شفيق الرحمان شاڪر ٻي عالمگير جنگ پڄاڻيء تي پهتي ته زمين جي ڇاتيء تي ڀڳل،ٽٽل،سڙيل هٿيارن جا ڍير ۽ انساني لاشن جا انبار پکڙيل هئا،پوري دنيا جي باقي بچيل انساني آباديء جو بارود جي بدبوء کان ساهه منجھي رهيو هو ۽ خدا جي زمين تي بک،بدحالي،غربت ۽ مايوسين جا راڪاس پنهنجي سموري پٿردليء سان نچي رهيا هئا.جنگ جي انهن بي رحم تباهين جي منهن ۾ ايندڙ ملڪن وٽ رڳو ٻه آپشن رهجي ويا هئا.هڪ اهو ته اڳتي وڌي موت ۽ مايوسين جي سنبن هيٺان پنهنجون زندگيون وڇائي ، لتاڙائي ڇڏين يا وري موت جي خوف تي پنهنجي زندگيء جي نئين عمارت اڀي ڪري وٺن.جيڪر ڏکڻ ڪوريا جو مثال وٺجي ته ان ٻئي آپشن جي چونڊ ڪئي يعني همت ڪري موت جي ڳچيء ۾ هٿ وڌو ۽ زندگيء جي پٺي ٺپري. ڏکڻ ڪوريا ڄاتو ٿي ته ملڪ جي سموري زمين پٿريلي ۽ جبلن سان ڀريل آهي.تيل،گئس ۽ ٻي قيمتي معدنيات کان سندن زمين جو سينو محروم ۽ جبلن جو پيٽ خالي آهي.ان ڪري ان پنهنجي فطري اثاثي يعني ڪاريگريء تي پنهنجو سمورو ڌيان موڙي ڇڏيو.ڏکڻ ڪوريا هنرمندن يعني واڍن ۽ لوهارن جي قوم هئي ۽ اهو ئي اهو واحد اثاثو هو جنهن سان ان جون سموريون اميدون لڳل هيون ۽ جنهن کي هو عالمي مارڪيٽ ۾ وڪڻي سگھيو ٿي. ڏکڻ ڪوريا سڀ کان پهرين انهن ئي واڍن ۽ لوهارن کي پوري ملڪ مان هٿ ڪيو ۽ ننڍيون ننڍيون تعميراتي ڪمپنيون جوڙي کين ڪم تي لڳائي ڇڏيو.ان طريقي سان غريب هنرمندن کي روزگار به ملي ويو ۽ ملڪ تعمير ۽ ترقيء جي رستي تي به هلي پيو پر اهم ٽارگيٽ تجربو حاصل ڪرڻ هو. ڪجهه سالن ۾ ئي اهي تعميراتي ڪمپنيون تجربي جي انتها کي ڇهڻ لڳيون.هاڻي انهن ئي ڪمپنين جا انجنيئر ۽ ڪاريگر ڪنهن ويران بيابان جي ڪناري آڻي بيهاربا هئا ته اهي هڪ ننڍڙي ڪاغذ تي ساعتن ۾ نقشا جوڙي ڪم ۾ مست ٿي ويندا هئا پوء باهه جا الا ڇڏيندڙ ڪنهن ويران بيابان کي شاندار هوٽلن،اسپتالن،يونيورسٽين،پلين ۽ روڊن سان جرڪندڙ شهرن ۾ اهڙي ته تيزيء سان تبديل ڪرڻ لڳا ڄڻ ته انهن وٽ الادين جو چراغ هجي.سندن محنت،تجربو ۽ ڪم دنيا جي نظرن ۾ سمايو ته سمورا ملڪ ڏکڻ ڪوريا جي در تي دستڪ ڏيڻ لڳا.ننڍين ننڍين تعميراتي ڪمپنين کي پاڻ ۾ ملي وڏيون وڏيون ڪمپنيون وجود وٺڻ لڳيون ۽ ڪوريا جا ڪاريگر دنيا جي طرف نڪري پيا. فطرت جو اڻٽر اصول آهي ته سچائي ۽ اخلاص سيني۾ هجي ته برڪتون پاڻهي اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون.سٺ جو ڏهاڪو ايندي ايندي اهو ڄاڻي دنيا جو وات پٽجي ويو ته عرب ملڪن جي تپندڙ ۽ ٻرندڙ ريگزارن هيٺان تيل جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي.انهيء انڪشاف جي سامهون اچڻ سان ئي عرب سربراهن جاڪنڌ ڪوريا جي ڪاريگرن طرف مڙيا ته ته ڪوريائي ڪاريگر ياجو ماجوج جي فوج جيان عربن جي رڻن ۾ پکڙجي ويا.دولت جي انهن ڍيرن مان ڏکڻ ڪوريا محنت ذريعي پنهنجون جھوليون ڀريندو ويو.اتي ڏکڻ ڪوريا جي ويزن هڪ نئون پاسو ورايو ۽ پيسي کي صنعت يعني انڊسٽريلازيشن طرف موڙي ڇڏيو.هن وقت ڏکڻ ڪوريا جي پنجاهه سيڪڙو جي ڊي پي فقط ايڪسپورٽ تي آهي. اوهان اندازو لڳايو ته رڳو 2016ع ۾ ڏکڻ ڪوريا 495 بلين ڊالرز جو مال دنيا کي وڪيو ۽ اهو به ڪهڙن ملڪن کي؟چين هن وقت ڏکڻ ڪوريا جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽ پارٽنر آهي.ان کان پوء آمريڪا،جپان،سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن جونمبر اچي ٿو جيڪي پنهنجا ڳرا چيڪ بڪ کڻي ڪوريا جي دروازي تي بيٺل رهن ٿا ۽ اليڪٽرڪ مشينري،گاڏيون،شپس،اسٽيل ۽ ڪنسٽرڪشن مشينري جي سودن لاء ڪوريا کي وڏي رقم به ڏين ٿا ته سندس خوشامدون به ڪن ٿا. هن وقت جيڪر دنيا ۾ صنعتي پيداوار جي رستي تي ڪو ملڪ بجليء جي تيز رفتاريء سان چين سان گڏ ڊوڙي رهيو آهي ته اهو فقط ڏکڻ ڪوريا آهي.نه ته باقي ٻيا ملڪ ته ڪڏهن کان هن رستي جي ڪناري ويهي سهڪي رهيا آهن.اوهان ڳڻي ڳڻي ٿڪي پوندا ته 2016ع کان 2020ع تائين ڏکڻ ڪوريا جي متوقع جي ڊي پي ڏيڍ هزار ملين ڊالرز آهي. هاڻي اهو سوال پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو ته پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ ڪانهي،چترال کان وزيرستان تائين جبل نهايت ئي قيمتي قدرتي ۽ معدني زخيرن سان ڀريا پيا آهن.پنجاب جا ميدان زرعي لحاظ کان دنيا جي بهترين زمينن مان هڪ آهن.بلوچستان ۽ سنڌ جي بيابانن ۽ جبلن ۾قدرت اسان لاء ڪهڙا ڪهڙا خزانا ڀري ڇڏيا آهن پر سوال اهو آهي ته اسان انهن نهايت قيمتي وسيلن جو اهو صحيح فائدو کنيو آهي جيڪو ڏکڻ ڪوريا پنهنجي بي قيمت وسيلن،واڍن ۽ لوهارن جي هنري صلاحيت جو کنيو آهي. جيڪر جواب ناڪار ۾ آهي ته پوء ايترن وسيلن هوندي ملڪ ۾ بکن وگھي مرندڙ غريب ماڻهن جي ڏوهه جو ڏوهاري ڪنهن کي قرار ڏنو وڃي؟ها، ملي نغمن ۽ تقريرن جي حد تائين ته اسان واقعي هڪ زندهه قوم آهيون پرڇا حقيقت ۾ به ايئن ئي آهي؟ يا اسين اهي ڳجھون بڻجي چڪا آهيون جيڪي هڪٻئي جي لاشن تي لامارا ڏيئي بدبودار ٻوٽيون نوچڻ کي پنهنجو هنر به سمجھهون ٿا ته پنهنجو ڪمال پڻ!