پنهن جو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارو رويو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    سنڌيڪار ؛ شفيق الرحمان شاڪر

    پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ اهو عمل آهي جڏهن ڪو ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي.ان جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا.مثال ؛ گھڻي مقدار ۾ منشيات يا دوائن جي استعمال سان،پنهنجوپاڻ کي وڍڻ يا زخمي ڪرڻ يا ساڙڻ سان،مٿويا جسم ڪنهن سخت شيء سان ٽڪرائڻ سان،ڪنهن سخت شيء کي جسم ۾ ٽنبڻ يا ڪا نقصانڪار شيء ڳورڻ سان.ٻين ماڻهن کي محسوس ٿي سگھي ٿو ته ماڻهو ٿڌي دماغ سان ۽ ڄاڻي ٻجهي شايد نااميديء سبب اهڙا قدم کڻن ٿا.حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو به پنهنجوپاڻ کي اذيت پهچائين ٿا اهي سخت پريشاني، تڪليف، مايوسي،رنج ۽ ناقابل برداشت اندروني هيجان جي اثر هيٺ ايئن ڪندا آهن.ڪجهه ماڻهو ايئن ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن،ڪجهه اوچتو ايئن ڪري ويهندا آهن.ڪجهه ڪڏهن وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائيندا آهن ته ڪجهه وري وري اهو ڪرڻ لڳندا آهن،اهڙيء طرح اها انهن جي خطرناڪ عادت بڻجي ويندي آهي.اسان مان ڪي ماڻهو غير واضح پر خطرناڪ طريقي سان پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا.ٿي سگھي ٿو ته اسان ڪو اهڙو رويو اختيار ڪيون جيڪو ظاهر ڪري ته اسان کي زندگي يا موت جي پرواهه ناهي رهي.تحقيق مطابق ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڏهن مان هڪ نوجوان شخص پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو.اهو فعل مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي.هم جنس پرست ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ جو لاڙو وڌيڪ هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن نوجوان ٽولن جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا،جيڪر اوهان جو ڪو دوست پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو تڏهن ان ڳالهه جا امڪان وڌي ٿا وڃن ته اوهان به پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ شروع ڪيو.جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا انهن ۾ ان ڳالهه جو امڪان گھڻو هوندو آهي ته انهن سان ننڍپڻ ۾جسماني يا جنسي تشدد ٿيو هجي.تحقيق ذريعي جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا،حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ جي شرح ان کان گھڻي آهي ۽ سروي موجب چار هزار ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سبب اسپتالن ۾ آندا ويا هئا انهن مان اسي سيڪڙو ماڻهن دوائون زياده مقدار ۾ استعمال ڪيون هيون ۽ اٽڪل پندرهن سيڪڙو اهي هئا جن پنهنجو پاڻ کي چڪ پاتا هئا. هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ٿا پهچائين؟انهيء جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.جن ۾ جذباتي معاملا ۽ مونجھارا،جسماني يا جنسي تشدد،لاڳيتو اداس رهڻ يعني ڊپريشن،پنهنجو پاڻ کي برو سمجھڻ،پنهن جي جيون ساٿي،ڪنهن دوست يا رشتيدار سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا هئڻ،يا اهو محسوس ڪرڻ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن،مايوسين جو وڌي وڃڻ،اڪيلائي محسوس ڪرڻ،اجايي غصي جي حالت ۾ بي قابو ٿي وڃڻ،بيوسي محسوس ڪرڻ ته سامهون آيل صورتحال کي بدلائڻ لاء آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان،منشيات ۽ الڪوحل جو ايترو استعمال جو اهي اثر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين،ڪنهن شخص کان بدلي وٺڻ جي ڪوشش باوجود بدلو نه وٺي سگھڻ وغيره.

    اهو سمجھڻ گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارن مان گھڻا نفسياتي مريض نه هوندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ڊپريشن جا مريض ٿي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهن ۾ بيماريء جي حد تائين شخصي ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪن کي منشيات يا الڪوحل جي عادت ٿي سگھي ٿي.بهرحال انهن سڀني کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.انهن ماڻهن جي ان عمل کي سنجيدگيء سان وٺڻ گھرجي ۽ سندن هرممڪن مدد جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪنهن کان مدد نه گھرندا آهن توڙي جو کين معلوم هوندو آهي ته اهي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آهن پر اهي ان مسئلي جي باري ۾ ٻئي کي نٿا ٻڌائي سگھن. انهن مان اهڙا ماڻهو نهايت ئي خطري جي نشان تائين پهچي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ لئي ڪو خطرناڪ يا سخت طريقو اختيار ڪندا هجن يا باقائدگيء سان پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي رهيا هجن،اهي به جيڪي سماجي طور تي اڪيلا هجن يا جن کي ڪو ذهني مرض به لڳل هجي.اهڙن ماڻهن جو ڪنهن سائڪاٽرسٽ کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙن مريضن جي علاج جا ڪيترائي طريقا موجود آهن پر شايد “پرابلم سالونگ ٿراپي“ يعني مسئلن کي سڌو سنئون حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وارو طريقو وڌيڪ اثرائتو شمار ڪيو وڃي ٿو.جيڪر توهان مان خدانخواسته ڪو اهڙي صورتحال جو شڪار آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت به ڪافي بهتري آڻي سگھي ٿو.پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ جا خيال ٿوري دير ۾ ئي هليا ويندا آهن جيڪر اوهان پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سواء ٿوري دير ان پريشانيء کي برداشت ڪندا ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پريشاني آسان ٿي ويندي.ان صورتحال ۾ اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو ٿا، ڪنهن دوست کي فون ڪري سگھو ٿا.جيڪر توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي اهڙي شخص سان گڏ آهيو جنهن سان گڏ رهڻ اوهان کي برو ٿو محسوس ٿئي ته ترت اها جڳهه ڇڏي ڏيو.ٻاهر نڪري ڪو گانو ڳايو،موسيقي ٻڌو يا اهڙو ڪم ڪريو جيڪو اوهان کي پسند هجي.پنهنجو ڌيان پريشانيء يا مسئلي تان هٽائي ڪنهن ٻئي طرف لڳايو،پنهنجو پاڻ کي پرسڪون بنايو ۽ ڪنهن وڻندڙ لمحي جو تصور ڪيو.پنهنجي جذبات جي اظهار جو ڪو ٻيو طريقو ڳولهيو جيئن برف جي ٽڪرن کي مٺ ۾ دٻائڻ وغيره،پنهنجوم پاڻ کي اذيت پهچائڻ سواء چارو نه هجي ته پنهنجو پاڻ کي نقصان نه ڏيندڙ درد پهچايو جيئن ڳاڙها مرچ يا ٿڌي برف کائڻ يا ٿڌي پاڻيء سان وهنجڻ.پنهنجي ذهن جو ڌيان مثبت شين تي رکو.ان وقت ڪو خط يا ڊائري وغيره به لکي سگھو ٿا ته ان وقت توهان سان ڇا ٿي رهيو آهي.

    انهيء صورتحال جو شڪار ماڻهن جي عزيزن ۽ دوستن تي به اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ گھرن ته انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪن،انهن جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوء آهستي آهستي گفتگوء جو موضوع بدلائي وٺن.پر انهن کان رات وچ ۾ اهو عمل ڇڏڻ جي اميد نه رکڻ گھرجي جو رويا بدلجڻ ۾ وقت لڳي ٿو.انهن سان ڪاوڙ يا ناراضگيء واري انداز ۾ پيش نه اچڻ گھرجي ۽ نه ئي انهن جو معالج بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
     
    عزيزالله ميمن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو