shafique shakir
سينيئر رڪن
سنسار کي ته سهڻي سردار صه جي مبارڪ.
شفيق الرحمان شاڪر
منٺارصه جي مبارڪ، دلدار صه جي مبارڪ.
سنسار کي ته سهڻي، سردارصه جي مبارڪ.
آيو عظيم رهبر،جرڪي پيو ته جھنگ جر،
جنهن کا نه ڪو ئي بهتر،سالارصه جي مبارڪ.
آيو کڻي سعادت،محبت، ڪرم ، عنايت،
مظلوم جي ته آٿت،سرڪار صه جي مبارڪ.
سرهاڻ جي سنيهي،بخشش سندي ذريعي،
وارث انهي وسيلي، مهندارصه جي مبارڪ.
الفت پيام جيڪو، رب جو انعام جيڪو،
رب جو ڪلام جيڪو،ڪردار جي مبارڪ.
صدقي حسن تي صدقي، جلوو اهو ئي جرڪي،
هرهنڌ اها ٿي مهڪي،مهڪار جي مبارڪ.
محبوب نور انور، معصوم پاڪ اطهر،
شاڪر شفيع محشرصه، پڳدار جي مبارڪ.