زندگانِ حيات: فيض احمد ”فيض“ 20- نومبر ورسي ۽ ”فيض ميله“ جي حوالي سان لکيل. ڪامريڊ ڪريم بلوچ ”مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ، مين ني سمجها ڪه تو هي تو درخشان هي حيات.“ فيض احمد ’فيض‘ جا وڏا، اٽڪل اَٺ ڪلوميٽر ناروال کان پري سيالڪوٽ ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ ڪالاڪدر جا آهن، جتي ٿورڙي زمين جا مالڪ جاٽ رهندا هيا. اُهي ٽيٽلي ذات سان مشھور هيا، جيڪي پاڻ کي چوڌري به سڏيندا هيا. فيض کي به چوڌري فيض احمد سڏيو ويندو هو. هن جي پيءُ جو نالو چوڌري سلطان احمد آهي. چوڌري سلطان ٻين ڀائرن کان مختلف هوندو هيو، هو روزانو ناروال پنڌ پڙهڻ لاءِ ويندو هيو. هن ضلعي ڪورٽ ۾ ڪم ڪندي هاءِ اسڪول جو امتحان پاس ڪيو. انھن ڏينھن ۾ چوڌري سلطان پنھنجي ڳوٺ جو پڙهيل لکيل ماڻھو سمجهيو ويندوهو. جڏهن زمين جي ورهاست ٿي ته چوڌري سلطان پنھنجي ڀائرن سان ڪاوڙ ۾ چِڙي، بغير ڪنھن کي ٻڌائڻ جي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو. پوليس توڙي ڳوٺ وارن هن جي گهڻي تلاش ڪئي، پر ڪنھن کي به هٿ نه آيو.ڳوٺ ۾ هن متعلق عجيب و غريب چؤٻول ٻڌڻ ۾ آيا پئي. پر گهڻي وقت کان پوءِ خبر پئي ته هو افغانستان جي امير عبدالرحمان جي درٻار ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. امير عبدالرحمان کي انگريزن جي حمايت حاصل هئي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ چوڌري سلطان افغانستان جو مير منشي يا چيف سيڪريٽري بڻجي ويو. چوڌري سلطان افغانستان مان ڪيترين ئي خوبصورت عورتن سان شاديون ڪيون، جن مان کيس ڌيئر ڄايون پر کيس پٽ جو اولاد نه ٿيو. هن ڪابل ۾ هڪ خوبصورت گهر ٺھرايو هو. چوڌري سلطان لاءِ ڪنھن هُلايو هو ته هو انگريزن جو ايجنٽ آهي، اها خبر ڪابل ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. امير عبدالرحمان هن ۾ شڪ ڪرڻ شروع ڪيا. ان کان اڳ جو افغانستان جو امير هن کي گهرائي ڪجهه چئي يا پڇا ڪري، هن ويس مٽائي مولوي جي روپ ۾ ڊورنڊ لائين ٽپي بمبئي هليو ويو. انگريزن سان ڊورنڊ لائين متعلق ڳالهه ٻولهه وقت چوڌري سلطان ، امير عبدالرحمان جي معاونت ڪئي هئي. چوڌري سلطان بمبئي کان سڌو برطانيه هليو ويو، جتي سندس شاندار استقبال ٿيو. ۽ هن جلد ئي شاهي گهراڻي سان پنھنجا تعلقات ٺاهي ڇڏيا هئا. چوڌري سلطان اردو، پنجابي، فارسي، عربي، انگريزي، پشتو ۽ روسي ٻولين ۾ مھارت رکندڙ هو. برطانيه ۾ هن ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ايم.اي انگريزي ادب ۾ ڪرڻ کانپوءِ قانون جي ڊگري به حاصل ڪئي. چوڌري سلطان کي خان بھادر جو لقب به مليو، جنھن ڪري سرگوڌا ۾ سندن تمام گهڻي زمين ملي. هن وڪالت جي شروعات سيالڪوٽ ۾ ڪئي. علامه اقبال هن جي ويجهن دوستن ۾ شامل هيو. ان ئي دؤر ۾ چوڌري سلطان امير عبدالرحمان جي بايوگرافي لکي ۽ وڪالت جي دؤران چوڌري سلطان ماءُ جي چوڻ تي هڪ پنجابي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. جنھن جو نالو ”فاطمھ“ هو. هن زال مان کيس چار پٽ ڄاوا ۽ نياڻيءَ جي اولاد نه ٿيس. سندس وڏي پٽ چوڌري طفيل احمد عليڳڙهه مان فزڪس ۾ ماسٽرس ڊگري ڪئي. ٻئي نمبر پٽ جو نالو فيض احمد رکيائين. ٽيون پٽ عنايت احمد بئريسٽر ٿيو ۽ سندس ننڍي پٽ جو نالو چوڌري بشير احمد رکيائين. چوڌري سلطان جي وڃڻ کانپوءِ امير عبدالرحمان کي احساس ٿيو ۽ هن، سندس زالون ۽ ڌيئرون لاهور اُماڻي ڏنيون. هن جي وفات کانپوءِ سندس ننڍي زال فاطمه نه رڳو پنھنجي پٽن جي سنڀال ڪئي پر افغاني زالن مان ڄايل ڌيئرن کي به اعلى تعليم ڏياري. فيض احمد ’فيض‘ انگريزي ۽ عربي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. هو فلاسافيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ وارو هيو ته هن کي M.A.O ڪاليج جي پرنسپال، ايم ڊي تاثير ڪاليج ۾ عربيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ڳوٺ ڪالاڪدر جي خوبصورت مسجد فيض جي پيءُ ٺھرائي هئي، جنھن جي دروازي تي فيض جو ”نعتيه شعر“ لکيل آهي. اهو شعر هن بيروت مان موڪليو هيو. جڏهن هو جلاوطني جي زندگي گذاريندو هو. فيض احمد ’فيض‘ جو جنم 7 جنوري 1911ع ۾ ٿيو. وفات 20 نومبر 1984ع ۾ ڪيائين. لاهور ۾ سندس آخري آرامگاهه آهي. هن ننڍپڻ سيالڪوٽ ۾ گذاريو. بنيادي اسڪول ”ميرا اسڪاچ مشن“ هو. سندس استاد شمس العلماءَ مولوي مير حسن، ڇھين- ستين درجي ۾ عربيءَ جو صرف و نحو پڙهايو. استاد مولوي ابراهيم مير سيالڪوٽي ان کان ابجد سِکي. ابتدائي ڪتاب ان کان پڙهيو. قرآن ۽ حديث جو درس به ان کان ئي حاصل ڪيائين. (ايف.اي) سيالڪوٽ مان پاس ڪيائين. پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ لاهور هليو ويو. لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي دؤر جا استاد، انگريزيءَ جو ان وقت جو تمام سٺو اعلى درجي جو پروفيسر لينگ هارون، ٻيو پروفيسر فرٿ ۽ ٽيون بخاري پطرس هو. فسلسفي ۾ سندس استاد پروفيسر چيڙجي ۽ عربيءَ ۾ ڊاڪٽر صدر الدين هو ۽ فارسي قاضي فضل الحق کان سکي جيڪو بزم سخن جو صدر هيو. وڌيڪ تعليم تاثير جي گهر ۾ يا صوفي تبسم جي گهر ۾ يا بخاري پطرس جي گهر مان حاصل ڪيائين. فيض جي زباني موجب، ڪاليج کان وڌيڪ مان سٺي نموني سان تعليم مٿي ذڪر ڪيل گهرن مان حاصل ڪئي ۽ پروفيسر بخاري پطرس جي گهر ۾ هر مھيني ۾ هڪ ڏينھن ادبي محفل ٿيندي هئي جنھن جو نالو ”بزم اردو“ هو ۽ بعد ۾ مٽائي ”بزم احباب“ رکيو ويو هو. فيض شاعري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي شروع ڪئي ۽ ان اسڪول جو هيڊ ماسٽر صاحب شاگردن کي هڪ مصرع ڏني ۽ چيائين ته ان جي طرح هو گهر مان لکي اچن. ان مقابلي جو جج شمس العلماءَ مولوي مير حسن هو. فيض ان طرح جي مصرع لکڻ ۾ پھريون نمبر آيو ۽ کيس ان وقت ”هڪ روپيو“ انعام طور مليو ۽ کيس تمغي سان پڻ نوازيو ويو. فيض جي چوڻ مطابق ته اقبال منھنجي والد جو دوست هيو، انگلستان ۾ هو هڪٻئي سان گڏ رهندا هئا، مان جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته علامه اقبال مون کي خط قاضي صاحب جي نالي لکي ڏنو هو ۽ اهو خط قاضي صاحب پاڻ وٽ رکي ڇڏيو هيو ۽ ان خط جي ڪري مونکي داخلا ملي وئي هئي. فيض جي چوڻيءَ موجب، ”شاعري ڪرڻ منھنجي گناهه-ثواب ۾ شامل آهي ۽ اُن سُڌ جي مونکي ڪابه خبر ناهي.“ منھنجي ننڍپڻ جي مشغولي پنن تي لکڻ جا دل ۾ هوندي هئي سا پنن تي سڌا ڦِڏا ليڪا پائيندو هوس ۽ جيڪڏهن مونکي شاعري ڪرڻ بابت پڇو ٿا ته پوءِ شاعري ڪرڻ جو سبب دوستن جي ترغيب ۽ دل لڳيءَ جي ڳالهه شاعري آهي. منھنجي ڪتاب ”نقشِ فريادي“ جي پھرين حصي ۾ اهي سڀ ڳالھيون شامل آهن. 29-28 کان 35-34 تائين جون منھنجون تحريرون ان شاعريءَ جي مجموعي ۾ شامل آهن. شاگرديءَ دوران شاعريءَ جي ويجهو ويجهو ذهني جذباتيءَ جو تعلق آهي. ان وارڌات جو ظاهري محرڪ اهو هڪ حادثو آهي جيڪو جوانيءَ جي عمر ۾ اڪثر نوجوان دلين تي گذري ويندا هئا، پر هاڻي ڏسان ٿو ته اهو دؤر به هڪ سونھري دؤر هو ۽ ان جا الڳ الڳ حصا هئا، جن جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيت ڪافي مختلف هئي. اهو هيئن آهي ته ويھن کان ٽيھن جو زمانو اسان جي هاڻوڪي معاشي ۽ سماجي، سياسي، ادبي زماني کان مختلف هو. فيض قومي ۽ سياسي تحريڪن سان گڏوگڏ نثر نظم گهڻو ڪري سنجيده فڪري مشاهدي بجاءِ ڪجهه رنگ رليون ملھائڻ بابت ڪتاب ”نقشِ فريادي“ ۾ ذڪر ملي ٿو ۽ ان وقت شاعريءَ ۾ حسرت موهاني، جوش مليح آبادي، حفيظ جالنڌري، اختر شيرازي جي رياست قائم ٿيل هئي. افساني ۾ بلندرم ۽ تنقيد ۾ حسن ادب برائي ادب جو چرچو هوندو هو. اهو سڀڪجهه نقش فرياديءَ جي ابتدائي نظمن ۾ ڏنل آهي. فيض پنھنجي دوستن سان ذڪر ڪندي خيال ظاهر ڪيو هو ته خدا اهڙو ڏينھن نه آڻي جو ڏکارو ٿيان، منھنجو حسن، جواني، شباب واپس نه اچي ۽ مون کي پنھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن ياد ڏياري. ان وقت مونتي ماحول جو تمام گهڻو اثر ٿيو هو جو شروع ۾ ئي عشق جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. بي انتھائي رويا، غير واجبي فعل هڪ انساني فرد جي ذات پنھنجي سڀني محبتن، قدرن، خوشين، رنجشن جي باوجود گهڻي ننڍي محدود ۽ حقير ڪِريل زندگيءَ جو هڪ حصو بي فضولي يا پئسي لاءِ پنھنجو وقت گذاري ڇڏي ۽ عالمي موجودات کان ذهني جذباتي رشتن ۾ خاص طور انساني برادريءَ جو مشترڪه ڏک درد، دردن جي رشتن انھن غم جانان يا غمِ دوران ته هڪ تجربو هو. فيض جي جوانيءَ ۾ تحريرون ٻن رُخن ۾ احساس جي ابتدائي .نقشِ فريادي“ جي ٻئي حصي ۾ به اسان کي ملن ٿيون. فيض جي شادي سرينگر مان ايلسا نالي هڪ عورت سان ٿي. هڪ مزيدار واقعو يا حادثو ٻڌائيندو هلان ۽ سري نگر ۾ شاديءَ رات رسم نڪاح جي مصروفيات کانپوءِ هوٽل جي لان ۾ حسرت موهاني ۽ فيض جي وچ ۾ جام نوشيءَ جو مقابلو ٿيو، ٻئي شخص لان ۾ پيل هڪ ٽيبل تي آمھون سامھون ويھي پيئڻ لڳا. پھريان ولايتي، پوءِ ديسي، جام پورو ٿي ويو ته پوءِ هڪ هڪٻئي کي غور سان ڏسڻ لڳا. حسرت کيسي مان سگريٽ ڪڍي فيض کي پيئڻ لاءِ ڏنو. فيض سگريٽ جا ٻه ٽي ڪش هڻڻ کانپوءِ بيھوش ٿي ويو. ڇو جو سگريٽ چرس سان ڀريل هو، ٽي چار ماڻھو فيض کي ٽنگاٽولي ڪري ان ڪمري ۾ کڻي آيا، جتي سندس وني سندس انتظار ۾ ويٺل هئي. فيض احمد فيض ان ڪمري ۾ سڄي رات بيھوش پيل رهيو ۽ ٻئي ڏينھن هوش ۾ اچڻ کانپوءِ پنھنجي ونيءَ سان زندگيءَ جي نئين شروعات ڪيائين. فيض اردوءَ جو مھان شاعر ۽ تخليقڪار آهي، ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، نقادن چوڻي ته ”فيض جيترو وڏو شاعر آهي، اوترو وڏو انسان به آهي. انسانن لاءِ سندس دل ۾ ايتري ته محبت هوندي هئي جو هو ننڍن وڏن يا ڪنھن به مذهب سان تعلق هجڻ سبب هو سڀني سان هڪجھڙي محبت ڪندو هو.“ جنھن جو هڪ مثال اهو آهي ته، ملڪ جي مشھور فنڪاره ملڪه ترنم نورجھان جي چوڻ موجب، ”مان فيض احمد فيض سان بي انتھا محبت ڪريان ٿي ۽ اڄ ڏينھن تائين آءٌ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي آهيان ته ڇا فيض منھنجو محبوب آهي يا مان هن جي عاشق. ڪڏهن هو مونکي پيءُ وانگر نظر ٿو اچي، ڪڏهن ڀاءُ ته وري ڪڏهن مڙس وانگر ته وري ڪڏهن بزرگ جيان.“ مير غالب، سوداء، نظير، انيس، جوش مليح آبادي ته اردوءَ جا تمام سٺا شاعر هئا ۽ اردو شاعريءَ ۾ جدت علامه اقبال آندي. ان جو تسلسل فيض احمد ’فيض‘ قائم رکيو ۽ وڌيڪ جديد ۽ ترقي پسند شاعري سرجيائين. جيئن سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشن بيوس هو ۽ ان جي تسلسل کي شيخ اياز وڌيڪ جدت بخشي. فيض جي پسند جا شاعر ن.م راشدي، مجاز مخدوم، علي سردار جعفري آهن. فيض شاعريءَ جي باري ۾ راءِ ڏيندي چوي ٿو ته، ”شاعري من جي ڳالهه آهي ۽ شاعر جيتري وڌيڪ پيڙا ۽ شخصي ويڳاڻپ جو شڪار هوندو ته سندس شاعري به اوتري ئي وڌيڪ مضبوط ۽ بھتر جڙندي.“ شاعر جو نظريي ۽ رياستي مسئلن سان واسطو هجڻ ضروري آهي، جيڪو شاعر ڪنھن شئي کي پنھنجي نقطئه نظر سان ڏسي ٿو ۽ ان کي پنھنجي قلم وسيلي تحرير ۾ قلمبند ڪري ٿو. مونکي ڪوبه اهڙو وڏو شاعر يا وڏو فنڪار، اديب مصور يا موسيقار نظر نٿو اچي جنھن جي ذهن ۾ پنھنجي اوسي پاسي متعلق الڳ نظريو هجي. جنھن شاعر وٽ احساس يا نظريو نه هوندو ته دنيا سٺي آهي يا خراب، ماڻھو سٺي نموني سان رهن پيا يا خراب حالت ۾، انھن لاءِ ڪجهه ڪجي يا نه ڪجي، انسانيت طرف وڃي رهيو آهيان يا ڪنھن ٻئي طرف ٿو وڃان. ڪوئي به وڌيڪ احساس، ذهني شعور نٿو رکي اهو صحيح ماڻھو نٿو ٿي سگهي. لاهور ۽ امرتسر به اهڙا شھر آهن جن جي روايتن جو اثر هڪٻئي تي گھرو رهيو، فيض سڄي رات جاڳڻ ۽ آواره گردي ڪرڻ ۾ گذاريندو هو، جيڪڏهن زال جو خيال نه ڪري ها ته پوءِ شايد راتين جون راتيون مٿي نموني سان گذاري ڇڏي ها۽ امرتسر لاهور جي ادبي حقلن جي پراڻين مجلسن جو جڏهن ذڪر ڪندو هو ته کيس ذهني سڪون ملندو هو، پوءِ گذريل يادن تي هو ماتم نه ڪندو هو ۽ وڌيڪ چوندو هو ته پاڪيٽ ادبي جماعتون يا ٽانگه شاپ ادبي جماعتن مونکي گهڻي رنجش پھچائي آهي. سندس خيال هو ته جيڪو به شخص ٿورو به مٿي اُڀري ٿو ۽ پنھنجي شخصيت کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ واپاري ٽائيپ اديب ٿي وڃي ٿو ۽ پنھنجن نالن تي ادبي جماعتون ٺاهي نوجوانن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي ۽ نوجوان گمراهيءَ ۾ رهندي زندگيءَ جي سمورين حقيقتن کان وانجهيل رهن ٿا. فيض پاڻ کان ننڍن يا وڏن توڙي اڻپڙهيل ماڻھن يا پاڻ کان گهٽ حيثيت وارن ماڻھن سان به برابريءَ وارو سلوڪ رکندڙ هو. ميل ملاقات عام ماڻھن سان روان دوان هوندي هئي. فيض هڪ ڏينھن روزاني ”امروز“ اخبار جي نيوز روم ۾ آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويھي اسٽاف سان مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو ۽ سگريٽ پيئندو رهيو. ان دوران هو پنھنجي اسٽاف کان اخباري اشاعت کي بھتر بڻائڻ، وڌائڻ، اخبار کي معياري ڪرڻ بابت مختلف تجويزون ٻڌندو رهيو، جڏهن وڃڻ لڳو ته شفٽ انچارج کان پڇيائين ته اڄ ليڊ (پھرين صفحي) تي ڪھڙي خبر آهي، کيس ٻڌايو ويو ته ڪوريا جي باري ۾ هڪ خبر آهي، ٿورو پوئتي موٽي چيائين ته ڀائي پنھنجي اخبار به پاڪستان مان ڪڍندا ڪيو. فيض جي وڃڻ کانپوءِ اسٽاف ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ان ڏينھن کانپوءِ پنھنجي اخبار ۾ ملڪي خبرن کي وڌيڪ ڪوريج سان ڇاپيو ويو. مارشل لا لڳڻ بعد حڪومت، پاڪستان ٽائيمز، امروز، ليل نھار جي اخباري ادارن تي فوجين قبضو ڪيو ۽ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا. سبط حسين کي ليل و نھار جي ايڊيٽر جي عھدي تان هٽايو ويو. مظھر علي خان کي پاڪستان ٽائيمز ۽ احمد نديم قاسمي کي امروز جي ايڊيٽر جي عھدن تان استعفائون ڏياريون ويون. فيض اول ئي امروز اخبار جي ايڊيٽرشپ تان استعفى ڏئي ڇڏي هئي. 1956ع ۾ ايوبي مارشل لا لڳي ته فيض ملڪ کان ٻاهر جلاوطن هو ۽ واپس اچڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ٿورن ڏينھن بعد اڪثر ترقي پسند اديبن ۽ دانشورن کي نظربند ڪيو ويو هو ۽ اخبارن تي سرڪار قبضو ڪري ورتو. گرفتار ٿيندڙن ۾ پروگريسو پيپرز جي بشير احمد، نديم قاسمي، سبط حسين کي به گرفتار ڪيو ويو، چارئي جيل ۾ گڏ هئا. پاڪستان ٽائيمز ۽ آرٽ ڪائونسل جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ فيض جو فيصلو وري ابتدائي پيشي درس و تدريس جي پيشي ڏانھن موٽڻ جو فيصلو ڪيو. جلد ڪراچي اچي عبدالله هارون ٽرسٽ طرفان لياري ڪاليج جي پرنسپل جو عھدو قبول ڪيو. هو پرنسپال ٿيڻ بعد پنھنجي ڪاليج جي شاگردن کي پنھنجو دوست ڪري سمجهندو هو ۽ ننڍي وڏي ۾ ڪو فرق نه رکندو هو. امرتسر، ڪراچي ۽ لاهور ڪاليجز جا شاگرد فيض احمد فيض کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. فيض احمد فيض جي شاگردن ساڻ دوستيءَ جو ذڪر هن طرح ملي ٿو ته، سوويت يونين کان اديبن جو هڪ وفد ۽ انجمن جي سيڪريٽري فيض جي نظمن جو ترجمه نگار ۽ مترجمه مريم سگانيڪ لاهور ۾ آئي، هن ميڊم نوجھان سان ملڻ جي وخاهش ظاهر ڪئي. نورجھان سان رابطي بعد معلوم ٿيو ته هوءَ بيمار آهي ۽ اٿڻ ويھڻ کان لاچار آهي. چند ڏينھن بعد نورجھان ملڻ جو وقت ڏنو ۽ نورجھان کان رات جو ٻارهين وڳي واپسيءَ کانپوءِ پيشيور ڳائڻ وارن متعلق تھذيبي روايت جو ذڪر نڪتو. مريم فرمائش ڪئي ته توهان جي ڳائڻ وڄائڻ وارن جي بازار به هلي رهي آهي، اها مان ڏسڻ گهران ٿي. اُتي هڪ رقاصه جيڪا فلمن ۾ نچندي ۽ ڳائيندي هئي جڏهن اُن جي اڏي تي پھتا ته ماڻھن جي رَش هئي، ڪوٺيءَ جا درَ بند هئا ۽ هنن کي چيو ويو ته ڪا خاص پارٽي آئي آهي. اتان آواز اچي رهيو هو، ”بڙا هي درد ڪا رشته، يه دل غريب سهي- تمهاري نام يه آئين گي غمگسار چلي.“ فيض گهڻي ڪوشش کانپوءِ چٺ موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ڪوٺيءَ جا درَ کُليا. اتي ويٺلن فيض کي پيرن تي هٿ رکندا ويا ۽ پوءِ فيض ۽ مريم تي نوٽ گهوريندا ڳائيندڙن کي ڏيندا رهيا. فيض کان جڏهن پڇا ٿي ته هن جواب ۾ چيو ته اهي سڀ منھنجا امرتسر جا پراڻا شاگرد هئا. فيض لاءِ مشھور هيو ته سندس بيٺڪ تي ناڪام عاشقن جو هميشه ميلو متل هوندو هيو، ۽ ملندڙ شڪايتن تي محبوبائن جي گهر وڃي کين پنھنجن محبوبن سان پرچڻ لاءِ گذارشون ڪندو هو. فيض جڏهن ايم.اي ڪرڻ لاءِ لاهور آيو ته گهر مان ٽي سئو روپيه کڻي آيو جيڪي لاهور پھچڻ شرط هن ادبي محفلن ۽ ٻين ادبي ڪاروائين ۾ اهي پئسا خرچ ڪري ڇڏيائين. هن انگريزي ۾ ايم.اي ڪرڻ ٿي گهري پر پوءِ مجبورين سبب رهيل 9 روپين سبب عربي ڪلاس ۾ داخلا ورتائين. ان وقت عربيءَ ۾ داخلا جي فيس 9 روپيه هئي. بعد ۾ فيض انگريزي ۾ پڻ ايم اي ڪري ورتي. ڪاليج جي مئگزين راوي ۾ سندس پھريون ڪلام ڇپيو.1935ع ۾ امرتسر ۾ ايم.او.ايل. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر محمد الدين تاثر، شھزادو محمد ظفر، ڊاڪٽر رشيد جان ۽ سندن بيگم صاحبه ان ڪاليج ۾ موجود هئا. ان وقت انھن اول هندستان ۾ ۽ بعد ۾ پنجاب ترقي پسندي مصنفين جو بنياد رکيو هو ۽ فيض کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو پوءِ هو سڀ جو سڀ لاهور هليا آيا. 1938ع ۾ فيض آل انڊيا ريڊيو جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ ريڊيو تي پنھنجا نظم به پڙهائين. فيض جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”نقشِ فريادي“ آهي. ٻي جنگ عظيم لڳي ته فيض ڪرنل جو عھدو ڇڏي دهليءَ ڏانھن هليو ويو. امرتا پريتم فيض کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿي ته، هن منھنجي ڪتاب تي پنھنجو شعر لکيو ۽ مونکي پوءِ داغستان جي هڪ مشھور چوڻي ياد آئي ته شاعر دنيا کان سئو سال اڳ پيدا ٿئي ٿو. فيض اتي جواب ڏنو ته هي روايت اڄ به هلي پئي. جڏهن کان مان جوان ٿيو آهيان ته مان به هڪ ذهني دنيا ٺاهي آهي. فيض احمد فيض 9 مرچ 1951ع ۾ قيد ٿيو، پھرين اپريل 1955ع ۾ آزاد ٿيو، چار سال جيل ۾ گذاريائين. اهڙي نموني سان 3 مھينا سرگوده ۽ لائلپور جيل ۾ رهيو. ان کانپوءِ 1953ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. راوالپنڊي جي ڪوڙي سازش ۾ ميجر اسحاق، ڪيپٽن خضر حيات سان گڏ جيل ۾ پڻ رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. فيض احمد فيض، محمد حسن عطا، جنرل اڪبر خان، برگيڊيئر صادق خان، ڪرنل ضياءُ الدين، ڪرنل نياز محمد ارباب، ڪيپٽن خضر حيات، ميجر اسحاق خان پوشي سڀئي ڪراچي جيل جي هڪ ئي باريڪ ۾ جڏهن ته ٻي باريڪ ۾ سيد سجاد ظھير، جنرل نذير احمد، ايئر ڪمانڊر جنجوعه ۽ برگيڊيئر لطيف خان، ڪيپٽن ظفر الله پوشي گڏ هئا ۽ بيگم اڪبر خان پڻ ساڳي جيل جي هڪ باريڪ ۾ قيد هئي. مٿين سمورن قيدين کي راوالپنڊي سازش جي ڪوڙي ڪيس ۾ بند ڪيو ويو هو. ڇو جو هڪ ڏينھن ميجر اڪبر خان جي گهر ۾ هڪ اجلاس ٿيو، ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جاگيرداري سماج ۽ مارشل کان عوام بيزار ۽ تنگ ٿي چڪو آهي، فوج ۾ بغاوت آڻجي ۽ پوءِ ملڪ ۾ ڪو نئون نظام رائج ڪجي. ان اجلاس ۾ فيض به شرڪت ڪئي هئي. فيض خلاف مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ فيض جي ساٿين، آرٽيڪلز ۽ خبرون ڇپيو ته فيض هڪ ڪافر ۽ غدار آهي. پوءِ روڊن تي جلسا جلوس ۽ فيض خلاف غداري نمبر پڻ شايع ڪيا ويا. متاع لوه قلم ۾ ڊُبو لين هين اُنگليان مين ني، آئيي هاٿ اُٺائين هم ڀي، هم جنهين رسمِ دعا ياد نهين، زبان په مُھر لگي هي تو ڪيا ڪه رک دي هي. هم جنهين سوزِ محبت ڪي سوا، ڪوئي بُت ڪوئي خدا ياد نهين. فيض جي ڪتاب ”دسته صبا“ جي مھورت به جيل اندر ٿي. نام نھاد راوالپنڊي سازش ڪيس مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ راجا غضنفر علي خان جيڪو ان وقت هندستان، پاڪستان جو سفير مقرر ٿيل هيو، فيض کي پاڻ سان گڏوگڏ دهلي وٺي ويو ۽ دوستن جي فرمائش تي پوءِ اتي هڪ گهر ۾ فيض جي ڪلام کي ٻڌڻ لاءِ دوستن کي دعوت ڏني وئي هئي. محفل پنھنجي اوج تي متل هئي ته هندستان جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نھرو جو فون آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته مونکي ڇونه دعوت ڏني وئي آهي. جڏهن کيس دعوت ڏني وئي ته هو آڌيءَ رات جو ئي پنھنجي اهل و عيال سميت محفل ۾ شريڪ ٿيو جيڪا محفل صبح تائين جاري رهي. هڪ ٻيو واقعو ميڊم نورجھان جي زباني موجب ته جڏهن پنجاب يونيورسٽي ۾ سرڪاري طرح قائداعظم جي جشنِ ولادت ملھائڻ جو پروگرام رکيو ويو هو جنھن ۾ ملڪ جي ناليوارن گلوڪارن شرڪت ڪئي، جڏهن ميڊم نورجھان کي چيو ويو ته توهان به ڪلام ٻڌايو، نورجھان فيض احمد فيض جو ڪلام ”مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ“ ڳايو ته سڀئي خاموش ٿي ويا ۽ اتي موجود هڪ فوجي آفيسر رڙ ڪندي چيو ته فيض جي ڪلام تي بندش پيل آهي ۽ اوهان فيض جي ڪلام کي ڳائي نٿا سگهو. ۽ ڪنھن ٻئي شاعر جو ڪلام ٻڌايو، نورجھان جواب ڏنو ته فيض کي ڳائينديس نه ته پنھنجي گهر واپس هلي وينديس. گهڻي ڇڪتاڻ کانپوءِ نورجھان کي فيض جي ڪلام ڳائڻ جي اجازت ڏني وئي. فيض احمد فيض ظاهري طور هڪ سست انسان نظر ايندو هو پر پنھنجي شاعريءَ ۾ چُست هوندو هيو. جڏهن وارَ وڏا ٿيندا هئس ته سندس زال ايلسا جي زور ڀرڻ تي حجمن کان ٺھرائيندو هيو ۽ سندس ننھن به سندس زال ايلسا لاهيندي هئي. سندس سستي ۽ ڪاهليءَ جون ڳالھيون ماڻھن ۾ گهڻيون ئي مشھور آهن. سندس هڪ ڳالهه مشھور آهي ته ”انقلاب چين بعد فيض جڏهن چين ويو ۽ مائوزيتنگ سان وڃي مليو. مائوءَ چيس ته اسان پنھنجي ملڪ ۾ انقلاب آندو آهي اوهان به ڪجهه ڪيو.“ جنھن جي جواب ۾ فيض آهه ڀريندي ۽ سگريٽ جا ڪش هڻندي چيو ته، ”هاءِ هاءِ اسان انقلاب جلد آڻينداسين.“ فيض پھريان مذهبي ماڻھو هيو ۽ هن ۾ تبديلي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ آئي، ڇو جو هن ۾ فڪري ۽ فني انقلابي تبديليءَ جي شروعات 1935کان ٿي، ڇو جو عالمي مسئلن سموري دنيا جي فڪري ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو هو. جنھن بعد جمھوريت پسندن، روشن خيالن کي اها ڳالهه محسوس ٿين لڳي ته جيستائين هو جارحيت ۽ جبر سان مھاڏو نه اٽڪائيندا ته لوحِ قلم اندر انساني وجود جي بقا نه رهندي. فيض احمد فيض کي پڻ اهو احساس جاڳيو ۽ هو انقلابي شاعري سرجڻ لڳو. بربادئ دل جبر نهين ”فيض“ ڪسي ڪا، وه دشمنِ جان هي تو بُهلا ڪيون نهين ديتي.