سنڌ ۾ پاڻيءَ لاءِ ٿيندڙ احتجاجن جو نوٽيس ڪير وٺندو؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ ۾ پاڻيءَ لاءِ ٿيندڙ احتجاجن جو نوٽيس ڪير وٺندو؟
    چون ٿا ته سنڌ ۾ اضافي پاڻي به آيو آهي، پر شهرين جي زندگيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڏينهون ڏينهن شديد ٿيندي پئي وڃي. اوهان اخبار کڻي ڏسو، چئنل کولي ڏسو، ڪيترائي شهر آهن، جتي پاڻي کوٽ خلاف آبادگار توڙي شهري سراپا احتجاج آهن. خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ هجي، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، مديجي، هنڱورجا، جاتي، ڪڙيو گنهور، وارهه...شهرن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جتي هڪ ئي ڏينهن ايترا احتجاج ٿيا آهن، پر ان جو مقصد اهو ڪونهي ته جتي احتجاج ناهن ٿيا، اتي ڪو پاڻي سرس آهي. اهي سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ ٿيل احتجاج ٻڌائين ٿا ته سموري سنڌ پاڻيءَ جي هڪ شديد بحران جي ور چڙهيل آهي. گهڻن هنڌن تي جيڪي احتجاج ٿي رهيا آهن، سي آباگار پيا ڪن، جو پاڻي نه ايندو ته انهن جي سڄي سيزن جي ڪيل محنت ضايع ٿيڻ جو وڏو امڪان آهي.
    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پاڻي ورهاست ۾ سنڌ سان مٿان کان به ناانصافيون ٿين پيون، پر جيڪو پاڻي سنڌ کي ملي پيو، لڳي ٿو ته اسان ۾ ان کي مينيج ڪرڻ جي به صلاحيت ڪونهي. وڏي حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هونءَ سنڌ کڻي ملڪي حساب ۾ پڇڙيءَ ۾ آهي، پر جڏهن اسان رڳو سنڌ کي ڏسنداسين ته ان ۾ جيڪي علائقا پڇڙيءَ ۾ ڪونهن، اتي به پاڻيءَ لاءِ مظاهرا پيا ٿين. لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻيا ضلعا. جيڪي اپر سنڌ ۾ آهن، سي اسان جي آبپاشي سسٽم جا شروعاتي ضلعا آهن، جتان درياهه وهي لوئر سنڌ ڏانهن اچي ٿو، اتي ڪينال سسٽم به ٺيڪ آهي، پر وري به ماڻهو پاڻيءَ کان محروم آهن. ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سکر شهر، جيڪو درياهه جي ڪناري تي آباد آهي، اتي ڪيترن مهينن کان پاڻي کوٽ خلاف شهري احتجاج ڪندا رهيا آهن، ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ڪونهي. جڏهن آبادگار پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو ڪن ٿا ته ان ڳالهه کي رڳو آبادگارن جي مسئلو ڪري ڏسڻ نه گهرجي ته جيڪڏهن انهن جا فصل سڪي ويندا ته فقط انهن چند آبادگارن کي نقصان ٿيندو، پر ان معاملي کي ڪنهن به علائقي جي سموري معاشي سرگرميءَ سان گڏائي ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زرعي سماج ۾ سمورو معاشي ڪاروهنوار زرعي اپت سان مشروط هجي ٿو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته پاڻي بحران جو مقصد ڪنهن به علائقي جي سمورين معاشي سرگرمين جو بحران هوندو. اُپت سٺي نه ٿيندي ته نه اتان جا سيلر هلي سگهندا، نه دڪاندارن جو چرخو هلندو، نه وري مزدوري ڪندڙن جون ڪي ڏهاڙيون ٺهنديون. معنيٰ ته مٿان کان وٺي هيٺ تائين غربت پنهنجا جوهر ڏيکاريندي.
    جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سنڌ کي پاڻي ورهاست ۾ هونءَ ئي گهٽ پاڻي ملي ٿو، پر هيءَ جيڪا صورتحال آهي، ان جو ذمو آبپاشي کاتي مٿان پئي ٿو، جنهن جا عملدار صوبي اندر پاڻيءَ جي ورهاست انصاف ڀرئي انداز ۾ ممڪن نه پيا بڻائي سگهن. هيءَ صورتحال نج صوبائي کاتي جي غيرسنجيدگيءَ سبب پيدا ٿي آهي. جهڙي نموني سان ٻئي هر معاملي ۾ اثر رسوخ هلي ٿو، ايئن ئي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ به اثر رسوخ جو سڪو هلي ٿو، جن ماڻهن جي سياسي پهچ آهي، يا وري جيڪي چار ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهن ٿا، تن کي پاڻي به ملي ٿو وڃي، پر جيڪي بي پهچ هجن ٿا، انهن جا فصل سدائين خطري هيٺ هوندا آهن، ۽ اهي ئي ماڻهو احتجاج ڪن ٿا. هڪڙو ئي علائقو هجي ٿو، جتي هڪڙين شاخن جا آبادگار ڪو احتجاج نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته انهن کي پاڻي ملي ٿو، ۽ ساڳي علائقي جا ٻيا آبادگار پاڻي کوٽ تي دانهين پيا. مطلب ته علائقي جي آبپاشي سسٽم ۾ پاڻي ته هجي ٿو، پر مقامي طور تي ان پاڻيءَ جي صحيح نموني ورڇ نه پئي ٿئي. اهو اريگيشن کاتي جو ئي نقص آهي، جو هڪڙي پاسي ته پاڻي کوٽ خلاف دانهون پيون ٿين، ۽ ٻئي پاسي اها به خبر اچي ٿي ته اوٻاوڙو ڀرسان گهوٽڪي فيڊر گهارو پوڻ جي ڪري 7 ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ فصل پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي، پر ان کي صحيح نموني مينيج نه پيو ڪيو وڃي.
    هيءَ آبڪلاڻيءَ جي مند آهي، جنهن ۾ شاخن، ڪينالن ۽ واهن جي سار سنڀال لهڻ جي ضرورت هجي ٿي، انهن جي مينٽيننس ڪرڻي هجي ٿي ته جيئن سسٽم ۾ برسات سبب واڌو پاڻي اچي وڃي ته اهو پاڻي شاخن، واهن ۽ ڪينالن جا بند ٽٽي نه پون. اسان سمجهون ٿا ته هي سنڌ اندر جيڪي روزانو ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، آبپاشي کاتي جي عملدارن کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جو ڪيترن هنڌن تي احتجاج ڪندڙ ان کاتي جي عملدارن تي الزام هڻي رهيا آهن ته هو پئسن تي پاڻي پيا وڪڻن.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو