شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاء ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبليون وجود ۾ آيون آهن،آئيني ۽ جمهوري طريقي سان حڪومتون جڙيل آهن،انهيء کان پهرين سينيٽ جون چونڊون به ٿيون هيون ۽ آخر ۾ ملڪ جو صدر به آئيني طريقي سان چونڊجي چڪو آهي.پر ان سڀ جي باوجود حقيقت ڪجهه ان طرح ٿي محسوس ٿئي ته نه رڳو تازو آيل حڪومتون سمورن سياسي ،انتظامي ۽ حڪومتي معاملن کان لاتعلق نظر اچن ٿيون پر خود پارليامينٽ جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ شامل آهي اهي به مڪمل طور تي غيرفعال ۽ اڻ لاڳاپيل بڻجندا ٿا وڃن.جيڪا قومي اسيمبلي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين اهو فيصلو به نه ڪري سگھي آهي ته هڪ بنيادي آئيني ضرورت بڻيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جو چيئر پرسن ڪير ٿيندو؟ ان مان پارليامينٽ جي فعاليت ۽ چستيء جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.خود حڪومتي ڌر جي هڪ اهم وزير موجب اسيمبليء جي هڪ ڏينهن جي اجلاس تي غريب عوام جا اسي ڪروڙ روپيا خرچ ٿين ٿا پر نه ته حڪومت ۽ نه ئي مخالف ڌر عوام کي اهو ٻڌائڻ لاء تيار آهي ته قرضن ۾ ويڙهيل ملڪ ۽ مهانگائيء ۾ وڪوڙيل عوام جي ڀلائي ۽ بهتريء لاء هيستائين ڪهڙي قانونسازي ڪئي ويئي آهي؟ البت عوام ته روزانو اهو ئي ٿو ڏسي ته اهي سڀ پارليامينٽ ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ،هڪ ٻئي کي غيرپارلياماني لفظ ڪسڻ ۽ هڪ ٻئي جا ڄنڍا پٽڻ ۾ مست نظر اچن ٿا. اهي هڪٻئي جي خلاف ته جيڪا گلپاشي ڪن ٿا ساڪن ٿا پر پنهجن ٻين ميمبرن جي والدين ۽ خاندان وارن کي به بخش نٿا ڪن.وري جڏهن تقريرون ڪرڻ لڳن ٿا ته ماڻهن توڙي ٻين ادارن کي پارليامينٽ جي عزت ڪرڻ جا ڀاشڻ ڏين ٿا.ڪوته انهن کان پڇي ته هي جو اوهان روزانو هڪٻئي جي عزت ۽ وقار اڻ وڻندڙ لفظن ۽ نامناسب زبان ذريعي مٽيء ۾ ملائيندا رهو ٿا ان سان پارليامينٽ جي شان ۽ شوڪت ۾ ڪيترا چنڊ لڳي رهيا آهن؟مختلف گنڀير مسئلن ۽ مونجھارن توڙي غيرملڪي سازشن جي وڪڙ ۾ آيل رياست،وينٽيلٽر تي لڳل معيشت،آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي،ڇوليون هڻندڙ بي روزگاريء جو سمنڊ،تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جي تباهه حالي،ملڪ جي هڪ وڏي حصي ۾ پاڻيء جي سنگين کوٽ،کاڌي جي شين توڙي دوائڻ ۾ وڏي پيماني تي ملاوت جو مامرو،ڪرپشن،بد عنواني،اقربا پروري،رشوت،مدي خارج پوليس جو نظام،وچ تي ٽنگيل بلدياتي نظام،سڪرات ۾ ورتل ملڪي قومي ادارا،بجليء جي لوڊ شيڊنگ،چوري ۽ ناجائز ڳرن بلن جي مصيبت،هيٺين عدالتن ۾ انصاف جو اذيت ڏيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ نظام،آس پاس خطي ۾ اٿندڙ غير يقينيء جا طوفان،امن ۽ امان جي بگڙجندڙ صورتحال،مطلب ته مسئلن جا انبار ۽ مشڪلن جا ڍير آهن.پر ٻڌايو ته سهي ته اسان جي اسيمبلين ۾ انهن مان ڪهڙي شيء تي بحث ٿي رهيو آهي؟ڪي هر هر پنهنجن مخالفن تي هر قسم جي تباهيء جي ذميداريء جا الزام مڙهي رهيا آهن ته ڪي وري انهن جي جواب ۾ پنهنجي مظلوميت جا قصا،پنهنجي خدمت جا افسانا،پنهنجي دور جي ترقيء ۽ خوشحالي جا داستان ٻڌائيندي نٿا ٿڪن.ڇا عوام انهن کي ان مقصد لاء چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليو آهي ته اهي حالتن،مسئلن،مونجهارن،مشڪلن ۽ بحرانن کي سنجيدگيء سان سمجھي ملڪ ۽ عوام کي ان مان ٻاهر ڪڍڻ بدران پنهنجي ذات جي دائري ۾ گھمندي ملڪ جي لاء هيڪاري اڃا به مشڪل صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن؟هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي سياست لاء رياست کي به داء تي لڳائڻ لاء تيار ٿيو وڃن؟انهن جو هڪٻئي خلاف الزامن،طعنن،طنزن ۽ مهڻن مان عوام کي آخر ڇا ملڻو آهي؟اهي دنياکي ڪهڙو نياپو ڏيڻ گھرن ٿا ته اسان جي ملڪ جا سڀ سياستدان توڙي ادارا ڪرپٽ آهن؟ اهي عناد،ڪيني، بغض، دشمني ۽ غصي ۾ اهو به ڀلجي وڃن ٿا ته هو جنهن ٻيڙيء ۾ سوراخ ڪري رهيا آهن انهيء ۾ پاڻ به چڙهيل آهن؟انهن مان هرهڪ کي خبر آهي ته ملڪ جي خزاني جي ڇا حالت آهي ۽ اها حالت ڪنهن ڪئي آهي،اهو به ڄاڻن ٿا ته جيڪر پاڪستان کي ڪو بيل آئوٽ پيڪيج يا ڪا مالي مدد نه ملي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري سگھي ٿو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ۽ سمجھندي به اهي معصوم ۽ اڻ ڄاڻ بڻجي اهڙا ته عجيب غريب سوال اٿارين ٿا ڄڻ ته هنن ويچارن کي ڪا خبر ئي ناهي! سوال فرمائڻ لڳن ٿا ته حڪومت اسان کي ٻڌائي ته اسان کي ٻين ملڪن قرض يا امداد ڪهڙن شرطن تي ڏني آهي؟ ڄڻ ته جيڪر انهن کي ٻڌايو وڃي ته اهي اها رقم وٺڻ کان انڪار ڪري چڏيندا! افسوس جي ڳالهه اها ته ملڪ تي جڏهن به ڪو سنگين،حساس ۽ سنجيده بحران اچي ٿو ته اهي ان بحران وسيلي به پنهنجي سياست جا دوڪان سينگارڻ لڳن ٿا.ڪٿي به دنيا ۾ ايئن ٿيندو آهي جيئن اسان وٽ ڪجهه نام نهاد سياستدان ڪن ٿا؟تازو جڏهن ٽرمپ سعودي عرب خلاف دنيا ۾ زهر اوڳاڇي رهيو هو ته ان کي خود آمريڪا ۾ ويهي جواب ڏيڻ ۽ سعودي رياست جي دفاع ۾ ڳالهائڻ وارو ڪو ٻيو نه پر شهزادو وليد بن طلال هو.هي اهو ئي شهزادو آهي جنهن کي سعودي حڪومت ڪجهه عرصو پهرين گرفتار ڪري جيل ۾ وجھي، وٽانئس مبينا طور تي غير قانوني پئسو واپس وصول ڪيو هو.بحث اهو ناهي ته هو ڏوهاري هو يا نه ۽ نه ئي اهو بحث آهي ته سعودي عرب جو ان مقتول صحافيء جي باري ۾ موقف صحيح آهي يا غلط؟ پر نڪتو اهو آهي ته غيرتمند قومون ذاتي جھڳڙن ۽ تڪرارن،مقدمن ۽ سزائن کي رياست جي گڏيل مفاد تي ترجيح نٿيون ڏين ۽ اهو ئي مظاهرو وليد بن طلال ڪيو.پر ٿورو پنهنجي ملڪ جي انهن عظيم سياستدانن ،جمهوري توڙي غير جمهوري حڪمرانن تي به نظر وجھو ته اهي پنهنجون ذاتي ملڪيتون بچائڻ يا اقتدار ۽ اختيار جي سيڙهي تي پهچڻ يا اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاء رياست جي مفادن سان ڪهڙيء طرح هر راند رهندا آيا آهن.اسان جي رياستي ادارن ۾ ڪيئي اوڻايون ۽ خاميون ٿي سگھن ٿيون پر اهي ته دنيا جي هر رياستي ادارن ۾ هونديون آهن پوء اوهان ڪڏهن ٻڌو ته آمريڪا،اسرائيل يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جو ڪو حڪمران، سياستدان، وزير يا مشير دنيا کي اهو چوندو هجي ته اسان جا رياستي ادارا ههڙا آهن يا تهڙا آهن يا نااهل آهن يا ٻين ملڪن خلاف سازشون ڪن ٿا وغير وغيره.اهو رڳو اسان جو ئي وطيرو آهي جو جيري لاء ٻڪري ڪهي ويهندا آهيون.هن وقت معاملو اهو آهي جو هڪ طرف رياست نهايت ئي سنجيدگي ۽ دور انديشيء سان ڪجهه بنيادي ۽ اهم فيصلا ڪري چڪي آهي جن جو تعلق سڌو سئون ملڪي سلامتيء سان آهي.اهي فيصلا ڪنهنجي به چوڻ ،فرمائش،روڄ راڙي،ماتم،آهن،دانهن يا ڌمڪين سان ڪنهن به حالت ۾ واپس ناهن ٿيڻا.هاڻي وقت جون حڪومتون توڙي پارليامينٽ جيڪر انهن فيصلن ۾ رياست جو ساٿ ڏين ٿا ته اهو جمهوري گاڏو اڳتي ڌڪبو رهبو پر جيڪر اهي سڀ گڏجي به انهن فيصلن جي خلاف سندرو ٻڌي بيهن ته به انهن مان پهرين کان ڪيل ڪوبه فيصلو واپس ناهي ٿيڻو .فرق رڳو اهو ايندو جو اهي حڪومتون توڙي پارليامينٽ غير متعلق ۽ غيرفعال بڻجي ڪري رهجي ويندا ۽ عمل ان تي ئي ٿيندو جيڪو رياست جو فيصلو هوندو ان ڪري جو هن وقت ملڪ عام حالتن مان نه پر نهايت ئي هنگامي حالتن مان گذري رهيو آهي.ان صورتحال ۾ رياست وڌيڪ ڪنهن مسخريء جي متحمل ٿي نٿي سگھي.جن کي اها ڳالهه اڃا به سمجھه ۾ نٿي اچي انهن کي ٿورو پوئتي نظر ورائڻ گھرجي ته ڪٿي آهي اهو ڊان جنهنجي هڪڙي اشاري سان سنڌ جا شهر کلندا ۽ بند ٿيندا هئا ،ڪٿي آهي اها شينهن جي گجگوڙ جيڪا ملڪي ادارن جا هانء ڏاريندي هئي؟ ڪٿي آهي اهو پنجاب جو بادشاهه جنهن کي گمان هو ته تخت لاهور تي سندس اقتدار جو سج ڪڏهن به نه لهندو.لوهه جا چڻا ڪٿي چٻاڙجي ويا،مزاحمت جو طوفان ڪٿي دفن ٿي ويو؟عوامي سيلاب جي سمنڊ کي ڪهڙي زمين ڳڙڪائي ويئي؟ سياسي شطرنج جي بادشاهه جي هر چال ڪٿي بلاڪ ٿي ويئي؟ سڀني کي آئين،جمهوريت،ارڙهين ترميم،صوبائي خودمختياري ۽ عوام هاڻي ڪيئن ياد اچي رهيو آهي؟وقت جي موجوده حڪمرانن کي به آڪڙجڻ ۽ هوائن ۾ ڌماڪا ڪرڻ بدران ڪجهه سبق ۽ عبرت حاصل ڪرڻ گھرجي تاريخ جي ان ستم ظريفي ۽ وقت جي ان ورتاء مان جيڪو ڪن سان ٿيو ۽ گھڻن سان ٿيڻ وارو آهي.تاريخ جيڪا ڪنهنجو به لحاظ نٿي ڪري ۽ وقت جيڪو ڪنهن لاء به پوئتي نٿو موٽي!