مان ۽ ولو ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي رهيا هئاسين ته اسانجي گهر ماسي خيران آئي. موکان پُڇيائين... ”چرٻٽ سباڳي ڪٿي آھي؟ اصل ۾ سڀاڳي منهجي ماءُ آھي. دل جي سچي، نفيسڙي آھي. هميشه مونکي نصحيتون ڪندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن ماريندي به آھي. ڪڏھن چمچن سان ته ڪڏھن وري ڏوئلن سان ڪُٽيندي آھي ۽ مان روئي پوندو آھيان پوءِ مونکي ٻِٽا ڀاڪُر پائي پرچائيندي آھي، نِرڙ تي مِٺيون ڏيندي آھي. برهال مان کيس ڏاڍو تنگ ڪندو آھيان. مان ماسي خيران کي چيو... ”ڇو ماسي اڄ وري ڪنهن جي غلا ڪرڻ آئي آھين ؟ ماسي خيران صفا چِڙچِڙي نظر ٿئي آئي مُنهن چِٻو ۽ نڪ مٿي ڇڪجي ويس. چيائين...”ڇورا آڱوٺي جيڏو قد ٿئي, تون به وڏن جي سامهون ٿو ٿين! اصل ۾ مون کيس چيو غلط پر چيو سچ، اُهو ائين جو ماسي خيران روز اسانجي گهر ايندي آھي ۽ امان کي چوندي آھي... ”اڙي سباڳي، مونواري نُهن ته کٽ کان لهي ئي نٿي، گهر جو ڪم ڪار ته ٺھيو پر رهندو چانھ ماني به کٽ تي کڻي ڏيونس! امان چوندي اٿس... ”ادي پوءِ پُٽين ڪجھ نٿو چويس ڇا؟ ”ادي اُهو ويچارو وس ۾ ئي ڪونهي، جوڙنس ڪرامت شاھ جا تعاويز جو پياريا اٿس سو ڪاٿئون ڪڇي. اُن لاءِ ويچارو جوڙنس آڏو ماٺائتو هوندو آھي! ”پوءِ ادي تو ڀلا ڪڏھن هدايت ڪونه ڪئي اٿس ڇا؟ ”ادي منهجي نُهن مهاراڻي ٿيون ويٺي آھي، جي ڪجھ چوانس ٿي ته منهجي ڇوري جا ڪن ٿي ڀري ۽ کيس جُدا ٿيڻ جا ڏٽا ٿي ڏيس سو اِن لاءِ خوف اٿم ته جوڙنس جو غلام آھي ڪِٿي حقيقت ۾ نه جدا ٿي ويهي ته پوءِ مون بيوه رن جو ڇا ٿيندو، هڪ ته مون وار کڳو به بيروزگار هو. جي هجي ها ماستر ته سندس مرڻ کانپوءِ مونکي پينشن پيو ملي ها! ائين ماسي خيران امان سان وات ويڙھائيندي آھي ۽ سندي نُهن جا سور پٽيندي آھي. اُنڪري مون به کيس مُنهن تي چئي ڏنو ته تون گلا ڪرڻ آئي آھين. اُن لاءِ ماسي مونکي دڙڪا دهمان ٿئي ڏنا. ايتري ۾ امان به اندران ڪوٺي مان ٻاھر نڪتي ته سندس نظر ماسي خيران تي پيس. امان چيس... ” ادي ڏي حوال ڪو ڪم آھي ڇا؟ ”ادي ڪم ته ڪونهي پر چون ٿا ته نظيران کي ڪاري ڪيو اٿئون! امان جي رڙ نڪري وئي...”الله، ادي پر ڪنهن سان؟ ”ادي اِهو ڇُڙواڳ ڇورو، مولو موالي! اِهو ڪُڪڙائي جنهن سندي وني کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو! ”ها ادي اِهو مُئو! ”پوءِ ادي نظيران جو ڏي حوال! ” ادي چون ٿا ته ڀائر کيس ڏُنڍن کان وٺي وڏيري جي اوطاق تي گيهيلي ويا اٿس. پوءِ اُتي جئين وڏيري جو حڪم هجي ائين ئي ڪندا. ”پر ادي نظيران ته ڏاڍي ڀلي ۽ شريف ڇوڪري آھي! ”ھا ادي نظيران ته ڀلي ڇوڪري آھي، پر پوءِ بـه انسان خطا جو گهر آھي ٿي به سگهي ٿو. ”نه. نه، ادي مان هِن ڇوڪري کان بخوبي واقف آھيان هُن جو دامن پاڪ ۽ صاف آھي! ”پر ادي توکي ڪهڙي خبر تـه انسان جي اندر ۾ ڇا آھي؟ ”ادي انسان جي اندر جو ڏيھ سندس زبان مان پرکبي آھي. اُن لاءِ هُن جي زبان سنڌو جي جل جيان مٺِو آھي! ”ادي الله بهتر ڪندو مان هاڻي هلان ٿي، گهر جو ڪم ڪار اڌ ۾ آھي، هوءَ ڏائڻ ته هٿ نه وجهندي. ائين چئي ماسي خيران هلي وئي مان پريشان ٿي ويس. امان کي چيم... ”امان نظيران ڊانبر جي ڊرم ۾ ڪري پئي آھي ڇا؟ امان چيو.... نه پٽ ڇو؟ ”ڀلا چمڙيءَ جي ڪا بيماري ٿي اٿس ڇا؟ نه چرٻٽ آخر تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟ پوءِ امان نظيرا ته ڀوري ڇوڪري آھي پوءِ ڪاري ڪئين ٿي آھي؟ ”پٽ اُها ڪاري نه! ”ته پوءِ ٻي ڪھڙي ڪاري ٿي آهي؟ ”پٽ نظيران کي مولو موالي سان گڏ ڏٺو اٿن! ”امان پوءِ مان به ته ادي نظيران وارن جي گهر ويندو آھيان سندس ڀاءُ صابو سان راند رچائڻ لاءِ، اُتي ادي نظيران مونکي چانھ به پياريندي آھي ۽ مونسان گڏ ويهي مونکي چرچا بـه هڻندي آھي ۽ اُتي اُنجا سڀ مُڇن وارا ڀائر بـه ويٺل هوندا آھن، اُهي مونکي نظيران سان گڏ ڏسندا آھن پر تڏھن ته نظيران کي ڪاري ناهن چوندا! پوءِ ھئنير ڪاري ڪئين ٿي وئي آھي؟ ”پٽ تنهجي ڳالھ الڳ آھي، تون ننڍڙو ٻار آھين، نظيران کي سندس ڀائرن مولو موالي سان ڏٺو آھي. جيڪو اسانجي ڳوٺ جو آوارا، لوفر ۽ گنڊو آھي. ”پر امان اُن ۾ ادي نظيران جو ڪھڙو ڏوھ ھوءَ ته ڀلي ڇوڪري آھي مونکي سڌائين چوندي آھي ته پنهجي امان کي تنگ نه ڪندو ڪر! ائين چئي مان کن پل لاءِ خاموش ٿي ويس ۽ اُن وسوسن ۾ گم هُئس ته آخر مولو موالي سان بيهڻ ۾ ماڻھون ڪارو ڪئين ٿو ٿي سگهي. پوءِ وري امان کان پڇيم... ” پر امان مولو موالي ادا اڌڙ سان به ته ويهندو آھي، مون کيس پاڻ پنهجي اکين سان ڏٺو ھو . مطلب پوءِ ادا اڌڙ به ڪارو ٿي ويندو! امان منهجي سوالن کان تنگدستي ظاھر ڪئي ۽ چيائين... ”پٽ تون اڃا ٻار آھين توکي ڪجھ به خبر ڪونهي جڏھن وڏو ٿيندي ته سڀ سمجهي ويندي. اُنڪري منهجا ٻچڙا پنهجي امان جو مٿو نه کاءُ! ھل نِڪر ته هڻائين نه لِتر. صفا تپي باھ ٿي وئي تارا وڏا ٿي ويس. مان امان کي ڏسي ڊِڄي گھر کان ٻاھر بڄي ويس. ٻاھر آيس ته اُتي ماڻھن کي وڏيري جي اوطاق ڏانھن ڊوڪندي ڏٺم. مون پنهجي دوست کان رڙ ڪري پڇيو... ”اڙي ڪالو ڪاڏي ٿو وڃين؟ ڪالو رڙ ڪري چيو...” چرٻٽ وڏيري جي اوطاق تي ڪاري آھي هل ته هلي مزو ڏسون! مان به ڪالو سان گڏجي پيس ۽ اسان ٻئي وڏيري جي اوطاق تي ڊوڪندا وياسين، اُتي جڏھن پهتاسين ته هڪ وڏو هجوم نظر ٿئي آيو ماڻھو ڄڻڪ ڪنهن شيءَ جي چوڌاري گول ٺاھيون بيٺا ھئا. مان ۽ ڪالو آڱوٺي جيترا مس هئاسين سو اسان کي ڪئين نظر اچي پر پوءِ به پنهجي فيلڊ ۾ ماھِر هُئاسين. سو ماڻھن جي ٽنگن کان وچ ڪيوسين ۽ گول جي باقائده اندر پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته نظيران هيٺ پٽ تي پيل آھي ۽ رت هلي رهيو اٿس سندس اکيون آسمان تي ٽڪيل آھن ڄڻڪ آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙھي رهي هئي. واري ۾ صفا لِٿڙيل نظر ٿئي آئي مان کيس گهڻي ڌير تائين نه ڏسي سگهيس ۽ پوئين پير سندي گھر ڏانھن ڊوڙيس رستي ۾ مون مولو موالي کي ڏٺو ۽ مولو موالي کي چيو... ” اڙي لوفر ھاڻي ڪاڏي ٿو وڃي؟ مولو موالي چيو...” اڙي ٻڌو آھي ته ڪنهن ڇوڪري کي ڪاري ڪري ماريو اٿئون اُن لاءِ وڏيري جي اوطاق ڏانهن پئي ويس. ايتري ۾ مون چاچا صادق کي واٽ ويندي ڏٺو. پوءِ ڊپ وچان پيرن تي زور ڏنو ته ڪٿي مان نه ڪارو ٿي وڃا. ثاقب بلوچ