شاهه جي سُر ڪيڏارو ۾ ثابت قدمي جو درس

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,857
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه جي سُر ڪيڏارو ۾ ثابت قدمي جو درس

    عاشق بلوچ

    آدجڳاد کان ڪائنات جي ڪشڪول ۾ ڇڻڪندڙ احساس جي سڪن جو دل افروز ترنم سيهوڳي، ساهت ۽ ڪلا جي رِدا ۾ ملبوس ٿي جڏهن وجود جي وجد ۾ گهڙي روح جي پاتال تائين پهچندو آهي ته شعر گوئي مرحم گوئي جي مترادف ٿي ويندي آهي. سماج جي دقيانوس رُجعت پسندي وارا جمودي رويا جڏهن ماڻهو کي ويتر هيڪلائي جي صحرا ۾ بنواس ڪاٽڻ تي مجبور ڪن ته اندر جي وشال اونداهي ڪائنات تي شاعري جو سج طلوع ٿي پوندو آهي. جيڪو هڪ حساس ماڻهو جي تاريڪ جيون ۾ تخليق جا سوجهاڪا ڪندو آهي.
    تاريخ جي اولڙي ۾ اسان ماضي بعيد جا عڪس ڏسون ته معلوم ٿيندو ته شاعري ماڻهو جي احساساتي ڪائنات جي موجد آهي. شاعري ماڻهو جي فڪر، فهم، خيالن، سوچن، امنگن ۽ جذبن جي عڪاسي آهي.
    درحقيقت شاعري فنونِ لطيفہ جي سڀ کان اهم شاخ آهي، جنهن سان احساسن جون سڀئي حُسناڪيون سلهاڙيل آهن. سنڌي شاعري جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته حقيقت ۾ سنڌي شاعري جي شعر جي سرزمين سنڌي اساسي شاعري جي اوائلي دور وارن شاعرن، قاضي قادن (1445ع کان 1551)، شاهه ڪريم بلڙي وارو (1543ع کان 1689ع) لطف الله قادري (1611ع کان 1779ع) ۽ ميون شاهه عنايت رضوي وارن شاعرن مڪمل طرح کيڙي ڇڏي هئي.
    ڪلاسيڪل شاعري جي ڪُک مان سندن شعر پنهنجي فڪري مڪملتا سان نروار ٿيو هو.
    جيتوڻيڪ هنن اساسي شاعرن جي صحتمند شاعري ابتدائي سنڌي شاعري جي پيڙهه جو پٿر آهي. پر تنهن هوندي به حضرت شاهه عبداللطيف جيڪو کانئن پوءِ (1689ع کان 1752ع) ۾ آيو هو شعر گوئي جي جنهن مَسند تي فائز ٿيو اهو درجو کانئن اڳ واري شاعرن کان ممتاز هو. انهي جو ثبوت سندس عرفاني ڪلام جي آفاقيت، فن ۽ فڪر جي پختگي، شعر جا جاندار مضمون، تصوف جو ڳُوڙهو اُپٽار، ڪلام جو ذخيره وغيره آهي.
    ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ اُن شاعرن کانپوءِ ڄڻ ته شعر جو سمنڊ کيڙيو، هُن شعر جي مها ساگر کي کيڙي منجهس پنهنجي هر پاسي کان فصيح ۽ بليغ آفاقي ڪلام جو فصل پوکيو جيڪو اڄ سنڌ شناسي جي اهم دستاويز سان گڏ پنهنجي ڪائناتي فڪري پيغام ۾ زندگي سان وابسته هر هڪ عمل ۽ ان جي ردِعمل بابت اهم وضاحت، اهم تاڪيد ۽ دُنيوي ۽ اُخروي چڱاين جون جامع ڀلايون نه رڳو ڏيکاري ٿو پر انهن تي هلڻ ۽ انهن کي اپنائڻ جا ڪارگر گُر ۽ گس پڻ سُهائي ٿو.
    سرتاج الشُعراءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي شاعري جي عظمت ۽ فڪر جي باريڪ بين نظريي تي ڳالهائڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي مصداق آهي. درحقيقت شاهه جو پورو رسالو ”غنائي شاعري“ جو بينظير نمونو آهي. سندس شعر مڪمل طرح موسيقيت سان محصور آهي.
    شاهه جو رسالو شاعري جي زمين آسمان جو هڪ شاهڪار ڪارنامو آهي، جنهن ۾ شعوري ڪوشش کان بغير سرجيل وجداني شاعري في البديهه شعر جو اعليٰ نمونو آهي.
    بهرحال! هتي اسان شاهه جي پوري رسالي تي تبصرو ڪرڻ بجاءِ سندس رسالي جي هڪ سُر جنهن ۾ بهادري جي فلسفي جي اُپٽار ٿيل آهي اُن ”سُر ڪيڏاري“ جو مطالعو ڪنداسين.
    ”ڪيڏارو“ لفظ سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بکڙيل صورت آهي جنهن جي معنيٰ آهي جنگ جو ميدان. سُر ڪيڏاري جو مکيه موضوع ڪربلا جي واقعي واري جنگ آهي. جنهن ۾ حضرت امام حسين رضه پنهنجي 72 ساٿين سميت شهيد ٿيو.
    سُر ڪيڏارو جنهن ۾ ڪربلا جي قضيي ۾ شهادت جو جام پيئندڙ حضرت امام حسين رضه هر طرح جا سُور ۽ سختيون سٺيون. اُڃ ۽ بُک ۾ پنهنجي ٻچن سميت رهيو. سندن اهل ۽ عيال به سختيون سهندي سندن اکين اڳيان شهيد ٿي ويو. پاڻ پنهنجي ٻارن، ٻچن ۽ وفادار ساٿين سميت قربان ٿيو.
    تاريخ ۾ سچ جي واٽ ۾ هڪ فرد جي قرباني جا ٻيا به ڪيترائي مثال ملن ٿا پر ڪو ماڻهو پنهنجي سڄي قبيلي، سڀني دوستن، احبابن کي شهيد ٿيندو ڏسي ثابت قدم رهيو هجي اهڙو مثال تاريخ ۾ به نٿو ملي.
    ڪِامل ڪربلا ۾ پاڻ آيا پيهي
    پهه ڪيائون پاڻ ۾، مقابل ويهي،
    قضا هي ڪيهي، هاءِ هاءِ ٿي حسين سين؟
    تصوف جي رمز ۾ ڪربلا جي قصي کي الاهي اسرار جو اعليٰ درجو ڏنو ويو آهي. جنهن موجب مالڪ پاڻ پنهنجي پيارن کي آزمائش طور ڪُهائي ٿو.
    دُوست ڪُهائي دادلا، ٿو مُحب مارائي،
    خاص خليلن کي، ٿو سختيون سَهائي،
    ”الله الصمد“ بي نياز، ساَڪري جا چاهي
    انهين ۾ آهي، ڪا اونهين ڳالهه اسرار جي،
    در حقيقت سُر ڪيڏارو هڪ رزميہ شاعري جو سُر آهي جنهن ۾ جنگ جي ميدان ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو ان جو هوبهو نقشو شعر ذريعي چٽيو ويو آهي.
    ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
    ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
    ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو.
    سُر ڪيڏراري جي رزميه شاعري ۾ بهادرن جا ڪارناما، سپاهين جي شجاعت جا جوهر ۽ سندن دليرانه جذبا نهايت ئي پُرسوز طريقي سان بيان ڪيل آهن. اهڙي قسم جي بهادري جو منظر شاهه سائين هن ريت بيان ڪيو آهي.
    ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،
    جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،
    مُنهن نه موڙيائون، پَسي تاءُ ترار جو.
    هن سُر کي پڙهندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته شاهه صاحب اُتي ان وقت موجود هئا جو جنگ جي هر هڪ حقيقت کي تمام گهڻي باريڪ بيني سان بيان ڪيو اٿن جن مان نه رڳو ڪربلا جي شهيدن جي بهادري واضح ٿئي ٿي پر پڙهندڙن تي به هڪ درد جو سحر طاري ٿيو وڃي.
    حَسن مير حسين کي، رُنو ٽِن ٽولن،
    گهر ماڻهوئين، جهنگ مروئين، اُڀن ۾ مَلڪن،
    پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،
    اَلا! شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.
    شاهه جي هڪ وڏي شارح ڪلياڻ آڏواڻي هن سُر بابت لکيو آهي ته ”هن سُر ۾ شاهه صاحب ڪربلا جي قضيي ۾ حق جي راهه تي هلندڙن جي سُورن ۽ سختين جو ذڪر ڪيو آهي، انهي سان گڏ جنگ جي ميدان، جنگي اسباب، جنگي فن، جنگي سورمن ۽ سندن زالن جي دليري ۽ اعليٰ سيرت جو حيرت انگيز نقشو چٽيو آهي.
    چنڊ وهاڻي چڙهيا، مَل مدينئان گهوٽ،
    اُن سين طبل، باز، تبرون، نيزا ۽ نشان،
    علي پٽ اڀام، ڪندا راڙو رُڪ سين.
    سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ ۾ لکيو آهي ته ”ڪربلا جو واقعو اسلامي تاريخ جو هڪ غير معمولي افسوس ناڪ واقعو آهي. هن قصي ۾ جيڪي خصوصيتون آهن تن جو شاهه لطيف تي وڏو اثر ٿو ڏسجي. انهن خاصيتن ۾ ماڻهن جو ڪثير تعداد ناحق تي گڏ ٿيڻ به امام حسين کي مرغوب نه ڪري سگهيو. سندس شجاعت جي حد اها هئي جو حڪومت ۽ طاقت اڳيان باوجود بي سرو ساماني جي سِر نه جهڪايائين.
    حق لاءِ وڙهندڙن جي ساراهه ڪرڻ، بزدلي کي نندڻ، سچن ۽ بااصول ماڻهن جو سچ جي راهه ۾ سختيون سهڻ، اهي خاص ڳالهيون آهن جيڪي شاهه لطيف تي اثرانداز ٿيون جنهن کي شاهه سائين بيتن ۾ بيان ڪيو آهي.
    ڪِلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
    اڃا اُن کي جيئڻ جو، آسانگو آهي،
    سورهيه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گُهري.
    جڏهن عوام جو اصل اقتدار ۽ اختيار يزيد پاڻ وٽ قبضي ۾ رکيا ۽ ان روش خلاف عوام جتي به ڪا دانهن ڪئي ته ان کي اُتي ئي دٻايو ويو بلڪل ايئن جيئن آمريت ۾ ٿيندو آهي. بلڪل ايئن جيئن جمهوريت ختم ڪري مارشلا نافذ ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي اهو باور ڪرايو وڃي ته ڊڪٽيٽر کي ئي حڪومت ڪرڻ جا سمورا حق حاصل آهن. اهڙي ظلمت جي دور ۾ امام حسين رضه نه صرف پاڻ جانبازي ۽ قرباني جي جذبي سان وڙهيو پر پاڻ کي ظلم جي حڪومت جو حصو ٿيڻ نه ڏنائين.
    پاڻ عدالت، آزادي، جمهوري رواداري جو هڪ بلند ترين مينار هو جيڪو يزيد جي هزار زيادتين اڳيان ڪڏهن نه جهڪيو ۽ حق جي حُرمت ۽ تقوا جي سربلندي کي زمين تان نست و نابود ٿيڻ نه ڏنائين.
    ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائُو سڀ نه هون،
    پڙ تي سيئي پون، موٽڻ جنين ميهڻو،
    شاهه جي هن سُر ڪيڏاري جو حاصل مقصد هي آهي ته هر جاکوڙي جو دڳ قرباني وارو آهي. تنهن ڪري ڪو به عظيم ڪم ڪرڻ، ڪنهن به گهربل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن جاکوڙ ۽ قرباني ضروري آهي ۽ اهو ئي جدوجهد جي ڪامياب راهه جو حقيقي فلسفو آهي.
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. الھي بخش

    الھي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    ھوت جو اھڻ
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو