ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي 5 جولاءِ 1977ع جي ڪري، هن ڏينهن جي ”اهميت“ اسان جي زندگيءَ ۾ ايڏي ته وڏي ٿي وئي آهي جو هر گهڙي، هر ساعت ۽ هر لمحي ائين ٿو لڳي ته ”5 جولاءِ“ اچڻ واري آهي. 1965ع جي جنگ، 1971ع ۾ ملڪ جو ٽٽڻ ۽ 1999ع جو ڪارگل واقعو وڌيڪ خوفناڪ هجڻ گهرجن، پر هتي جي ماڻهن جي ”ذهني اعصابن“ تي هنن جنگين ايڏا خوفناڪ اثر نه ڇڏيا آهن، جيڏا ”5 جولاءِ“ جهڙي ڏينهن ڇڏيا آهن. مختصر طور اهو ته 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، پوءِ اهي يارهن سال ”آمريت“ جا جنهن نموني سان عذاب، ٽارچر ۽ جبر ۾ گذريا، انهن جي هڪ وڏي اهميت آهي، ان ڪري ”هن ڏينهن“ کي هڪ خاص ڏينهن ڪري ملهائجي ۽ پوءِ ضرور ڇيد ڪرڻ گهرجي ته اهو ڏينهن آخرڪار ڇو نٿو هن ملڪ جي جان ڇڏي ۽ ور ور ڏيئي ڇو اهو ”5 جولاءِ“ اسان جي زندگي ۾ دهرائجي ٿو؟ سگريٽ ۽ ڊڄڻو جنرل: جنرل ضياءَ کي ”ڀوائتو جنرل“ (Dread ful General) ڪري لکيو ويندو آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي هڪ نامور مصنفه ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ”فاطمه ڀٽو“ پنهنجي جڳ مشهور تازي ڪتاب Songs of Blood and sword (رت ۽ تلوار جا گيت) ۾ لکيو آهي ته، ”اسان جي خاندان ۾ هڪ ”افسانو“ جنرل ضياءَ بابت ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، جيتوڻيڪ ان جو منطق نه سمجهايو ويندو آهي، ته ذوالفقار علي ڀٽي ڇو جنرل ضياءَ کي ”پروموشن“ ڏنو ۽ پوءِ اڳتي هلي هن ڇو ڀٽي صاحب کي مارائي ڇڏيو؟ پر عموماً اها ”ڪهاڻي“ ٻڌائبي رهبي آهي ته هڪ ڏينهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي، جنرل ضياءَ کي آفيس ۾ گهرايو، جنرل ضياءَ ڏنل ٽائيم کان به اڳ ۾ پهچي ويو. آفيس ۾ گهٻرايل هو، هن جا پير ڏڪي رهيا هئا ۽ ٽنگون رڦي رهيون هيون. جنرل ضياءَ جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به هو گهٻراهٽ ۾ هوندو هو ته ”سگريٽ نوشي“ ڪندو هو. وزيراعظم جي آفيس ۾ هو ان ڏينهن به سگريٽ پي رهيو هو، پر ذوالفقار علي ڀٽو آفيس ۾ گهڙيو ته جنرل ضياءَ گهٻراهٽ ۾ دکيل سگريٽ کي لڪائيندي کڻي وردي جي پينٽ جي کيسي ۾ وڌو. هڪ منٽ اندر ان سگريٽ هن جي پينٽ جي ڪپڙي کي ساڙڻ شروع ڪيو ۽ ان جو دونهون ٻاهر اچڻ لڳو، پر هو ذوالفقار علي ڀٽي آڏو ايڏو ته ”ڊپريشن“ ۾ هو جو هن کيسي جي باهه کي پويان هٿ وجهي وسائي ڇڏيو، پر ان جي باوجود هو ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو ته هو ”سگريٽ“ پيئندو آهي. پر اهڙو ڊڄڻو جنرل، جنهن کي ”جنرل“ تصور ئي نه پئي ڪيو ويو، اهو به گهڻو وقت انتظار ڪري نه سگهيو“. پڙهو صفحه (124).وري ساڳئي ئي صفحي تي فاطمه ڀٽو لکي ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ضياءَ جي سازش کي محسوس ڪندي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي چيو ته، “I know the blood hounds are after my blood” ( مون کي خبر آهي ته ڪجهه شڪاري ڪتا منهنجي خون جا پياسا آهن).فاطمه ڀٽو جو ڪتاب هڪ وڏو ”تاريخي دستاويز“ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجن جي بايوگرافي جي نالي ۾ دراصل سموري ڀٽو فيملي، ان جا تضاد، انهن جو پسمنظر، پاڪستان جي ٺهڻ، بنگلاديش جو ٺهڻ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جون سياسي ڪوتاهيون فوجي جنرلن جي سازشن سميت تمام گهڻو مواد موجود آهي ۽ Last mughal جهڙي وڏي شاهڪار ڪتاب جي وڏي ليکڪ ”وليم ڊالرمپل“ (William Dalrymple) هن جي ڪتاب جي ٽائيٽل هيٺان هڪ وڏو معنيٰ خيز جملو لکيو آهي؛ “If there is anyone born to write this story, it is Fatima Bhutto”. (صرف اهڙي ئي ڪهاڻي کي لکڻ لاءِ ڪير ڄائو آهي ته اها ”فاطمه ڀٽو“ ئي آهي). ...اور لائين ڪٽ گئي: شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ”فوجي جنرلن جي گڏيل سازش“ ۽ ملڪ جي سرمائيدارن، ملن ۽ اولهه جي ڪجهه ملڪن (ياد رهي ته پي اين اي جي هن تحريڪ کي ”ڊالر تحريڪ“ به سڏيو ويو هو، ڇو ته ماڻهن کي رستن تي آڻڻ لاءِ، احتجاج ڪرڻ لاءِ ڊالر ڏنا ويندا هئا) جي گڏيل سازش سان هڪ ”چونڊيل، مقبول ۽ عوامي حڪومت“ خلاف جيڪا تحريڪ هلائي ويئي هئي، ان وقت پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن مان هڪ اڳواڻ مولانا ڪوثر نيازي پڻ هو، هو جماعت اسلامي کان ٽٽي پيپلز پارٽي ۾ آيو هو، تقرير، تحرير جو ماهر هو ۽ آهستي آهستي هو ذوالفقار علي ڀٽي جو ساڄو هٿ سڏجڻ لڳو هو. شهيد ذالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ ”جنرل ضياءَ“ سان وڃي مليو ۽ پيپلز پارٽي ۾ الڳ ”ڌڙو“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيائين... ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ هن هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو ڏاڍو زبردست دستاويز، ثبوت ۽ ريفرنس طور پيش ڪري سگهي ٿو. ان جو نالو آهي ”اور لائين ڪٽ گئي“، ان ۾ هن هڪ زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته، ”فوج صرف تڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي، جڏهن اسان ”سياستدان“ پاڻ غلطيون ڪندا آهيون، جڏهن سياسي پارٽيون Blunder ڪنديون آهن، تنهن ڪري جيستائين اسان پاڻ ”غلطيون“ ڪندا رهنداسين، جنرل وجهه وٺي اقتدار تي قبضو ڪندا رهندا..“. جڏهن ماڻهو وڏيون غلطيون ڪندو آهي ته ان جو رنگ ان ”ڪاري نانگ“ جهڙو ٿي پوندو آهي، جيڪو ور ور ڏيئي پنهنجي ”اڇي چمڙي“ لاهي، اصلي ”ڪاري چمڙي“ ظاهر ڪندو آهي. ”غلطين“ کي درست نه ڪرڻ، نه مڃڻ ۽ ور ور ڏيئي ڪرڻ کي شاعر ”بائرن“ نانگ جي کل سان تشبيهه ڏني آهي.جڏهن جي اي موجوده دور جي سياست: اڄ جي دور جي ”سياست“ ۾ نه بين الاقوامي سطح جو مقبول ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رهيو ۽ نه ئي شهيد بينظير ڀٽو رهي. ”سياست“ جي شعبي ۾ انهن جيڏا قدآور نه رهيا، جڏهن ته ”5 جولاءِ 1977“ جي Zia legacy اڄ به طاقتور انداز ۾ موجود آهي. اها ”سياست“ لاءِ وارننگ آهي ته موجوده سياستدان پاڻ کي وڌيڪ سڌارين ۽ عوام سان وڌيڪ رجوع ڪن، نه ته 5 جولاءِ جهڙا واقعا اسان جي زندگين ۾ بار بار ايندا رهندا. اسان جي ”سياستدانن“ جي موجوده ٽيم لاءِ شاعر ساغر صديقي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته؛ ”يه ڊالر مين آئين ڪو تولتي هين يه لهجي مين سرمائي ڪو بولتي هين اٺهو! نوجوانو وطن کو بچائو شرارون سي حد چمن کو بچائو“. mun_bdn@yahoo.com