شفيق الرحمان شاڪر انسان کي جاهل ان ڪري چيو ويو آهي جو سڄي عمر سندس سوچ هڪ محدود دائري ۾ ئي گھمندي رهي ٿي ۽ ان کان اڳتي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي هن ۾ صلاحيت گھٽ آهي.انسان پنهنجي محدود سوچ سان ڪجهه خوبصورت خواب خلقي ٿو پوء پوري حياتي انهن خوابن جي تعبير پويان ڊوڙندي پنهن جي ساهه جو سڳو ٽوڙيو ويهي.ساڳي ڪوشش ”گوتم ٻڌ“ جو پيء ڪري رهيو هو.جڏهن جوتشين ۽ نجومين کيس ٻڌايو ته تنهنجو شهزادو پٽ وڏو ٿي جوگ يعني دنيا تياڳي جرن،جھنگن ۽ جبلن ۾ پنهنجو آکيرو وسائيندو ته راجا لاڳيتو ڪوشش ڪئي ته سندس جگر جو ٽڪر ۽ تخت جو وارث جوڳ اختيار نه ڪري.سندس استادن جي اها ڊيوٽي لڳايائين ته کيس اهڙي سکيا سيکارين جنهن ۾ جوڳ بيزاري هجي جو شهزادو دنيا تياڳڻ جو خيال لاهي سندس تّخت ۽ تاج سنڀالڻ لاء راضي ٿي وڃي.پر چوندا آهن ته انسان جي من ۾ هڪڙي،خدا جي من ۾ ٻي.انسان پنهنجي وس آهر هزارين چالون چلي ٿو پر قدرت جي هڪڙي چال ئي سندس سمورن منصوبن کي پاڻيء جي بوڙينڊن ۾ بدلايو ڇڏي.راجا پٽ کي الڳ ٿلڳ رکي هڪ خاص تعليم ڏياري،آبادين کان پري رکيو ته جيئن ڪو جوڳي سندس جوڳ واري جذبي کي مچ نه بنائي سگھي. پر اڄ جڏهن گوتم بيماري،ٻڍاپو ۽ وري موت کان پوء انسان جي بيوسي ڏٺي ته سندس اندر ۾ دٻيل غور،فڪر ۽ تجسس جي چڻنگ مچ جي شڪل اختيار ڪري ورتي.بيمار پوڙهي ۽ لاش کي ڏسڻ بعد شهزادو گھوڙي گاڏيء تي پنهنجن غلامن سان گڏ جڏهن اڳتي وڌيو ته سندس نظر ڪنهن ساڌوء تي پيئي جنهن کي گيرو ڪپڙا پهريل هئا ۽ سندس چهري تي غم،اداسي،بيقراري ۽ پريشانيء جو ڪو نشان ڳولئي نٿي لڀيو.بلڪه سندس منهن تي عجيب قسم جي مستي،بي نيازي،سڪون ۽ اطمينان جي روشني ٽڙي رهي هئي.شهزادي پڇيو؛ هي ڪير آهي جيڪو ڏکن،دردن.غمن،مصيبتن ۽ پريشانين سان ٽمٽار هن جڳ ۾اهڙي شان بي نيازيء سان مست ۽ مگن نظر اچي ٿو.شهزادي کي ٻڌايو ويو ته اهو ڪو ساڌو آهي جيڪو دنيا جي سموري دوکي کي سمجھي ۽ ڄاڻي دنيا جي هنگامن کي لت هڻي چڪو آهي.بس اها ئي گھڙي هئي جڏهن شهزادي جي زندگيء عجب ڦيرو کاڌو.هن دنيا تياڳڻ جو فيسلو ڪري ورتو.هن جڏهن ان فيصلي جو ذڪر پنهنجي استاد سان ڪيو ته اهو گھڻو پريشان ٿيو ۽ وڃي راجا سان سمورو راز ونڊيائين.راجا ترت گوتم جو ڌيان ان ڳالهه تان هٽائڻ لاء سندس شادي ”يشو ڌرا“ سان ڪري ڇڏي پر شاديء کان پوء به شهزادي کي ڪو باطني سڪون هٿ نه آيو.سال کان پوء کيس هڪ پٽ ڄائو جنهن تي گوتم ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته پيرن ۾ هڪ ٻي زنجير وڌي ويئي.آخر هڪڙو ڏينهن اهو به آيو جو گوتم پنهنجي ڪيل فيصلي تي پختو عمل ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. محل ۾ سالياني تهوار جي محفل پنهنجي پوري موج ۽ مستيء تي هئي.شاندا طعام تيار ڪرايا ويا،نچڻ ڳائڻ جو هنگامو خوب برپا ٿيو،گوتم انسانن کي شراب پيئندي ، رنگ رلين ۽ ناچ گانن ۾ جانورن جيان ٿڙندي ٿاٻڙندي هڪٻئي سان سٿوسٿ ٿيندي ڏٺو ته انسانن کان اڃا به گھڻي بيزاري پيدا ٿيڻ لڳي.نچندڙ ۽ ڳائيندڙ گھڻي ڌما چوڪڙيء بعد نشي جي حالت ۾ فرش جي چئني پاسين بي هوش پيل هئا.اهي ئي گلوڪار جن جي گلن مان سريلا ۽ مٺڙا نغما موجون هڻي ٻاهر نڪري رهيا هئا، نشي ۾ ڌت انهن ئي فنڪارن جي نڙيء مان جانورن جيان گوگري جا آواز بلند ٿي رهيا هئا.ڪجل ۽ لالاين ۾ لڪيل خوبصورت چهرا جڏهن مسخ ٿيا ته اهي بدصورتيء جو ڀيانڪ منظر پيش ڪرڻ لڳا.انسانن جون اصل شڪليون ڏسي شهزادي جي دل ڀرجي ويئي ۽ اهڙا ڪراهت انگيز منظر پسي گوتم آخري فيصلو ڪيو ته دنيا رهڻ جي قابل ناهي.شهزادي هڪ نديء جو رخ ڪيو ۽ اتي پهچي پنهنجا زلف ڪپي ڇڏيا،ساڌوء جي شڪل بنائي جوڳين وارو ويس اوڍي سنياس جي سنسار ۾ هليو ويو.انهن ڏينهن ۾ جوڳ سنياس عام هو جو ڪيترائي حساس،غمن جا ماريل ماڻهو شهرن جي هنگامن سان ڀريل پر ڦڪي زندگيء کان بيزار ٿي فطرت جي دنيا يعني جھنگن ۽ جبلن ۾ اچي آباد ٿيا هئا.جھنگلن ۾ اهي جوڳي مختلف ٽولن ۾خيمن ۽ جھوپڙين ۾ خاڪ نشين هئا.اتي شهرن جو شور ۽ هنگامو نه هو.رڳو فطرت هئي ۽ فطري نظارا ۽ شهرن جي زندگيء کان بيزار ٿيل اهي مسافر هئا جن ۾ هڪ وڌيڪ مسافر جو واڌارو ٿي ويو. گوتم دريا پار ڪيو ته سندس واسطو پنجن سنياسين جي ٽولي سان پيو جن جا نالا ڪندن،ڀاويا، مهانام، وپا ۽ آساجي هئا.گوتم ڪجهه مهينا انهن سنياسين جي سنگت ۾ گذاريا.انهن جي سچائيء سان ڀريل هلت گوتم کي گھڻو متاثر ڪيو پر اندروني بي چيني ۽ اڃ اڃا قائم هئي.پنج مهينا اتي گذارڻ کان پوء گوتم نئين منزل طرف روانو ٿيو.جھنگل جهاڳڻ دوران سندس واسطو ڪيترين ئي جوڳِين جي ٽولين سان پيو پر سندس سوالن ۽ من جي شانتيء وارا جواب انهن مان ڪنهن وٽ به نه هئا.ان ڪري هو انهن مان هر ٽوليء سان ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد اڳتي روانو ٿي ويندو هو.نيٺ ٿڪي ۽ بيزار ٿي گوتم سوچيو ته پنهنجي وجدان،عقل ۽ شعور جي دريء کي کوليو وڃي،پنهنجي من جو کوج لڳايو وڃي،پنهنجي اندر ۾ ٽٻي هڻجي،پنهنجي ذات جا پردا سرڪايا وڃن.اڳيان ڇهه سال گوتم اڪيلي جھنگ ۾ گذاريا.اڪيلائي،فطرت،فطرت جي نظارن،جھنگلي جڙي ٻوٽين ۽ ميون تي سندس گذارو هو.گرمي ۽ سرديء جي موسمن سندس سوچ کي مضبوطي عطا ڪئي.اهي ڇهه سال گوتم پنهنجو پاڻ سان ئي مخاطب رهيو۽ پنهنجي ذات جي ئي مراقبي ۾ مشغول رهيو.اتي نه ڪو انسان،ڪتاب،ليڪچر يا مطالعو هو.فطرت پنهنجي سموري سونهن سان ساڻس هم ڪلام هئي.خاموشيء جو روزو هو ،اڪيلائي هئي ۽ گوتم هو.اتي گوتم جھنگلي جانورن جي درندگي ٻه ڏٺي،جانورن ۽ پکين جون ٻوليون به ٻڌيون.لاڳيتي بک ۽ اڃ جي ڪري گوتم ڪمزوريء جي آخري حدن کي پهچي چڪو هو.بس هر ڪثافت لطافت ۾ بدلجڻ وارو عمل شروع ٿيڻ تي هو ۽ قدرت هڪ عجيب چال چلي جو گوتم ”بڌي“ يعني ڏاهپ جي وڻ وٽ اچي مراقبي ۾ هليو ويو.اوڻونجاهه ڏينهن بنان چرپر واري حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو.ڪثافت ( گندگي) لطافت ( شفافيت) ۾ بدلي،گوتم جي اندر ۾ اجالو ٿي ويو ۽ قدرت طرفان ڏاهپ ڀريا موتي سندس سيني تي وسڻ لڳا.شڪن ۽ شبهن جا ڪڪر هٽڻ لڳا.عرفان جي اجالي گوتم کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي ظاهري ۽ باطني ڪثافتون ڌوئي ڇڏيون ۽ گوتم عرفان جي روشنيء ۾ وهنجي ويو.گوتم حقيقت جا موتي چونڊڻ بعد قانون قدرت موجب وسندين طرف وڌيو ته رستي ۾ انهن ئي پنجن سنياسين سان ملاقات ٿي جن سان هو پهرين ملي چڪو هو.سنياسين گوتم جي چهري تي روشني ڏٺي ته حيران ٿي ويا.گوتم کين نجات جو رستو ٻڌايو ۽ اٺن شين جي تلقين ڪئي جن ۾ ڌيان،فهم،قول،عمل،روزيء جي ڪمائي،ڪوشش،تدبر،سوچ شامل آهن.