطيف,
    جن ساراھ ڪئي جهرجنهگ وهي جن راضي ڪيو رحمان ۽ پوء روشن ٿا تن جا هي ٻئي جهان , جنهن رب جو نه ڪو ثاني آ نه ئي ڪو مٽ اهو واحد و احد آ سندس جي هڪڙائي ئي مڃو ٿا ان الله پاڪ جا ولي عبادتون ڪري رياضتون ڪري فنايت جي رطبي تي هي پهتا جن جو روحاني سير و سفر جاري وساري رهيو ئي رهيو آهي
    پاڻهين ئي پسي پاڻ کي پاڻهين ئي محبوب
    پاڻهين خلقي خوب , پاڻهين طالب تن جو
    شاھ عبدالطيف
    حضرت مخدوم سرور نوح رحمته الله عليه
    ۽ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي زيارتون جو گهڻي وقت کان شونق رهيو پيو هو سو اسان جي اها تمنا سائين محمد رفيق جمالي وڏيء فراخ دلي سان مون خاڪسار کي گڏي چاچو مشتاق چنا , عبدالستار پنهور, محرم چانڊيو , کي ساڻ ڪري سائين رفيق اسان سڀ جو رفيق ٿي دادو مان ولين جا پانديڙا ٿي نڪتاسين گاڏي جا ٽائر پنهنجي اسپيڊ سان ڦيرندا رهيا ولين جي مئي خانن جي وجهو ٿيندا وياسين
    سوري آ سينگارآڳهين عاشقن جو
    موڙڻ , موٽڻ ميهڻو ٿيا نظارا نروار
    ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي
    شاھ عبدالطيف
    پهريان حضرت مخدوم نوح سرور رحمته الله عليه جي روضي مبارڪ جي زيارت نصيب ٿي روضي اندر ٻيون به گهڻيون مزارو هيون جن ۾ مخدوم طالب المولا رحمته الله عليه جي مزار به هئي تقريبن هر مزار ڀر سان تختي به لڳل هئي مقصد ان روضي اندر ڪا عجيب ڪفيت پنهنجي اندر محسوس ٿي هئي سينو روحاني اذڪارن سان ڦاٽندي محسوس ٿيو هو بزرگن جي فيض جي پالوٽ جي ڇا ڳالھ ڪجي اتي عصر جي نماز جو وقت ٿي ويو هو نمازي ڪسر ادا ڪئي هئي صحن تي مريدن فقيرن ۽ پيرن جون به رونقون لڳيون پيون هيون ويڪري ۽ ڪشادي صحن تي ٽائلس ۽ ماربل جي وڇائي ٿيل زمين مٿان ائين محسوس ٿيو هو ته هنن بزرگن جو فيض هر ڀت هر ديوار هر سر مان ڄڻ منهنجي اندر پيو فيض جون لهرون پئي لڳيون شايد سا به نصيب جي ڳاله هوندي آ ڪنهن ڪنهن نصيب ٿئي اُتان پنهنجا قدم حضرت شاھ عبدالطيف جي درٻاري حاضري ۾ اچي سر نوائي اچي پهتاسين جتي ملي بنا ميلو متل هوندو آ تنبور جي تارون تي الله الله جي صدائون جون صدائون اُڀ ڏانهن وڃي رهيون هيون سي محسوس به انهن ئي ڪيون هونديون جن دل دنبورو هجي من ميڻ هجي روح ۾ عجيب ڪفيتون سان گڏ گڏ روحاني راز کلڻ جا ڪي ڪشف القبور وارائي ڄاڻيندا هوندا,
    مٺايون مٺو گهڻو ڪڙو ناهي ڪلام
    سڪوت ئي سلام پريان سندي پارجو
    شاھ عبدالطيف
    پرين جا ٻول مٺائي کان مٺا آهن ۽ هر گز ڪوڙا ناهن پرين جي طرفان ماٺ ئي سلام آهي
    سڪين ڪه سلام کي ڪرين ڪه نه سلام
    ٻيا در تن حرام , اي درجنهين ديکيو
    شاھ عبدلطيف
    پرين جي سلام لاء ڇو ٿو سڪين تون پاڻ ڇو نه ٿو وڃي سلام ڪرين, هي روحاني در ڏيٺو تن لاء ٻيا در حرام آهن ,
    انهن تنبوري جي تارون کي تنوارڻ وارن جون اڱريون ٽين يا چئين تارون جي مٿان رقس ڪري رهيون هيون آئون خاڪسار جڏهن برابر ۾ پويان وڃي ويٺوس ته ڪل ڪائنات پرين جي رهبري لڳي هئي جنهن جي خوشبوء تن من ۾ گرديش ڪندي محسوس ٿي هئي لڱن جا وار سنڌوء ڪنٺ تي ڄڻ لوا محسوس ٿيڻ لڳا جن کي واءُ جي هڳاءُ سان پريتم جي مئي پئي لڳي
    تان جو انهن روڳين جون اڱريون تنبوري جي تارن مٿان رقس ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو پوء انهن جا هٿڙا آسمان جي طرف بلند ٿيا ها هر مجبور هر پريشان لاء دعا جون صدائون هڻڻ هنن روڳي روحن پئي ڪيون آمين سان گڏ منهنجي هٿن به ان تنبوري جي تارون کي ڇوهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي ۽ ان ۾ ڪامياب به وئي هئي جنهن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ پڻ ڪيو ويو هو ,
    جڏهن سنڌڙي جي والي جهرجهنگ ۾ الله الله جون زربون لڳائڻ واري شهنشاھ ڊرٻين ۽ دڙن جي مٿان فڪر جي فرهي ۾ غرق ٿي اسان اڳيان روحانيت جي رازن کي وئکو ڪندڙ ڀٽائي سرڪار جي روضي اندر داخل ٿيندي مون ڀٽائي جا قدم پڪڙيا ها
    ساري رات سبحان جن جاڳي ڪيو ياد
    ان جي عبدالطيف چئي مٽي لڌو مان
    ڪوڙين ڪن سلام اڳهُ اچيو تن جي
    مون خاڪسار پنهنجي اندر لطيفن جي چرپر جو سمنڊ ڏٺو هو ڇو ته زيارت واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ مون نفي اثبات جون ززربون هيون هيون منهنجو مرشد حضرت خواجاھ خواجگان سائين نور احمد جان نقشبندي فرمائيندو هو نفي اثبات سڀني سبقن جو بنياد آهي سڀني سبقن کي هلائڻ ۾ ان جو ڪم آهي سو مون خاڪسار کي روحاني فيض جي جا پالوٽ ٿي سا منهنجي برداشت کان به مٿي هئي سو لطيفي قلب جي نيت و ڇڪ ڪري پنهنجي مرشد جي معرفت فيض جون رونقون جيڪي ڏٺيون سي بيان ڪرڻ کان مٿي آهن مراقبي ۾ داخل ٿيڻ کان پوء محفلون رچون نگاھ ولايت بادشاه جون مھڪون هيون خوشبوء انبر ائين محسوس ٿيون هيون جمالات و ڪمالات فنا في شيخ جون هڳاءُ ئي هڳاءُ ھيو
    سوڍي سر نيو هت, ڪرنگهر سکڻو
    راڻي جي رهاڻ کي سڪي ساه پيو
    پسان ڪين ٻيو, تو رء اکڙين سين
    شاھ عبدالطيف
    سڄڻ ته منهنجو ساه پاڻ سان کڻي ويو باقي هتي منهنجو خالي هڏن جو بت بچو آهي منهنجو روح پرين جي محبت ۾ پيو سڪي اي منهنجا پرين پنهنجي اکين سان تو کان سواء ٻيو ڪجه به نه ٿو ڏسان ,
    اندر جهڙ جهور وهي ٻاهر ڪڪر نه ڪوء
    وسائيندي وڃڙي , حب جنهن کي هوء
    لالڻ جنهين لوء تن اوڪاڻين نه اکيون
    شاھ عبدالطيف ڀٽائي
    عاشقن جي اندر تمام گهڻو جهڙالو آهي ٻاهر ڪو ڪڪر ئي ناهي جن کي محبت آهي تن مٿان عشق جون کينوڻيون مينهن وسائينديون جن جي مڪانن ۾ محبوب آهن تن جي اکين مان آب جاري آ تن جون اکيون سڪن ئي نه ٿيون
    تات ۽ طلب جون لهرون مراقبي اندر ڏٺيون هيون ۽ ان ڪفيت ۾ وقت جو به ڪو احساس ئي نه ٿيو هو تان جو ڪنن تي اللهُ اڪبر اللهُ اڪبرجو آواز پيو هو سو دعا کان فارغ ٿي آئون نماز ادا ڪئي ان کان پوء پنهنجي محبوب سنگت جون واپسي جون تياريون هيون سو شاه, حبيب کان موڪلائي اچي وري سائين ڀٽ ڌڻي جي قدمن تي هٿ رکي نيڻ اوشاقن سان قدم چمي اداس چهرو من ۾ متل پريتم جو سمنڊ کڻي فيض جي انبارن جون موجون لون لون ۾ مهڪي رهيو آهن ان وقت ٿي واپسي
    کرکڻا لاهي سور نه ستا ڪڏهين
    اوسيڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو
    شاھ عبدالطيف ڀٽائي
    -----------------------------------------------------------------
    اصغر علي جمالي/دادو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو