منصور ابڙو غزل ڏينهن جي هانوَ ۾ سج خنجر جيان، رات جي نرڙ تي چنڊ جھومر جيان. پنهنجي ماضيءَ کي آهي ڪيو قيد مون، سوچ جي ڪئميرا ۾ ڪنهن منظر جيان. منهنجو آواز ٽيڪم نه فرهاد جو، دل هر ڪنهن جي هـتــڙي آ پٿر جيان. در، دريون ۽ ڀتيون، ڇت نه آهي ته ڇا، ساري ڪائنات آ پنهنجي ئي گھر جيان. گوليون ٿيون لڳن لوڪ جون هي اکيون، سونهن تنهنجي پرين آ ڪبوتر جيان. ڪيئننههرساههمانتنهنجيخوشبو اچي، مون ۾ آهين پرين منهنجي اندر جيان.