"هائو آءُ تنهنجي وجود جي عڪس عڪس سان بي پناھ محبت ٿو ڪيان" اصل ۾ هن حقيقي افساني ۾ عشق ء ارتقا جو ذڪر ٿيل آهي جنهن ۾ عاشق چاهيندو دنيا جو سڀ وسيلا استعمال ڪيان ليڪن ڪيئن به ڪري منهنجو محبوب مونسان رابطو قائم رکي . لائيبريري اڳيان لنگھيس ته قدم رڪجي ويا منهنجو رخ ڪنهن دلفريب ڇڪ سبب لائيبريري ڏانهن ٿي ويو منهنجي خاموش محبت جي گواهن مان مون وٽ فقط هي لائيبريري ئي آهي هي اها جاءِ آهي جتي مون پهريون ڀيرو هن کي ڏٺو هو. نيري وڳي ۾ سندس حسن نکري پوندو هئو. حورن ۽ پرين جي تصور کان به وڌيڪ سهڻي ڇوڪري آهي. هن جي مسڪراهٽ ۾ معصوميت ۽ انداز ۾ سادگي سندس سونهن کي ڪنهن سينگار جي ڪاڻ ڪانه آهي . سهيلين جي ٽولي ۾ هو ڪنهن راڻي جيان نمايان ٿي پوندي آ ڪئمپس جي 10 مهينن دوران هو جڏهن به منهنجي سامهون آئي مان کانئس نظرون هٽائي نه سگھيس جوهي آفيس توڙي ليب پارڪ ڪلاس جتي به هن کي ڏسندو هئس لڳاتار تصوراتي دنيا ۾ سندس لازوال وجود کي چمندو رهيس منهنجي مسلسل تصوراتي دنيا ۾ چمڻ جو کيس اندازو به هئو, هو مونکي ڪنهن خوبصورت خواب جي حسين تعبير جيان لڳندي آهي هن کي فقط ڏسڻ سان دنيا جي هر غم و رنجش مان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي ۽ هن سان مخاطب ٿيڻ خاطر ڪئي ڪتاب ڳولهيندو آهيان , شاھ عبداللطيف کان سچل, سامي, عشق جي دنيا ۾ غمزده جزباتن جي بي تاج بادشاھ سرڪار جون ايليا , استاد بخاري , احمد خان مدهوش ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۾ تنهنجو عڪس تلاش ڪرڻ جي ناقابل حوصله شڪن ڪوشش ڪندو رهندو آهيان , ، ڪيئي جملا سوچيندو آهيان ۽ ڪيئي اهڙا لفظ جيڪي ذهن ۾ موجود هوندا آهن سي ڳولهي وٺندو آهيان، پر جڏهن ڪجهه لکڻ لاء ويهندو آهيان ته صرف اهو ئي لکي سگهندو آهيان .... ته ”منهنجي وجود جي هر هڪ ذري ۽ منهنجي رڳ رڳ توسان بي حد , لامحدود , ناقابل شڪست محبت ڪئي آهي جيڪا فقط تنهنجي اقرار کي پنهنجي حوصله شڪن ڪنن سان ٻڌڻ لاء پنهنجي وجود جي وڻ کي پاڻي ڏيندو پيو اچي جيڪو فقط تنهنجي ساٿ جو طلبگار ٿي ڪري پوري دنيا کي فتح ڪرڻ جي صلاحيت و عزم ٿو رکي ٿو“