ڇا وارھ واسين کي مجيب چولياڻي زنده واپس ملندو؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    تنهن ڏينهن گهر کان قاضي غفار پبلڪ لائبريري اچي رهيو هيس ته هڪ ننڍڙي معصوم ٻاتين ٻولين ۾ چيو ته، چاچا منهنجي بابا جي بازيابي لاءِ اخبارن لاءِ لکو، مون کيس چيو ته پٽ اوهان جي بابا جو نالو ڇا آھي ۽ ان کي ڪير کنڀي کڻي ويو آھي، هن اداس ۽ روئڻهارڪي لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو ته بابا جو نالو مجيب الرحمٰن چولياڻي آھي کيس اڄ کان ٻه سال اڳ گهران بندوقن وارا ڪاڪا ٻانهن ۽ وارن کان وٺي ڪٽيندا سٽيندا زبردستي کڻي ويا ۽ اڄ تائين ڪابه خبر ڪانهين ته منهنجو پيارو ابو ڪٿي ۽ زنداه آھي به يا نه، ان ٻالڪ جا اهڙا ڏکئيندڙ جملا ٻڌي دنگ رهجي ويس ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججز صاحب جا اهي رمارڪس ڪنن ۾ پڙاڏا ڪندا رهيا ته، سنڌ مان جيڪي به سياسي، سماجي ڪارڪن يا عام ماڻھو کنڀي کڻي گم ڪيا ويا آھن اهي ڪنهن به صورت ۾ ڪٿان به بازياب ڪرائي چوويھ جنوري ٻه هزار اڻويھ تائي بازياب ڪرائي ڪورٽ ۾ اهڙي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، ڪورٽ سڳوري جي اهڙي قانوني حڪم تي عمل ٿيندو ۽ وارھ واسي مجيب چولياڻي پنهنجي ابهم پٽڙي کي زنداه واپس ملندو؟ ان تي اچڻ کان پهريون عرض ته ڪنهن به ملڪ، رياست، صوبي ۽ پرڳڻي جي حڪمرانن کان ويندي انتظامي عملدارن تائين جو اهو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي فرض يا زمو هوندو آھي ته پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائڻ کان علاوه روز مره جي بنيادي شين جي فراهميءَ کي به آسان ۽ ممڪن بنائين نه صرف اهو پر عام ۽ خاص جو ڪوبه فرق نه ڪيو وڃي، هر هڪ ماڻهو جي مذھبي، قومي، ٻولي، سقافتي توڙي انساني حقن کان سواءِ اظهار جي آزادي واري بنيادي حق تي ڪنهن کي به قسم جي بندش نه هجي، نه وري ڪير ڪنهن جي مذھب، ٻولي ثقافت وغيره تي بيجا تنقيد ڪري، نه ڪنهن کي زوري يا لالچائي سياسي وفاداريون تبديل ڪرائي، چوڻ جو مطلب به ته هر هڪ ماڻهو مڪمل آزاد ٿي پنهنجي پسند ۽ ضمير موجب مناسب رستي تي راهي ٿئي.
    اسان واري ملڪ جي قيام وقت به اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون ۽ قيام کان پوءِ جيڪي به عبوري يا مستقل آئين ۽ قانون ٺهيا انهن ۾ مٿي ڄاڻايل نقطن تي عمل پيرا ٿيڻ جي وقت به وقت حڪمران داوائون ڪندا رهندا پيا اچن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته 23 مارچ 1940ع جي قرارداد جنهن کي لاهور جو نالو ڏنو ويو جيڪا اڳتي هلي قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي ان ۾ جيڪي به قومون شامل ٿيون انهن جي قومي وحدت کي بحال ۽ برقرار رکڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ وارا نقطا به شامل ڪيا ويا هئا، يعني ٻه ڀائر ٽيون ليکو جي ڳالھ ڪئي وئي هئي ان کي قرارداد مقاصد جي نظر ڪيو ويو، خيرن سان پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڏھن سالن جي مختصر عرصي اندر سنڌين، بلوچن کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ فاسايو ويو، ڌاري ۽ لشڪري ٻولي بنگالين،سنڌين تي مڙھي وئي بعد ۾ بنگالي قوم کي ماري ڪٽي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو، بلوچ قوم کي ماري مات ڏيڻ لاءِ ملڪ جي سالميت جي نالي ۾ سٺ جي ڏھاڪي کان وٺي هن وقت تائين ديوار سان لڳائڻ جو سلسلو جاري رکيو پيو وڃي، سنڌين جي نڙيءَ تي لت رکڻ ۽ جيئاپي جو ذريعو سنڌو درياھ کسجڻ جي مرحليوار هڪ رٿابندي تحت سازش ٿيندي پئي اچي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وحدت تي وار ڪري وکيرڻ، قومي پيداواري وسيلن، جهڙوڪ تيل، گئيس، ڪوئلي، يورينيئم، قيمتي پٿر، بندر ۽ ٻين معدني ملڪيت جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪرڻ به هڪ وڏو الميو آھي، مگر گذريل هڪ ڏھاڪي کان وٺي سنڌ جي قومي اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، ۽ سماج سڌارڪن کي محض سياسي ۽ نظرياتي اختلافن ڪري ڪن طاقتور قوتن هٿاران زوري کنڀي کڻي گم ڪرڻ ۽ گم ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ عرصي اندر انهن جا چچريل لاش لاوارث جڳهين تي فٽي ڪرڻ واري درد ڪٿا ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جهڙي ناهي نه وري ملڪ جي مروج قانون ۾ ان جي اجازت يا گنجائش آھي اهڙي طرح مذھب اسلام ۽ اخلاقي قدرن ۾ به ان کي قبول نٿو ڪري سگهجي، پاڻ جڏھن عدالتن کان مٿانهان سنڌ پرستن جا ٿيل قتل جن کي شھيد چوڻ ۾ به ڪو هرج ڪونهين جو ڳاڻيٽو ڪنداسين يا انهن جا نالا کڻنداسين ته سميع الله ڪلهوڙو، مظفر ڀٽو، ديوان پريم اميراڻي، سرائي قربان کهاوڙ، منير خان چولياڻي، وحيد لاشاري، روپلو چولياڻي، سرويچ پيرزادو، مقصود قريشي، سلمان وڌو، سجاد مرکنڊ، عامر کهاوڙ،راجا ڏاهر ڀنڀرو سميت ڪيترين ئي سنڌي نوجوانن جا گولين سان پروڙ ٿيل بي جان جسم نظر ايندا، ان کان علاوه بشير خان قريشي، شهيد فاضل راهو، نذيرعباسي، ڀٽو خاندان ساڳين سفاڪ ڌرين جي قاتل گهري سازش جو نشانو بنجي ويا، جتي سنڌ جي ڪونڌر پٽن کي ازيتناڪ موت جي منهن ۾ موڪليو ويو اتي بلوچ قوم جي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نواب نوروز خان، نوابزاده اسد الله مينگهل، نواب اڪبر بگٽي، مير بالاچ خان مري، لالامنير، شير محمد بلوچ، غلام محمد بلوچ، حبيب جالب بلوچ سميت اڻڳڻين بلوچ قوم جي خير خواهن کي به پنهنجا قومي حق گهرڻ جي عيوض بي وقت موت ماريو ويو، هڪ طرف اهڙين وحشيتن جي ورچڙهيل انسان سوز قصن
    ۾ ڪيترائي بينگاھ ماڻھو ماريا ويا آھن ته وري ٻئي پاسي کنڀي کڻي گم ڪيلن جي به هڪ ڊگهي لسٽ آھي جن ۾ خادم آريجو، صابر چانڊيو، آقب چانڊيو، هدايت لوهار، بخش علي مغيري، اعجاز تنيون، شادي خان کوسو احمد علي ٻگهيو، بلاول چانڊيو، مجيب چولياڻي ۽ ٻيا به کوڙ سارا سنڌي ماڻھو غائب ٿيل آھن جن جي گمشدگي کي ڪيترائي مهينا يا سال گذري ويا آھن انهن جي بازيابي لاءِ سندن عزيز پريس ڪلبن، شھرن جي چوئنڪن، لانگ مارچن ذريعي دانهون ڪندا وڃي اعليٰ عدالتن جي درن تائين انصاف جي اميد رکي پهتا آھن جتان وقت به وقت سمورن گم ٿيلن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪورٽ سڳوري هدايتون جاري ڪندي رهي پئي پر ان جو ڪوبه ظاهري طورتي کڙ تيل ڪونه ٿو نڪري.
    هتي اها ڳالھ به ڪيڏي نه تعجب خيز آھي ته ڪجھ وقت اڳ اخبارن ۾ کنڀيل ماڻھن جي تلاش وارا اشتهار ڇپيل ڏسڻ ۾ آيا جن ۾ لکيل هيو ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو هيتري وقت کان وٺي گم ٿيل آھي، جيڪڏهن ڪنهن به ماڻھو کي ان بابت ڄاڻ هجي ته هيٺين ايڊريس يا اداري کي ٻڌائي وغيره، پڙھندڙن کي ياد هوندو ته جن ماڻھن جي تلاش لاءِ سرڪار پاران مختلف وقتن تي ميڊيا تي اشتهار هلايا وڃن پيا انهن کي ڏينهن ڏٺي جو پوليس جي ورديءَ پهريل اهلڪار گرفتار ڪري مخصوص ادارن جي ماڻھن حوالي ڪيو ويو ته پوءِ ان حد جي ايس ايڇ او کان ويندي ايس ايس پي تائين سڀني زميوار اهلڪارن کي خبر هوندي ته اصل حقيقيت ڇا آھي، بهتر ايئن ٿيندو ته ڪورٽ سڳوري انهن زميوار ماڻھن کان ڪنهن به صورت ۾ سموري معلومات وٺي غائب ٿيل ماڻهن کي عدالت اڳيان پيش ڪرائي.
    اڄ جڏھن گم ٿيل ماڻهن جي وارتا بيان ڪري رهيا ھيون ته پوءِ وارھ واسي نوجوان مجيب چولياڻي جنهنکي پنهنجي گهران آزان مهل ورديءَ وارن ۽ ڪن اڻڄاتل ماڻھن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائيمال ڪندي کنڀي کڻي ويا ان جو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڏس پتو ڪونه ٿو ملي، اها به خبر ڪانهين ته هو زنده به آھي يا نه، جنهن جا پوڙھا ابو امان ننڍڙا ٻارڙا ۽ گهر واري روز راهون نهاري رهيا آھن، اهي ته صرف اهو ٿا چون ۽ چاهين ته کين هڪ ڀيرو مجيب زنداه حالت ۾ ملايو وڃي ۽ جيڪڏھن هن رياست يا عام ماڻھو جو ڪو گناھ ڪيو آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪري مٿس قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، واضح رهي ته مجيب کي کنڀڻ وقت هن جي هڪ پاڙيسري مختيار چولياڻي کي به بغير ڪنهن سبب جي کنڀيو ويو هو شگر جي بيماري ۽ اکين جي آرضي ۾ مبتلا هيو ان تي به سخت تشدد ڪيو ويو ۽ زير حيراست سندس جو مناسب اعلاج ۽ خاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪونه ڪيو ويو انڪري هو ويتر بيماري ۾ وڪڙجي مسلسل زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي هلڻ دوران هي سٽون لکڻ کان هڪ ڏينهن اڳ وفات ڪري ويو ان جو موت به غير فطري چئي سگهجي ٿو ۽ ان جي موت جا زميوار به اهي ئي قوتون آھن جيڪي مجيب کي غير قانوني طور کنڀي کڻي غائب ڪري ڇڏيو آھي، هن وقت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ مان کنڀي کڻي گم ڪيلن جي بازيابي جو حڪم صادر ڪري چڪي آھي ته پوءِ وقت جي تقاضا آھي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ثاقب نثار صاحب به ذاتي طورتي آئيني ۽ قانوني تحرڪ وٺي سنڌو درياھ جي انچ انچ تي ڊئم ٺاهڻ واري زد تان لهي سڀ کان پهريون پنهنجي ملڪي ماڻھن کي قانون ۽ انصاف موجب رليف فراهم ڪري ۽ جيڪي به سنڌ يا ٻين صوبن جا قومي ۽ مذهبي ڪارڪن عدالتن کان مٿانهان قدم کڻي ماريا ويا آھن يا گم ڪيا ويا آھن انهن سڀني سان ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب ورتاءُ ڪيو وڃي ته جيئن پياري پاڪستان ۾ عدل انصاف جو بول بالا ٿي سگهي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو