شرف الدين مرکنڊ طاهري (وارهه) اسان کي خاموش ويهي رهڻ نه گھرجي، سست ڪاهل بنجي وقت جي گھڙين کي ڳڻيندي ڳڻيندي، زندگي جو گاڏو گھلي گھلي بي مقصد مرڻ نه گھرجي، موت اسان تي کلي، ان کان بهتر آهي ته موت تي اسان کلون خوش ٿيون کلندي کلندي موت کي ڀليڪار چئون، موت مهڻو نه آهي، پر موت اڳيان مهڻو بنجي هلڻ زندگي جو وڏو ناسور آهي اڄ ان ناسور جو علاج ڪرڻو آهي، ناسور کي نيست ۽ نابود بنائڻو آهي قلم جي تکي نوڪ سان ناسور جو آپريشن ڪرڻو آهي، ناسور فرد جو ناسور ، قوم، ملڪ معاشري جو ناسور هڪ چيلينج ۽ هڪ مقابلو آهي، مقابلو ڪري ميدان فتح ڪنداسين، ان مقابلي جي فتح لاءِ بندوق جي ضرورت نه آهي توپ ۽ تلوار کان تکي شيءِ گھرجي، اها آهي قلم ۽ قلم جي سگھه. قلم قدرت جو ڪرشمو آهي، جڏهن قلم جي سنهي نوڪ پني تي مس هاريندي آهي، ان هاريل مس جا ڪارا اکر انسان جي زندگي ۾ عجيب انقلاب ۽ تلاطم پيدا ڪندا آهن، جيئن وڏي آواز سان سمنڊ ۾ ڇوليون پيدا ٿينديون آهن، اهي ڇوليون پهاڙ بنجي ڪنارن سان ٽڪرائجي هڪڙي قسم جو عجيب منظر پيدا ڪنديون آهن، ڪارا اکر به سمنڊ جي ڇولين جيان آهن، جيڪي انسان جي زندگي سان ٽڪرائجن ٿا سمنڊ جي ڇوليون ڪنارن سان ٽڪرائبيون آهن ۽ هڪڙي قسم جو آواز پيدا ڪنديون آهن، پر اکرن جون ڇوليون انسان جي زندگي سان ٽڪرائجي ان جي جسم وجان ۾ هڪ قسم جو آواز پيدا ڪنديون آهن، اهو آواز ضمير جو آواز آهي، اهو دل جو آواز آهي جيڪو انسان ۾ پيڙا پيدا ڪندو آهي، هڪڙي قسم جي سوچ پيدا ڪندو آهي، ستل کي اٿارڻ تمام سولو ڪم آهي، جاڳيل کي اٿارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جاڳيل کي اندر جو آواز اٿاريندو آهي. سٺو قلم سٺا ليکڪ انسان جي اندرونيآواز ۾ سگھه پيدا ڪندو آهن، سگھ جيڪا فرد ۾ ڪردار کي جنم ڏئي ٿي ۽ فرد ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ۽ هو معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿو، پنهنجي اصلاح سان گڏ ٻين کي اصلاحي پيغام ڏئي ٿو ان جو اصلاحي پيغام قوم جي رڳن ۾ خون اندر حرارت پيدا ڪري ٿو، قپمن جي اجتماع سان معاشرو ٺهي ٿو. ۽ پنهنجي معاشري جي اصلاح جو بهترين ذريعو قلم آهي. قلم قدرت جي ڏات آهي، هڪ نه مٽجيندڙ ڪرشمو، هن ڌرتي تي ڪيترائي آيا ۽ انهن ڌرتي تي ڪيترائي اهم ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ انهن جا ڪارناما انسان ذات جي لاءِ معشل راهه بنيا. انهن جي واقعن ۽ ڪارنامن کي قلم ئي محفوظ ڪيو آهي، قلم جي ذريعي انهن جي محفوظ ٿيل تاريخ مان انسان کي هڪ قسم جو درس ملي ٿو ۽ انسان مااضيءَ جي روشني مان پنهنجي دل دماغ کي روشن ڪري مستقبل جون راهون معين ڪري ٿو. اهو مستقبل ڀيانڪ رهي ٿو جيڪو ماضي کان ڪٽيل حال کي ماضي سان سڌاري ۽ سنواري ايندڙ زماني لاءِ بهترين منصوبه بندي ڪري سگھجي ٿي. ياد رکو! جنهن زماني ۾ توهان گذري رهيا آهيون اهو زمانو اوهان جي هٿن ۾ امانت آهي اها امانت ان قوم لاءِ آهي جيڪا اوهان کان بعد ۾ ايندي آهي، بعد ۾ ايندڙ قوم اوهان جي ڪردار کي مان سبق پرائڻ گھري ٿي، زندگي جا طور طريقا سمجھڻ ۽ سلجھڻ گھري ٿي، ان ڪري حالات ۽ واقعات کي قلمبند ڪيو جيئن اوهان جا حالات ۽ واقعات ايندڙ نسل لاءِ رهبري جو ذريعو بنجي سگھن. ذهن خيالات جي تلاطم جو شڪار آهي، دنيا جا چارئي طرف ذهن تي پنهنجا عڪس اڇلائين ٿا، ڪي منفي عڪس ۽ پاڇولا حقيقت بنجي انسان تي پنهنجي گرفت ۽ پڪڙ ايتري قدر مضبوط رکن ٿا جو ظاهر ۾ طاقتور ۽ پهلوان انهن جي اڳيان بيوس ۽ لاچار هڪ گڏ جي مثل ظاهر ٿيو پوي. اهڙي خيالن جي قيد ۽ بند مان نڪڙڻ جو طريقو قلم جو استعمال آهي، قلم ذهنن ۽ فڪري هيجان ۾ ماٺار پيدا ڪري ٿو، قلم انساني وجود اندر اصلاحي سرگرميون پيدا ڪندي کيس زندگي جي اهڙي منزل تي آڻي بيهاري ٿو جتي کيس روشنيءَ جا ڪرڻا نظر اچن ٿا ۽ هو ان روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگي جا قيمتي لمحا بسر ڪري ٿو. پنهنجي زندگي گذاريندي ڪاغذ تي قلم جي مس هاريندي ۽ ڪتابن جا ورق اٿلائيندي اٿلائيندي اجل جي داعي کي ته لبيڪ چوي ٿي . اجل قلم اڳيان بيوس بنجي قلمڪار کي انسانن ۾ نه بلڪ انسانن جي دلين ۾ نئون جلاء ۽ نئين زندگي عطا ڪري ٿو. اسان کي نئين زندگي گھرجي. هي فنا ٿيڻ واري زندگي نه گھرجي. اسان هن فاني زندگي کي ڇا ڪنداسين، هي زندگي ته هڪ دوکو ۽ فريب آهي، ان جي لاءِ جيڪو هن کي سڀ ڪجھه سمجھي، اسان هن زندگي کي سڀ ڪجھ سمجھون ٿا، پر هميشه زنده رهڻ واري زندگي لاءِ دنيوي زندگي ته آخرت واري ابدي زندگي لاءِ پوک آهي، پوک جو دارومدار زمين کي هَرَ سان کيڙي منجھس ٻج چٽي پاڻي ڏيڻ تي آهي، دنيوي زندگي کي سنواريو، سڌاريو، لکڻ سان پڙهڻ سان قلم جي استعمال ڪرڻ سان. اسان کي گھرجي ته پنهنجي قلم جو صحيح استعمال ڪري حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيون. ( الاصلاح رسالي جي ٿورن سان)