شهزادو لانگاهه: سنڌ جي پُراسرار شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شهزادو لانگاهه: سنڌ جي پُراسرار شخصيت

    شهزادو لانگاهه ولد گاجي خان لانگاهه ڳوٺ اميرآباد تعلقه ڳڙهي ضلع جيڪب آباد ۾ 25 مئي 1954ع ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم امير آباد مان حاصل ڪيائين، انٽرميڊييٽ شهداد ڪوٽ مان ۽ بي ڪام ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين.
    ايم ڪام (سنڌ يونيورسٽي)، ايم اي اسلاميات (ڪراچي يونيورسٽي)، ايل ايل بي، ايل ايل ايم، ايم فل قانون (ڪراچي يونيورسٽي)، پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ان ليبر لاز ۽ فيلو ميمبر انسٽيٽيوٽ آف ڪارپوريٽ سيڪريٽريٽ آف پاڪستان آهي. هن ٻه دفعا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد مان ڪاميابي حاصل ڪئي. شروعات ۾ ليڪچرر ان ڪامرس، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ريجنل مئنيجر طور حڪومت سنڌ ڪراچي ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. بعد ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشه آف پاڪستان اسلام آباد مان ڪاميابي حاصل ڪري منسٽري آف ليبر مين پاور ۽ اوورسيز پاڪستان ۾ ڊپٽي شوشل سيڪيورٽي ۽ سوشل سيڪيورٽي ايڊوائيزر طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه منسٽري بين الصوبائي رابطا کان علاوه اقتصادي امور ڊويزن ۾ به ايڊوائيزر طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه پاڪستان ريڊڪراس سوسائٽي پاڪستان اسلام آباد جو لائيف ميمبر، ايشين سولائيزيشن سوسائٽي لوڪ سانجهه، ڪائونسل آف سوشل سائنسز، ايشين اسٽڊي گروپ، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل، پروگريسو رائيٽس ايسوسيئيشن، سنگي، انساني حقوق پارٽي آف پاڪستان، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي برانچ جو فنانس سيڪريٽري، آل پاڪستان لانگاهه جماعت جو اهم رڪن وغيره به آهي. هڪ عاجز مخلص، همدرد، سيلف ميڊ، معصوم شخصيت کان علاوه هر انسان کي وڏي عزت ۽ احترام سان پيش ايندو آهي. انهن جي جائز قانوني ۽ اخلاقي مدد به ڪندو آهي.
    لانگاهه صاحب جو زندگيءَ ۾ نهايت اهم ڪارنامو ان جا لکيل 2 اهم ڪتاب آهن پهريون سول سروس لاز، ان پاڪستان جيڪو نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد جي سيڪٽر جي ايٽ فور مان پهريون دفعو 2009ع، ٻيو دفعو 2013ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن ڪتاب کي هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ايل ايل بي جي ڪورس ۾ ٽن سبجيڪٽس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ايڊمنسٽريٽو لا ون ۽ ٽو کان علاوه ريسرچ ميٿڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب 1150 صفحن تي مشتمل آهي ۽ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي بڪ شاپس تان اسلام آباد، لاهور، ملتان، بهاولپور، واهه ڪينٽ، فيصل آباد، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب باد، پشاور، ايبٽ آباد، بنون، ڊي آءِ خان ۽ ڪوئٽا مان نهايت رعايتي قيمت ريڊرس ڪلب ميمبر شپ اسڪيم تحت 50 سيڪڙو رعايت سان ملي سگهي ٿو. هي ڪتاب تمام وفاقي، صوبائي ملازم، ڪارپوريشن، خودمختيار، نيم خودمختار کان علاوه اٿارٽيز جي ملازمن لاءِ نهايت فائديمند آهي. خاص طور تي ملازمت حاصل ڪرڻ کان وٺي، رٽائرمينٽ تائين جا اهم مسئلا ۽ انهن جو قانوني حل پيش ڪيو ويو آهي. سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع جا سيڪشن 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9، 10، 11، 12، 12A، 13، 14، 15، 16، 17، 18، 19، 20، 21، 22، 23، 24، 25 ۽ امپائنٽمينٽ رولز 2، 3، 4، 8، 11، 20 کان علاوه الفانيٽينڪل ABCD کان وٺي XYZ جي ترتيب سان تفصيلي بيان ڪيل آهن. مثال طور ائباليشن آف پوسٽ ائبزابشن آف پوسٽ، ڪيڊر، ايڊهاڪ اپئانمينٽ، ايڊورس ريمارڪس، اپيل، ايپليٽ اٿارٽي، اٿورائيڊ آفيسر ڪيڊر، چارج رپورٽ چارج شيٽ، ڪمپلسري رٽائرمينٽ ڪنفرميشن، ڪرپشن چارج، ڪرمنل ڪيس، ڊموشن، ڊپارٽمينٽل اپيل، ڊيپيوٽيشن، رمول، ڊسمس، ايڪس ڪيڊر پوسٽ، فيڪسيشن آف پي، فراڊ، گريجوئٽي، انڪريمينٽ، انڪواري رپورٽ، انٽراڪورٽ اپيل، لين، مسڪنڊڪٽ، نوٽيفڪيشن، پينالٽي، پينشن، پروبيشن، ڪوليفڪيشن، ري امپلائمينٽ رٽائرمينٽ، سليڪشن گريڊ، سروس اپيل، سروس بوڪ، شوڪاز نوٽيس، اسٽڊي ليو، سرپلس اسٽاف، سسپينشن، ٽرمينيشن، ٽرانسفر، وربل آرڊر، رِٽ وغيره جهڙا اهم مسائل جا حل، سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاهورهاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ، آزاد ڄمون ڪشمير هاءِ ڪورٽ، فيڊرل سروس ٽريبيونل ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا 5000 فيصلا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب مان جج صاحبان، وڪيل حضرات، قانون جا شاگرد، اهي وفاقي ۽ صوبائي آفيسر جيڪي مختلف پوسٽن لاءِ اپائنٽمينٽ اٿارٽي آهن انهن لاءِ نهايت ڪارآمد فائديمند ڪتاب آهي. هي ڪتاب پاڪستان جي 60 يونيورسٽيز کان ملڪ جي چئني صوبن کان علاوه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي لا ڪاليجز ۾ به پڙهايو ويندو، جن جو تعداد 120 ڪالجز ٿئي ٿو. ان کان علاوه تمام وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جا ٽريننگ ادارا جيئن سول سروس اڪيڊمي پاڪستان، صوبائي سول سروس اڪيڊمي، سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، فيڊرل ۽ پراونشل جڊيشل اڪيڊمي، اڪيڊمي ايڊيوڪيشن پلاننگ، سروس ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن کان علاوه لائبرري، لا ڪاليجز، ۽ يونيورسٽيز ۾ ريفرنس طور ڪم اچي سگهي ٿو. هي ڪتاب محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي.
    ٻيو ڪتاب ليبر مئنيجمينٽ رليشن ان اسلام، هي ڪتاب هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد 2011 ۽ 2014 ۾ ڇپجي چڪو آهي، هن ڪتاب ۾ ليبر لاز کي قرآن ڪريم، حديث ۽ اسلامي فقه سان تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ موضوع تي هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان پهريون دفعو ڇپرايو ويو آهي. خاص طور ليبر ليڊر ريسرچ ڪندڙ، قانون سان وابسته جج، وڪيل ۽ شاگردن کان علاوه اين جي اوز جي ليبر متعلق ڪم ڪن ٿيون. انهن لاءِ هڪ رهنما اصول بيان ڪندڙ ڪتاب آهي، هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان هن ڪتاب کي اڪنامڪس، شوشيالاجي، ايم پي اي، ايل ايل بي، ايل ايل ايم جي ليبر لاز سبجيڪٽ، سوشل ورڪ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ان ليبر لاز نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ليبر ائڊمنسٽريشن ۽ ٽريننگ Nilat يونيورسٽي روڊ ڪراچي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ان هيومن ريسورس مئنيجمينٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ڪورس ڪوڊ نمبر 9509، جيڪا دنيا جي ملڪن ۾ شاگردن جي لحاظ کان پاڪستان جي تمام وڏي يونيورسٽي آهي هن ڪتاب کي شامل ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سرڪاري ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، خاص طور ڪارپوريشن، خودمختيار ادارن، اٿارٽيز کان علاوه حڪومت سنڌ، ليبر کاتو به خاص فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. جيئن ته پاڪستان مين پاور انسٽيٽيوٽ، نيشنل ٽريننگ بيورو، ڊدائريڪٽوريٽ آف ورڪس ايڊيوڪيشن، ڊاڪ ورڪس سيفٽي بورڊ، نيوز پيپر امپلائيز، سوشل ويلفيئر، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، پرائيوٽ ادارا، لا ڪاليج، يونيورٽيز، لائبرري ۾ ريسرچ ڪندڙن لاءِ ريفرنس طور ڪم اچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ اهم 40 نقطه جي مشتمل ليبر جي جملي مسئلن جو جامع ۽ واضح حل پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب کي ڪيترن ملڪن ۽ بين الاقوامي ادارن تعريف ڪئي آهي. جنهن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا ۾ هندستان جا سفير، پاڪستان ريڊڪراس سوسائٽي اسلام آباد، وفاقي محتسب، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۽ صوبائي ليبر کاتو وغيره شامل آهن.
    شهزادو لانگاهه 2 باب مرڪنٽائل لا ڪتاب ۾ ڇپجي چڪا آهن جيڪي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪورس ڪوڊ نمبر 460 ۾ شامل آهي، هي ڪتاب بي ڪام، بي اي ليول جي شاگردن کي پڙهايو ويندو. شهزادولانگاهه ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايل ايل ايم جي ڊگري کي ايم فل لا جي برابر ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته 1998ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد جناب عثمان علي عيساڻي جي چيئرمين شپ دوران ايل ايل ايم کي ايمفل جي برابر قرار ڏنو ويو. ان کان بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻيا ادارا به ايل ايم ايم کي ايم فل جي برابر تسليم ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ ايم فل جا فائدا به حاصل ڪري سگهن ٿا. هاڻي ايل ايم ايم وارن کي سڌو سنئون پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ داخلا وٺي سگهن ٿا. مٿي بيان ڪيل ڪمن سبب منسٽري آف اڪنامڪس افيئرس ڊويزن اسلام آباد شهزادو لانگاهه جو ڪيس ڪيبينيٽ ڊويزن اسلام آباد کي موڪليو ويو، جنهن سبب حڪومت پاڪستان جو صدارتي ايوارڊ، ”تمغه امتياز“ تعليم جي شعبي ۾ 2012 ايوان صدر اسلام آباد ۾ ڏنو ويو.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو