ڇا طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن؟ داتا درٻار تي ٿيل آپگهاتي حملن کان پوءِ هڪ ڀيرو وري اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن يا نه؟ هيءُ هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب سرڪاري ڌر وٽ هڪڙو آهي، ۽ اپوزيشن ۾ ويٺل ڌرين وٽ ان جو جواب بنهه مختلف آهي. اپوزيشن خاص طور تي نواز ليگ اهو چاهي ٿي ته طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، تڏهن ئي دهشتگرد ڪارروائين مان جند ڇٽي سگهي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان حق ۾ نٿي لڳي. ڪجهه سال اڳ آمريڪا پاران به چيو ويو هو ته افغانستان جا اهي طالبان، جيڪي امن پسند آهن، انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ملڪ ۾ تازي ڇڙيل هن بحث ۽ نواز ليگ جي مطالبي کي جيڪڏهن اسان آمريڪا جي ان موقف جي پسمنظر ۾ ڏسنداسين ته هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته جيڪي طالبان امن پسند آهن، انهن سان واقعي به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر هتي امن ڪرائڻ لاءِ جنهن حڪمتِ عملي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، سا اها آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اهي آپگهاتي حملا ڪن ٿا، انهن سان ڳالهيون ٿينديون، تڏهن ئي اهڙا حملا بند ٿي سگهندا. مطلب ته اهي طالبان جيڪي امن پسند آهن، انهن سان ڳالهين ڪرڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو. آمريڪا پاران جوڙيل اهو ٽرم عجيب آهي ته ”امن پسند طالبان“، ڇاڪاڻ جو جڏهن انهن جي طالبان مان مراد اها قوت آهي، جيڪا دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهي ته پوءِ انهن ۾ امن پسند ڪٿان ڳولبا؟ ڪا به ڌر، ڪا به قوت يا ته امن پسند هوندي، يا وري تشدد پسند هوندي. طالبان جيڪڏهن تشدد پسند آهن ته سڀ طالبان تشدد پسند هوندا، ۽ جيڪڏهن امن پسند آهن ته سڀ امن پسند هوندا. سٺي ڳالهه اها آهي ته انهن لاءِ طالبان جو اصطلاح نه استعمال ڪرڻ گهرجي، جو جيڪي ماڻهو آپگهاتي حملا ڪن ٿا، انهن لاءِ دهشتگرد هجڻ وارو خطاب ئي ڪافي آهي، ۽ نواز ليگ شايد اهو مطالبو پئي ڪري ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪريو ته امن ٿي سگهي ٿو. ڳالهين جو مقصد اهو آهي ته جڏهن اوهان ڪارروائين ڪرڻ وارن سان ڳالهيون ڪندا ته اهي رڳو اوهان جي ڳالهائڻ سان ته پنهنجيون ڪارروايون نه ڇڏيندا، يقينن انهن جون ڪي شرطون هونديون، اهي جڏهن سرڪار مڃيندي، تڏهن ئي ته هو پنهنجيون ڪارروايون بند ڪندا. ڳالهين جو تجربو هيءَ حڪومت اڳ ۾ به صوفي محمد سان ٿيل معاهدي جي صورت ۾ ڪري چڪي آهي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو، سو سڀني جي آڏو آهي. اهي ڌريون، جيڪي هن وقت آپگهاتي بمبار پيدا ڪري سموري دنيا کي خوف ۾ رکي ويٺيون آهن، ڇا ڪير سمجهي ٿو ته اهي ڌريون دهشتگردي جون ڪارروايون ڇڏڻ تي راضي ٿيڻ لاءِ ڪي معمولي شرطون رکنديون؟ ان کان انڪار ڪونهي ته دنيا ۾ اهڙا کوڙ مثال آهن، جو حڪومتون تشدد پسندن سان ڳالهيون ڪنديون آهن، پر اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته اهي تشدد پسند يا ته مخصوص علائقائي حصي لاءِ ڪارروايون ڪندا آهن، يا وري پنهنجن انساني حقن جي انحرافي جي ردِ عمل ۾ اچي پرتشدد ڪارروايون ڪندا آهن، ۽ مطالبو به اهو ئي رکندا آهن ته انهن جا انساني حق بحال ڪيا وڃن. پر جيستائين هتي ٿيندڙ ڪارروائين جو سوال آهي ته اهي مڪمل طور تي اهڙي نظام قائم ڪرڻ لاءِ آهن، جيڪو نظام سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ افغانستان ۾ هلندو رهيو. هيءُ اهو ئي نظام آهي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ انساني حقن جي وڏي انحرافي ڪندڙ نظام هو. هو ته مڪمل طور تي هڪ اهڙي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه پيا ڪن، جنهن ۾ رڳو آئين معطل نه هوندو، پر سمورا انساني حق معطل هوندا. ان ڪري انهن سان ڳالهيون ڪري انهن جا ڪجهه شرط مڃڻ جو مقصد اهو ٿيندو ته ڄڻ انهن کي انهن جي پسند جو نظام لاڳو ڪرائڻ لاءِ اسان ڪا لانچنگ پيڊ فراهم ڪري رهيا آهيون. پهرين ڳالهه ته دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن جا مطالبا مڃڻ سرڪار جي وس کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن اسان دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته ان جنگ جو ڊومين رڳو پاڪستان ڪونهي، پر ان جو ڪينواس سموري دنيا تائين ڦهليل آهي. ان ساڳي دنيا سان پاڪستان گذريل ڏهاڪي کان گڏ آهي، جنهن لاءِ پنهنجي طور تي تشدد پسندن سان ڳالهيون ڪري کين رعايتون ڏيڻ ايتري آسان ڳالهه ڪونهي، ۽ اها ڳالهه خود پاڪستان جي حق ۾ به ڪونهي، جو هن وقت دنيا کان ڪٽجي وڃڻ جو مطلب پاڻ کي اڪيلو ڪرڻ تشدد پسندن آڏو پيش ڪرڻ ٿيندو. ڪير اها ڳالهه ڪري سگهي ٿو ته جڏهن ڌاڙيلن کي عام معافي ڏئي انهن جا سمورا ڏوهه معاف ڪيا ٿا وڃن ته پوءِ دهشتگردن سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ اهو عرض ته ڌاڙيلن جو وڌ ۾ وڌ شرط معافيءَ جو هوندو آهي، جنهن کان پوءِ هو واقعي به ڪارروايون ڇڏي ڏيندا آهن، پر هتي جڏهن هو پاڻ کي ڏوهي ئي نٿا سمجهن ته معافي کان اڳتي پنهنجا شرط مڃائڻ جي ڳالهه ڪندا. جيڪڏهن اهڙو ڪو مثال قائم ٿي وڃي ٿو ته اهو خود تشدد لاءِ حوصلا افزائي وارو ڪم هوندو، پوءِ سڀاڻي ڪو به هٿيار کڻي ماڻهو ماريندو، جو کيس پتو هوندو ته هو جيتريون وڌيڪ پرتشدد ڪارروايون ڪندو، سرڪار ايتري مجبور ٿي ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي. ڪاوش