اختلاف راء ڇو نٿو برداشت ٿئي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جو برک ڏاهو ۽ اديب امر جليل ”ثقافتي ٺيڪيدارن“ جي نه رڳو غيض غضب ۽ عتاب جو نشانو بڻيل آهي پر سوشل ميڊيا تي سنڌ جي سهڻي ۽ سهپ ڀري ثقافت جا ”علمبردار “ هئڻ جا دعويدار سندس خلاف جيڪا اڻ وڻندڙ ۽ ڪريل زبان استعمال ڪري رهيا آهن اها پڙهي ڪري ڪنڌ شرم کان جھڪيو وڃي.مسئلو امر جليل يا ڪنهن ٻئي جي اجائي وڪالت جو ناهي پر مسئلو اصولن،اقدار ۽ اخلاقيات جو آهي.ثقافتي رنگن ۾ رنگجي دوست اهو به ڀلجي ٿا وڃن ته هڪ ٻئي جي نڪته نظر کي بردباريء سان ٻڌڻ، ٻئي کي اختلاف راء جو حق ڏيڻ ۽ پنهنجي قول ۽ عمل ۾ سهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ به اسان جي سنڌي ثقافت جو هڪ خوبصورت رنگ رهيو آهي.جڏهن دليلن جي خزاني کان جھوليون خالي ٿين ٿيون ته گارين ۽ بدزبانيء جي ٻورين جا منهن کلي وڃن ٿا.تاريخ شاهد آهي ته جيڪي به قومون خود احتسابيء جي عمل کان آجيون ٿي پاڻ پڏائڻ ۽ خود تعريفيء جي ڌٻڻ ۾ ڪريون سي تاريخ ۾ پنهنجو وجود هميشه لاء وڃائي ويٺيون.خود احتسابيء جو ته مطلب ئي اهو آهي ته پنهنجن ڪمزورين،ڪوتاهين، سستين ،غفلتن ۽ غلطين تي نفاق جو پردو وجھڻ بدران حقيقتن کي سامهون ٿجي. جيستائن اسان حقيقتن کي تسليم ئي نه ڪنداسين تيستائين انهن کي درست ڪيئن ڪري سگھنداسين.نه ته ڪنهن کي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي ڪو اعتراض آهي ۽ نه ئي ان ثقافتي تهوار ملهائڻ تي پر اصل سوال اهو آهي ته ان ڏينهن ملهائڻ مان اسان ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ گھرون ٿا ۽ انهيء کي ڪهڙي طريقي سان ملهايون ٿا؟انهيء تي سوين اختلاف ڪري سگھجن ٿا ۽ اهڙي اختلاف جي صورت ۾ ڪنهن جي سنڌيت يا ڌرتي دوستيء تي آخر سواليا نشان ڪيئن ٿو اڀو ڪري سگھجي؟عيب ۽ هنر،چڱايون ۽ اوڻايون دنيا جي هر قوم سان لڳل هونديون آهن پوء آخر اسان ڪا آسماني قوم يا مخلوق ته ناهيون جو اسان ۾ ڪنهن به خامي،اوڻائي يا عيب جي وجود جو ڪو امڪان ئي نه هجي ۽ انهيء ۾ آخر ڪاوڙ ۽ غصي جو ڪهڙو جواز آهي جيڪر اسان پنهنجن خوبين سان گڏوگڏ پنهنجن ڪمين ۽ ڪوتاهين تي نظر گھمايون ۽ انهن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري درست ڪرڻ طرف وک وڌائڻ جي ڪوشش ڪيون.مثال ؛ جيڪر اسان چئون ته سنڌي هڪ امن پسند قوم آهي ته اهو به درست آهي پر جيڪر اسان چئون ته اسان مجموعي طور تي ڪجهه سست ۽ سهولت پسند قوم آهيون ته انهيء تي نرڙ گھنجائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ثقافت ڊي ملهائڻ جي طريقه ڪار تي ڪافي بحث جي گنجائش موجود آهي ۽ اهو بحث هئڻ به گھرجي ۽ هر سنڌيء جو اهو حق آهي ته هو ان سان اتفاق يا اختلاف ڪري سگھي.پر جيڪرڪو سال ۾ اهو هڪڙو ڏينهن نٿو ملهائي ته ڪنهن به ثقافتي ٺيڪيدار کي اهو حق هرگز نٿو پهچي ته هو انهيء تي سنڌ دشمنيء جي ڪا فتويٰ جاري ڪري.. هڪڙو ماڻهو جيڪو سال جا ٽي سو پنجهٺ ڏينهن سنڌ توڙي سنڌ جي رهواسين جي لاء پنهنجي وس آهر خدمت ۽ محنت ڪندو هجي ۽ ٻيو اهو جيڪو سال جي ٽي سو پنجهٺ ڏينهن مان رڳو هڪڙو ڏينهن ڪجهه ڪلاڪن لاء نچي نعرا هڻي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي خوش خياليء ۾ هجي ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته سنڌ کي پنهنجي ڪهڙي فرزند تي ناز هئڻ گھرجي؟

    وري ستم ظريفي اها جو اسان جو ڪو ڏاهو،دانشور يا اديب اسان کي اسان جون ڪجهه ڪمزوريون سمجھائڻ ۽ انهن کي درست ڪرڻ جو مفيد ۽ پرخلوص مشورو ڏئي ته اسان جي زبانن جون بي رحم تلوارون بنان ڪنهن دير ۽ سوچ سمجھه جي ان خلاف اڀيون ٿيو وڃن.ڇا دنيا جون سڌريل قومون پنهنجن همدردن ۽ ڏاهن سان اهو سلوڪ ڪنديون آهن؟اسان ۾ سچائي برداشت ڪرڻ جي سگھه ڇو موڪلائي ويئي آهي؟اهو به ضروري ناهي ته توهان ان ڏاهي جي هر ڳالهه سان سهمت ٿيو يا سندس هر ڳالهه تسليم ڪيو پر اهو ڪٿان جو ثقافتي اخلاق آهي جو اوهان پنهنجي نڪته نظر سان اختلاف رکندڙ تي گارين جو وسڪارو ڪري ڏيو؟جيڪر انهن دوستن جي اها ئي ثقافت آهي ته سنڌ جي حقيقي ثقافت سان ان جو تر جيترو به تعلق ڪونهي.اها سڌي سنئين ثقافتي دهشتگردي آهي جنهن کي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ برداشت ڪري نٿو سگھجي.اسان جي نظر ۾ امر جليل نه ته سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان ڪي توهين آميز لفظ استعمال ڪيا ۽ نه ئي سنڌ جي ڪنهن ثقافتي اهڃاڻ جو مذاق اڏايو ۽ نه ئي هن ان قسم جا ثقافتي تهوار ملهائڻ کان منع ڪئي آهي.هن ڪجهه اضافي ۽ اهم حقيقتن طرف اشارو ڪيو آهي جن تي سوچڻ ۽ سمجھڻ بعد فيصلو ته بهرحال هر سنڌيء جي پنهنجي مرضيء تي ڇڏيل آهي ته هو هن سان سهمت ٿئي يا اختلاف ڪري. قوم جي حيثيت ۾ مجموعي طور تي اسان ۾ جيڪي خرابيون،ڪميون ڪوتاهيون ۽ اوڻايون آهن اهي اسان سڀني کي چڱيء طرح ساريون پييون آهن ،پنهنجون سستيون،غفلتون،ويساهه وسوڙيون، وهم ۽ روشون به اسان کي ڀليء ڀت معلوم آهن.ڌارين جي ڏنل گھائن سان گڏ پنهنجن جي ڏنل زخمن سان سنڌ جو چور چور ٿيل وجود به اسان سان گھڻيون شڪايتون ڪري رهيو آهي پر شايد اسان ٻيو سڀ ڪجهه ڏسڻ جي سگھه رکون ٿا پر حقيقتن جي آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ جو حوصلو وڃائي ويٺا آهيون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو