ڪامريڊ منان چانڊيو وارھ اڃان ٻارڙن جي تحفظ جو بين الاقوامي ڏينهن ملهائجي رهيو هيو ته ڀوتارن جي گهڻائي واري ضلعي شڪارپور جي هڪ شھر خانپور مهر ۾ ڇهن ستن سالن جو معصوم ٻالڪ غلام محمد مهر کي انتهائي بيدردي سان ماريو ويو، ننڍڙي گلن جهڙي ٻار جو موت انتهائي افسوسناڪ آھي جنهن جي جيڪڏھن شھادت کوٺجي ته ان ۾ ڪو به شق ڪونهين، معصوم جي قتل جا ڪيترائي ازيتناڪ پهلو آھن جن تي جيترو به ڏک ڪجي اهو گهٽ آھي ان جي وارثن سان جيتري به همدردي ۽ قاتلن سان جيتري نفرت ڪجي اها ٿورڙي آھي، ڇوته جنهن ڏينهن گلن جهڙي نينگر کي ڪاتيءَ سان ڪٺو ويو اهو ڏينهن ٻنهين جهانن جي سردار ۽ عالم انسانيت جي رهبر حضور سائين جن جي ولادت جو ڏينهن مبارڪ هيو، ان سڳوري گهڙي ۽ برڪتن واري لمحن دوران سڄي دنيا جا ڪروڙين، اربين انسان خصوصن مسلمان، مرحبا يامرسل جون صدائون بلند ڪري رهيا هئا ته ٺيڪ ان وقت ننڍڙي غلام محمد مهر کي پنهنجي ئي عزيزن يزيد بنجي ڪهي رهيا هئا، اهڙي هولناڪ منظر ۾ معصوم، قاتلن کي چاچا ۽ ادا ادا چوندي چئي رهيو هيو ته مونکي ڇوٿا ڪهو، ان هيبتناڪ وقت ان ٻالڪ جيڪا چيک پوڪار ڪئي هوندي اها ڌرتي کي ڌوڏيندي عرش عظيم تائين پهچي ان کي لرزائي ڇڏيو هوندو، اسان جڏھن هڪ بيقصور ابهم ٻارڙي جي دردڪٿا تي ڏکئيندڙ دل ۽ ڪنبدڙ ذھن تي پٿر رکي يا زور ڏئي ڪجھ سٽون لکون ٿا ته آخر ڪار ان معصومڙي جو ڪهڙو ڏوھ هيو، ڇاهن پنهنجي چاچا جنهنکي بابا به چيو ويندو آھي يا سئوٽن جن کي ڀاءُ ادو به سڏيو ويندو آھي انهن جي زمين تي قبضو ڪيو يا وري مال ملڪيت فٻائي هئي جو هن سان انسانيت کي لڄائيندڙ ۽ رت جي رشتن تي بدنماءَ داغ لڳائيندڙ اهڙو ڪڌو ۽ ظالمانا ڪم ڪيو يعني ڪبيره گناھ ڪيو جنهن جو نه صرف هتي ازالو ٿيندو نه وري هتي يعني آخرت ۾، هتي اھڙي پاپ جي نه ملڪي قانون، سماجي ۽ اخلاقي قدرن ۾ معافي تلافي ٿيندي نه وري قدرت وارو معاف ڪندو. هوئن به انسان کي مارڻ جي ڪٿي به ۽ ڪنهن کي به اجازت يا ڇوٽ مليل ڪونه آھي پر ڪنهن بيگناھ خصوصن ننڍڙن ٻارڙن کي مارڻ انتهائي وحشپڻو آھي ڇوته اهي ڪنهن به ذاتي، اجتماعي ۽ سماجي ڏوهن ۾ ڪنهن به ريت شامل ڪونه هوندا آھن، اهي ته پاڻ کان وڏن ماڻهن کي ڏاڏا، بابا، چاچا، ماما چئي ٻاتين ٻولين سان انهن کان پيار پاٻوھ ۽ شفقت گهرندا آھن، اهي جڏھن ڪنهن به اڱڻ تي دنيا جي خفن، براين يا ڀلاين کان بينياز ٿي خوشي وچان ڪڏندي ٽپندي مٽيءَ جا گهرڙا ٺاهيندا آھن ته هر ڏسندڙ اک هنن کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندي آھي ۽ هنن جي معصوم ادائن تي هر باشعور ۽ رحمدل ماڻھو ٻهڪي پوندو آھي، ٻارڙن سان پيار ڪرڻ يا انهن کي اهميت ته اسان جي نبي سڳوري به ڏني هئي هو فرمائيندو هيو ته هن کي سڀ کان وڌيڪ ننڍڙا ٻارڙا پيارا ۽ بهتر لڳندا آھن جڏھن پاڻ سڳورن کي ٻالڪن سان انتهائي درجي جو پيار هيو ته پوءِ اڄ جي انسانن کي ڇاٿي ويو آھي جو اهي پنهنجي ذاتي تڪرارن، انائن ۽ مفادن جي حاصلات جي ور معصومن کي چاڙهي ڇڏين ٿا، هي پهريون جيءُ جهوريندڙ واقعو ڪونه آھي پر ان کان اڳ ساڳي ئي ضلعي ۾ هڪ ٻيو معصوم ساجد ڪلوڙ به بگهڙ صفت ماڻھن کان ڏاڙھجي چڪو آھي نه صرف اهو پر پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن گل کي مرجهايو وڃي ٿو، اهڙن واقعن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌ ٿيندي پئي وڃي ڇوته هتان جا قانون عدالتون ۽ پوليس اسٽيشنون ڏاڍن ۽ ظالمن اڳيان ڄڻ ته بيوث بنيل آھن هاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته قانون جي رٽ کي اڳي کان وڌيڪ بهتر لاڀائتو بنائي پوليس جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي پيچيده ايف آءِ آر ، چالانن ۽ شاهدن، مشير نامن کي سولو ۽ سستو بنائي ظلم جو نشانو بنجندڙ معصومن جي دادرسي ڪئي وڃي ته جيئن آئينده ڪنهن به وحشي ۽ ظالم قوت يا فرد کي گلاب جي گلڙن کي مرجهائڻ جي طاقت ئي نه ٿئي، اسين آخر ۾ شڪارپور جي سمورن سردارن، ڀوتارن کي گذارش ٿا ڪريون ته معصومن جي قاتلن سان ڪابه برادري ڀائپي واري بنياد تي جرڳو يا فيصلو نه ڪيو وڃي ۽ اتان جي سول سوسائٽي کي پڻ نماڻي گذارش ڪريون ٿا ته پنهنجي سرت، سمجھ ۽ شعور جو مظاهرو ڪندي ڏکايل خاندان جو ڀرجهلا ٿي ساٿ ڏين ته جهڙي ريت قصور جي ننڍڙي زينب جي قاتل جو عبرتناڪ انجام ٿيو ايئن ئي غلام محمد مهر ۽ ساجد ڪلوڙ جا قاتل به پنهنجي منتطقي انجام تي پهچي عبرت جو نشانو بنجي وڃن.