سنڌي زبان جو سرموڙ قوي عبدالغفار تبسم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي زبان جو سرموڙ قوي عبدالغفار تبسم

    (سندس سالگرهه جي ڀيٽا)

    آصف رضا موريو

    نفيس انداز ۾ سليس سنڌي ٻولي کي شاعري طور پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻائيندڙ عبدالغفار تبسم کي سنڌ جو نمائندو شاعر سڏجي ته بيجا ڪونه ٿيندو جنهن جي بااخلاق لهجي ۽ شائسته گفتگو مان صوفياڻو رنگ ڍنگ جهاتيون پائيندو آهي. سچ اهو پڻ آهي ته هو پنهنجي اٿڻ ويهڻ، کائڻ، پائڻ پهرڻ سان گڏ زندگي جي بيشمار معاملن ۾ مونکي پنهنجي ئي ڪنهن معياري رنگِ غزل جهڙو شاهڪار لڳندو آهي. نفرتن جي دنيا ۾ پيار ۽ پاٻوهه ونڊيندڙ تبسم جو نه رڳو تخلص شاعراڻو آهي پر سندس من موهيندڙ دلچسپ ۽ پروقار ادبي شخصيت کي پڻ شاعري کان الڳ ڪري ڪونه ٿو ڏسي سگهجي جو هو ادب نواز قوي انسان دوست هئڻ سان گڏ وطن پرست ۽ دوست نواز پڻ آهي. تبسم جي شخصيت ۾ جيڪا نفاست ۽ توازن آهي سو سندس شاعري ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي. بزرگي واري عمر ۾ نوجوانن جهڙو شاداب لڳندڙ تبسم عزت شهرت جي ايڏي اونچي مقام تي پهچڻ جي باوجود پنهنجي شاعري، ادبي حلقي، سماجي سڃاڻ، دنياوي وهنوارن ۽ دوستي ياري جي تمام تقاضائن کي هڪ ڪرو نڀائيندڙ هن جي شخصيت جا تمام لڀائيندڙ ۽ دل آويز پاسا آهن.
    عبدالغفار تبسم ذات جو ڀٽي آهي جنهن جو جنم 20 نومبر 1951ع ڌاري نئون ديرو تعلقي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ٿيو. پرائمري پنج سال گورنمنٽ پرائمري اسڪول نئون ديرو ۽ پرائمري اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. نائين جماعت تائين پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾، ڏهين جماعت کان فرسٽ ييئر ڦليلي سائنس ڪاليج حيدرآباد پڙهيو جڏهن ته بي اي گورنمنٽ ڪامرس آرٽس ڪاليج جناح باغ لاڙڪاڻو مان حاصل ڪيائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم اي پڻ ڪئي اٿائين. کيس تعليم جو شوق پنهنجي والد قادر بخش ڀٽي جي وفات کان پوءِ ٿيوجيڪو نئون ديرو ۾ ڀٽو اسٽيٽ جو مينيجر هوندو هيو.
    والد جي مالڪ کي پياري ٿيڻ کان پوءِ سندس ڪلهن تي ذميدارين جو بار پيو ته هن ايندڙ ڏهن سالن تائين زندگي جو گاڏو هلائڻ لاءِ لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو ۾بيشمار ڪم ڪارون ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڪيا، ڪاروبار ۾ فائدا نقصان ڪيا، ٺيڪيداري ڪئي ۽ نئون ديرو ۾ ميوزڪ سينٽر کوليو وغيره وغيره. هن نج ادبي ماڻهو سماجي مڃتا جي رڃ پنهنجا ترحا رارڻ لاءِ سياست جي خارزار وادي ۾ پنهنجو پاڻ آزمايو، چار دفعا نئون ديرو ميونسپل ڪارپوريشن جو چيئرمن به مقرر ٿيو پر سياسي مزاج نه هئڻ سبب اهڙن جوکن ۾ ڪارگر انسان ڪونه ٿي سگهيو.
    1993ع ۾ کيس انگريزي استاد طور پهرين ملي ۽ سندن پهرين پوسٽنگ نئون ديرو پرائري اسڪول ۾ ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هو اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻو ۾ فيملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ دنيا گهمڻ جي شوق دل ۾ ڪر کنيو ته ٿورڙي ڪوشش کان پوءِ پي آءِ اي جي هيڊ آفيس جي ڪارگو سيڪشن ۾ ٽريني آفيسر مقرر ٿيو جتان جنرل ضياءُالحق جي مارشل دوران کيس نيڪالي ڏني وئي. پيپلز پارٽي جي دور ۾ حڪومت جي سهڪار سان اين آر سي ڪورٽ ۾ مارشل دوران ڪڍيل ملازمن جا ڪيس هلايا ويا ته تبسم صاحب کي به وري ساڳي ملازمت تي بحال ڪيو ويو جتان 2006ع ۾ وقت کان اڳ استيفا ڏنائين.
    عبدالغفار تبسم سنڌ جي موجوده شاعر لڏي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳايو ويندڙ، ٻڌو ويندڙ ۽ هر ٽهيءَ جو پسنديده شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري جي هر صنف تي انتهائي خوبصورت ۽ شاندار طبع آزمائي ڪئي آهي. تبسم تخلص رکڻ کان اڳ غفار، عادل ۽ غفار راهي جا تخلص پڻ آزمايائيندو رهيو آهي. شاعري جي ابتدا 1962ع ڌاري ڪيائون. پاڻ پهريون گيت ته “اچو ته گڏجي ڏينهن ملهايون” نئون ديرو ٿيٽر ناٽڪ مندلي ۾ جهونگاريو هيو. سندس شاعري کي نئون رخ سندس ڀاءُ محمد يوسف ڀٽي جي روڊ حادثاتي موت ڏنو جنهن جي ناگهاني موت تي تبسم هڪ تاثراتي غزل لکيو هيو جيڪو سندس دوست امداد حسين ميراڻي ڳائي ٻڌايو جنهن جو آواز مهدي حسن سان ملندو هيو. سندس نثر ۾ پهريون ناول “منزل منزل غم جا سايا” لکيو هئائين جيڪو قسطوار المرتضا اخبار لاڙڪاڻو ۾ ڇپندو رهيو جيڪا ڪنهن دور ۾ علي حسن ڌاريجو (علي مرتضا ڌاريجو جو والد) لاڙڪاڻو مان ڪڍندو هيو. اهڙي ريت پاڻ تخيل جي رٿ جي جو سوار ٿيو ته شاعري جي افق جا نوان نوان آسمان ڳولي اسان تائين پهچائيندو رهيو. سندس شاعري جو سي ڊي جي صورت ۾ پهريون جامع البم ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ پاران واشنگٽن مان پڌرو ڪيو ويو هيو.
    شوقيه شاعري کان ذوقيه شاعري ڏانهن پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندڙ تبسم سنڌ جو اهڙو سدا بهار قوي آهي جنهن جي شاعري ۾ مستقل تازگي، ترنمي ۽ تازه خيالي سان گڏ سندس اسلوب تهه دار، دلچسپ ۽ بامعني رهيو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري پڙهندڙن کي هر دور ۾ دائمي مزو ڏيندي آهي. جذب ۽ عرفان جون منزلون ماڻيندڙ هن شاعر وٽ غزل جو اهڙو منفرد انداز رهيو آهي جنهن کي نه رڳو اهو ته ڪا به ادبي هلچل هن وقت تائين متاثر ڪندي نظر ڪونه ٿي اچي پر ان جي ابتر پٺين ٻن ڏهاڪن ۾ تمام ادبي کيتر جي تمام تحريڪن کي سندس ڪلام جي سماجي، ادبي ۽ آفاقي حيثيتِ فڪر ڪنهن نه ڪنهن ريت متاثر ڪندي نظر اچي ٿي.
    سنڌي ادبي کيتر جا بيشمارسنجيدهه محقق ۽ نقاد کيس غزل جو انتهائي ممتاز شاعر پڻ مڃين ٿا جن جو اهو پڻ خيال آهي ته تبسم جيترو ڀرجلو شاعر آهي سنڌ جي ادبي کيتر ۾ کيس اوتري حيثيت اڃان تائين ڪونه ملي آهي جيتري جو هو اصليتن حقدار ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ تبسم جو سنڌي زبان جي تاريخ جي انهن تمام استاد شاعرن منجهان ڳاڻيٽو ڪري سگهجي ٿو جيڪي غزل ۾ انساني تعلقات جي انتهائي پيچيده نفسياتي مطالعي ۽ پنهنجي اردگرد کي نهايت دلربا، دلنشين، دل آويز ۽ ڳوڙهي مشاهدي ۾ پيش ڪندا رهيا آهن. سندس شاعري مان جهاتيون پائيندڙ طرزِ احساس ۽ ردِعمل مان پڻ هن جي هڪ باخبر انسان جي دل و دماغ جي نشاندهي ٿئي ٿي جنهن کي نه رڳو شاعري جي تمام فني رمزن جي ساڃاهه آهي.
    “رنگين شاعري سنگين زندگي” جي مقولي تي پورو ٺهڪندر تبسم سنڌي زبان جو اهڙو سرموڙ شاعر آهي جنهن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ پهچڻ، انهن ۾ رهڻ ۽ راڄ ڪرڻ جو ڪامل وسيلو سندس شاعري جو اسلوب ئي آهي. عبدالغفار تبسم اسان جي موجود ٽهي جي انهن ڪجهه شاعرن منجهان آهي جن متعلق مون کي يقين آهي ته ڏينهن رات جي ڪنهن نه ڪنهن ويل، ڪنهن نه ڪنهن پاسي، دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڪٿي نه ڪٿي ٻڌو، پڙهيو ۽ جهونگاريون ضرور ويندو هوندو. توڙي جو سندس اندازِ بيان تمام گهڻو فهم هئڻ ڪري سندس شاعري جي پروڙ عام مطالعي مان به پئجي وڃي ٿي پر سندس ڪلام ۾ موجود چاشني ۽ دلربائي انداز باربار پڙهڻ ۽ وڌيڪ توجهه سان پڙهڻ لاءِ اڀاري ٿو جو هو انساني شعور جي نازڪ معاملات کي لفظن ذريعي منظر عام تي آڻڻ جو ڪمال پڻ رکي ٿو.
    سندس شاعري انساني نفسيات جي گهرائين ۾ لهي وڃڻ جي جادوگري کان پڻ واقفڪار لڳندي آهي. جهڙا رومانوي جذبات مون کي تبسم جي شاعري ۾ لڀندا آهن اهڙا ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام ۾ گهٽ نظر آيا آهن. شاعري جو مقصد پنهنجي اندر جي اڌمن، اهنجن ۽ پيڙائن جهڙي مشڪل جذبن کي آسان لفظن جا ويس پارائي پيش ڪرڻو هوندو آهي جنهن ۾ تبسم جهڙي عظيم شاعر کي ڪامياب ٿيندي ڏٺو ويو آهي جو لفظن جي هن جادوگر جي پٽاري ۾ انيڪ انمول جذبن تئين لفظ ستا پيا هوندا آهن جيڪي هن جي سوچ جي اشاري تي چلولائيندي پنهنجا جلوا ڏيکارڻ لاءِ بيتاب هوندا آهن.
    هن وقت تائين سندس بيشمار ڪتاب جهڙوڪ بشمول گلڙن جهڙا ڳل، شفق وارا ڇانورا، مٽيءَ جا سر، سوچون صحرا سراب، نيڻن جي آڳر ۾، تنها ڪنڌي مسافر، هو جي جوڀن ڏينهڙا (سوانح)، لنڊن تنهنجا رنگ هزار (لنڊن، امريڪا، ٿائيلينڊ، سنگاپور جو سفر نامو)، سج آرسي ۾، موسيقي موسم ۽ تبسم، جو پل جهومي جهول ۾، سونهن کڻي ساڻيهه ڄميو، پسڻ جون پڪارون وغيره شامل آهن.
    تبسم پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي پنهنجي حقيقت پاڻ لڳندو آهي جنهن جي پيڙا ۽ درد ئي سندس زندگي جو اهڙو سرمايو آهي جنهن سان هو پنهنجي پڙهندڙن سان تخيلي تعلق جوڙيندي نظر ايندو آهي. منهنجا تمام گهڻا دوست اديب، مورخ، شاعر، دانشور آهن جن مان ڪيترائي مونکي پنهنجي تحريرن کان کوڙ پري نظر ايندا آهن ۽ کوڙ وري پنهنجي ڪلام و بيان کان مٿاهان بيٺا هوندا ملندا آهن پر ان پسمنظر ۾ تبسم جي شخصيت پنهنجي تحريرن جي برابر بيٺي نظر ايندي آهي تنهنڪري ان تي لکڻ لاءِ منافق ٿيڻ جي ضرورت ڪونه هوندي آهي بلڪه ان تي لکڻ تمام سولو لڳندو آهي جو ان جي ڪار ڪمائي تي نه وڌاءُ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي نه گهٽاءُ ڪرڻ جي.
    گذريل ڪيترن سالن تائين سنڌ جي ساڃاهه وند ادبي، سماجي حلقن ۾ تبسم جي شاعري بيشمار تخليقي، رومانوي ۽ مزاحمتي تحريڪن جي روح روان رهيو آهي. مان پڻ سوچ جي ارتقائي منزلن تي رسندي کان ئي سندس مداحن ۾ شامل رهيو آهيان جو تبسم جي شاعري پڙهندي ۽ ٻڌندي هڪ عجيب قسم جي ذهني، روماني ۽ جذباتي آزادي جو احساس جو واس وٺندو رهيو آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو