ڪامريڊ منان چانڊيو اڄ کان يارنهن مهينا اڳ ميهڙ شھر ۾ ڪن ڄاتل سڃاتل پيشور ڏوهارين ۽ ڪرائي جي قاتلن ڪجھ خردماغ قوتن جي چرچ تي هڪ طئي ٿيل قهري ۽ وحشي رٿا موجب چانڊيا تمندار ڪائونسل جي چيئرمين مختيار، سندس پيرسن والد ڪرم الله چانڊيو ۽ پٽ جيڪو انتهائي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل هيو يعني ڳڀرو جوان قابل چانڊيو کي هڪئي وقت سندن گهر ۾ بنا ڪنهن ڏوھ جي جديد هٿيارن سان گولين جي بوڇاڙ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.اهڙي وحشيت ۽ دهشت پويان شھيدن جي وارثن چانڊيا قبيلي جي نواب سردار خان ۽ سندس ڀاءُ نوابزاده برهان خان چانڊيو تي سنگين الزام هڻندي قتل جي سڌي ايف آءِ آر ڪرائي. جتي ٽن شھيدن جي وارثن نواب ڀائرن سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي اتي وري چانڊيا ڀائرن تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو ٻنهين طرفن کان ٿيندڙ احتجاجن ۾ شدت اچڻ کان سواءِ ڌريون ئي عدالت تائين پهچي ويون، يعني ڌرين طرفان پاڻ سان ناانصافي جون دانهون ۽ صدائون بلند ٿيڻ لڳيون، اهڙين جوابي احتجاجن تي ٽي بيگناھ انسانن جي ڀيانڪ قتل تي ڪن ڌرين ۽ فردن سياست چمڪائڻ يا پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جي به مزموم ڪوشش ڪئي، هتي اها ڳالھ صاف ظاهر آھي ته ٽي معزز ماڻھو قتل ٿيا جن جا قاتل ڪنهن به رياعت جا حقدار ڪونهن ٻئي ڳالھ ته ڪنهن به بيگناھ ماڻھو کي قتل ڪيس ۾ فاسائڻ به ڪا معمولي ڳالھ ڪونهين پر سڀ کان پهريون مقتولن جي وارثن سان همدردي ۽ همايت ڪرڻ هر باشعور ۽ باضمير ماڻھو جو قانوني، انساني ۽ اخلاقي حق پهچي ٿو جيڪو سنڌ واسين ادا ڪرڻ لاءِ ڪي ٽي بندر کان ڪراچي ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين شھيدن جي وارثن ام رباب چانڊيو صدام حسين ۽ پرويز چانڊيو جي آواز سان آواز ملائيندي سگهارو ڪيو، نه صرف سنڌ ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ٿيندو رهيو پر اسلام آباد کان به اڳتي لنڊن ۽ واشنگٽن تائين به آواز ٻڌڻ ۽ ٻرڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ ٽي جوابدار گرفتار ٿيا مگر مک جوابدار ۽ نواب ڀائر اڄ تائين گرفتار ڪونه ٿي سگهيا آھن، هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آھي ته مک جوابدار مرتضا چانڊيو روپوش آھي جڏھن ته چانڊيا ڀائر ضمانت تي حاضريون ڀري رهيا آھن مٿي ڄاڻايل عرصي دوران ان جيءُ جهوريندڙ سانحي جي ڪيس ۾ ڪيترائي موڙ يا وري اڻٿڻيون وارتائون سامنهون آيون، يعني ڪيس مان نوابن جا نالا خارج ٿيا وري داخل ٿيا ڪيس واسطيدار اي ٽي سي ڪورٽ مان سکر ڏانهن منتقل ٿيو، ام رباب چانڊيو انصاف جي حاصلات لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اڳيان پهريون ڪراچي ۽ پوءِ سکر ۾ ٻاڪاريندي رهي، ۽ ھاڻ وري ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ مان ٽرانسفر ٿي نارمل ڪورٽ يعني دادو سيشن ڪورٽ ڏانهن ٽرائل لاءِ پهچي ويو آھي، جنهن جو مطلب اهو به آھي ته ٽن گهر ڀاتين جو قتل دهشتگردي نه پر عام رواجي ڳالھ آھي، پاڻ سکر جي دهشتگردي روڪٿام واري ڪورٽ سڳوريءَ جي مان واري معزز جج صاحب جي اهڙي فيصلي مان وڏون ڪونه ٿا ڪڍون نه وري قانون ۽ ڪورٽن جي پيچيده قائدن جي پروڙ رکون ٿا، پر اها ڳالھ عالم آشڪار آھي ته مختيار، ڪرم الله ۽ قابل چانڊيو کي جديد هٿيارين جي گولين جو کاڄ بنايو ويو هڪ وقت ٽن انسان جو قتل سو به بينگاھ جيڪڏھن دهشتگردي ناهي ته پوءِ دهشت کي ڪهڙي ڪسوٽي تي پرکجي.جڏھن ٽي لاش ھڪئي وقت هڪ گهر ۾ رت سان لت پت هيا، جڏھن ڪلاشنخوفن جي سوين گولين جي آواز سان ميهڙ شھر جا ڪيترئي پاڙا گهٽيون ۽ چونڪ ڪنبدا رهيا ۽ اتي موجود ماڻھو دهشت مان هيڏي هوڏي ڀڄندا رهيا خاص ڪري ننڍڙا ٻارڙا پنهنجي امڙين جي ڇاتين سان ڇنبڙندي دانهون ڪندي سڏڪندا رهيا، جڏھن ٽن بيصقور انسانن جي قتل جي خبر ميڊيا تي نشر ٿي ته اها هولناڪ خبر پڙھڻ ۽ بيجان جسم ڏسندڙ ھزارين ماڻھن جي دل دهڪندي رهي، جڏھن ٽن انسانن جا جنازا ٽن کٽن تي قتار ۾ رکي سوين هزارين ماڻھو جنازا نماز پڙھڻ کان پوءِ شھيدن جي مغفرت لاءِ ڌڻي جي حضور ۾ کنيل هٿ ڏڪندا رهيا، جڏھن ٽن شھيدن جا لاش ميهڙ مان اباڻي قبرستان ڏانهن نيا پئي ويا ته رستي ۾ هزارين ماڻھو اهو افسوسناڪ منظر ڏسي خوف مان هڪٻئي کي ڳراٽڙيون پائيندا رهيا جڏھن ام رباب چانڊيو پنهنجي پياري بابا، ڏاڏا ۽ چاچا جي شفقت کان محروم ٿي هنن جي جدائي جو تصور ڪندي به ننڍ مان ڇرڪ ڀري ڏا ڏا ڏا ڏا، بابا بابا، چاچا چاچا ڪندي سڏڪا ڏئي سمورن گهر ڀاتين کي سوڳوار بنائي ڇڏيندي رهي ته ڇا اهي سمورا ڏکوئيندڙ لمحا دهشتگردي جي خطرناڪ اثرن کان بچي سگهندا، ڇا جڏھن ميهڙ جي سانحي جا بااثر جوابدار ڏھن، بندرهن هٿيار بندن جي سخت پهري هيٺ ڪورٽ سڳوري ۾ حاضر ٿيڻ بدران ڌاڪو ڄمائي وڃن، چوڻ جو مطلب به ته گذريل يارهن مهينن کان وٺي قاتل قوتن مقتول ڌرين سان جيڪو ڏاڍ ڏمر ۽ ڏھڪاوَ رکندا پيا اچن اهو سئو سيڪڙو دهشتگرديءَ جي زمري ۾ اچي ٿو، پر پوءِ به انصاف جي سونهري ڪرسيءَ تي برجمان بنيل معزز ماڻھن کي سڀڪجھ نارمل نظر اچي ٿو، اسان جو قاتل ڌرين سان ڪوبه ذاتي تڪرار ڪونهين پر انساني قدرن جي ناتي بيگناھ ماريل ٽن گهر ڀاتين جي وارثن سان هر قسم جي جائز همدردي ۽ مدد ڪرڻ هر هڪ باشعور، باهمت، باڪردار ڌرين توڙي فردن جو فرض بنجي ٿو، اسان جي ڄاڻ موجب متاثر خاندان سان جيڪو مختلف سياسي، سماجي ڌرين توڙي ادبي، مذھبي توڙي سول سوسائٽي وارن ۽ سڄاڻ فردن مختلف ميڊيائي ادارن ساٿ ڏنو ۽ جهڙي ريت هڪ مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو کي سنڌي ساڃاھ وندن پنهنجي نياڻي محسوس ڪندي مان ۽ مرتبو ڏنو آھي اهو هڪ مثال آھي باقي جيستائين پياري پوليس ۽ ڪورٽ سڳوري جي جنبش ۾ نه اچڻ جي ڳالھ آھي ته ان مان خلق خدا نه ڪالھ مطمعين هئي نه اڄ آھي نه وري سڀاڻي ٿيندي، ڇوته هنن جا طور طريقا عام سان هڪڙا ۽ خاص سان ٻيا رهندا پيا اچن جيڪو عمل اسان جي اڀري سڀري سوچ موجب ملڪي قانون ۽ انصاف جي تقاضا تي معزرت سان چوڻو پوي ٿو ته پورو ڪونه ٿو لهي، اسان کي اهو ٻڌايو ويندو آھي ته ملڪ جا سمورا رهواسي هڪجهڙا هوندا آھن ۽ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته قصور جي بيصقور نياڻي زينب جو قاتل ٽن مهينن اندر عبرت جو نشانو بنجي وڃي ٿو پر ميهڙ جي ٽن انسانن جا قاتل يارهن مهينن تائين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ اڀپيرا بيهي پنهنجي منطقي انجام تي ڪونه ٿا رسن