درد جي شاعريءَ سبب مشهوري ماڻيندڙ ڪاڇي جو شاعر انور قمبراڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    1. [​IMG]


      1. جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
        گهڻن کي اسان به روئاري وينداسين

        درد جي شاعريءَ سبب مشهوري ماڻيندڙ ڪاڇي جو شاعر انور قمبراڻي به 10 ڊسمبر 2018ع تي وڇڙي ويو.

        ناميارو شاعر علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي سال 1963ع ۾ ڦلوءَ جي ڳوٺ تعلقي جوهي/ ڪاڇي (ضلعي دادوءَ) ۾ ڄائو. 1967ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري ٻني ٻاري جي ڪم کي وڃي لڳو. 20 سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ڇڏي دادو شهر لڏي آيو. ابتدا ۾ استاد بخاريءَ کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. انور قنبراڻي محبت ۽ وڇوڙي بابت تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪئسٽ جو مشهور شاعر آهي. سندس منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل ڪلام ”ڪو نه بچسان، درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان“ کان ڪافي مشهور ٿيو. هن جي شاعري منظور سخيراڻي، جلال چانڊيي، الهداد زرداري، سرمد سنڌي ۽ ٻين فنڪارن وڏي تعداد ۾ ڳائي آهي. هن جي ڪلامن جون 200 کان مٿي ڪيسٽون نڪري چڪيون آهن. هو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

        ڪون بچسان درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان
        آپي سُڻسين هڪ ڏينهن دل ٽٽ پوسين مر ويسان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سندس ڪجهه مشهور ڪلام

    ڪونه بچسان درد تيڏي وچ رورو دم ڏيسان



    جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين ....

     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڪاڇي جي دردن جي ترجماني ڪندڙ شاعر انور قنبراڻي به هميشه لاءِ رسي ويو[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    ڪونه بچسان درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان

    پنهنجي ڌرتي وادي مهراڻ ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي رهي ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاڇي کان وارهه تائين پنهنجي من جو آواز جو اظهار ڪري عوام خلق کي پنهنجي ڏات وسيلي شاعرن عوامي ترجماني ڪري پنهنجي ڏکن سان گڏ پنهنجي ڌرتي جي د رد مندن جي ترجماني نهايت سهڻي نموني سان ادا ڪئي آهي اهڙي ريت اڄ کان 55 سال اڳ جوهي تعلقي جي ڦلوءَ جي ڳوٺ ڪاڇي ضلعي دادو جي نهايت مسڪين غريب هاري ميووخان قنبراڻي جي گهر منجهه هڪ ننڍڙي ٻارڙي سان 1963ع ڌاري اک کولي جنم ورتو جنهن جي خوشي ۾ سڄي ڳوٺ ۽ پاڙي جي عورتن خوشي منجهان سهرا ۽ لڏا پئي چيا ته ميوو خان قنبراڻي ۽ سندس جيون ساٿي نهايت خوشي جي انهي لمحي ۾ ٻهڪي رهيا هئا پاڻ ڇٽي جو نالو دل سان صلاح مشوري ڪري (علي انور قنبراڻي ) رکيائونس جنهن جي معني آهي روشن تجلا ڏيندڙ سندس هاري والد صاحب کي اها پروڙ نه هئي ته انور قمبراڻي اڳتي هلي هو سنڌي ادب جي شاعري واري صنف منجهه انور قنبراڻي منهنجي اکين جو ٺار پٽ واقع پنهنجو نالو هن جڳ ۾ نروار ڪرائيندو انور قنبراڻي پڙهائي واري عمر کي رسيو ته سندس ميووخان پنهنجي ڪاڇي واري ڦلوءَ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتان هن ذهين علي انور قنبراڻي پنج درجا پاس ڪري پنهنجي والدين سان هارپي واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو ، ڦوهه جواني واري زندهي انور قنبراڻي پنهنجي ڳوٺ منجهه گذاري جڏهن سندس عمر ويهه ورهيه ٿي ته هن شاعري جي هن سٽن )اي گهٽي ڪنهن دي پيو دي نهي ) شعر چوڻ بعد ڳوٺ جي چڱي مڙس ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ فيصلو به ڪيو هو تنهن بعد هن جو والد صاحب ڳوٺ کي الوداع چئي دادو شهر اچي وسايائين پوءِ بس هن جي والد روزگار جي بهاني هميشه لاءِ دادو شهر م سڪونيت اختيار ڪيائين . انور قنبراڻي کي عشق جي چوٽ ڳوٺ منجهان ئي لڳي هئي پوءِ بس شاعري ڪري پنهنجي من کي پيو ريجهائيندو هو انور قنبراڻي دادو شهر ۾ هڪ ڏينهن اوچتو (استاد بخاري ) سان ملاقات ٿي ويس پنهنجي دل جي امنگ جو آواز انور قنبراڻي استاد بخاري جي سامهون اظهار ڪري ٻه شاعرانه ٻول ٻولي ڏيکاريا انهي کان پوءِ هو مسلسل استاد بخاري سان رهاڻيون پڻ ڪندو رهيو پوءِ جلدي ئي پنهنجي شاگردي وارو ڳانو استاد بخاري کان ٻڌرائي شعر مٿان رات ڏينهن شعر پئي چيائين ۽ پنهنجي زباني استاد منظور سخراڻي جي آواز منجهه نهايت دل کي ڇوهيندڙ لفظن سان هي ڪلام ( ڪونه بچسان درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان ) جهڙي لازوال ڪلا۾ سندس شهريت کي سنڌ چرتي جي ڳوٺ ڳوٺ ، وستي وستي ، ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ آسمان تي پهچايو انهن ڏينهن کان وٺي هو دادو سنڌ جي ناليوار شاعر جي صف ۾ هميشه قداور محسوس ٿيندو هو سندس شاعري جو محور سنڌ سنڌ واسين جي دردن مسڪين ماروئڙن جي ترجمان شاعر پڻ هو سندس شاعري ۾ محبت ۽ وڇوڙي جي اپٽار نمايا نظر اچي ٿي سنڌ ڌرتي جي هن ناليواري شاعر جي شاعر سنڌ جي مشهور فنڪارن گلوڪارن نهايت دل سان ڳائي پنهنجو ۽ انور قنبراڻي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور پڻ ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سندس شاعري کي سنڌ جي ڏاهي فنڪار منظور سخراڻي چوٽي جي شهرت رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي منّظور علي سخراڻي کان علاوه مرحوم جلال چانڊيو ، سرمد سنڌي ، الهداد زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي مشوري ماڻي آهي انور قنبراڻي پاڻ ڪيسٽ واري دنيا جو بادشاهه شاعر ٿي گذريو آهي سندس ڪلامن جو تعداد 1600کان مٿي ڪيسٽن جي زينت بڻيا آهن انور قنبراڻي مختلف وقت تي مختلف ٽي وي پرائيويٽ چينلن تي فري لانسر آهي پاڻ سنگيت جو پڻ ڪوڏيو هو پاڻ 35 سالن کان وٺي دادو شهر ۾ زندگي جا پل گذاري رهيو مگر ڪجهه عرصي کان وٺي سندس صيحت ۾ نا چاڪائي ٿي پئي هئي پاڻ ڪراچي اسپتال منجهه داخل پڻ هو جتي اڄ شاعري جا آخري ٻول ٻولي دل جي تڪليف سبب پنهنجي ڌرتي ماءِ ۽ سنڌ واسين دوستن شاعرن گهر وارن کان هميشه لاءِ موڪلائي زندگي جا 55 سال 11 مهينا ۽ 9 ڏينهن پل گذاري 10 ڊسمبر 2018ع سومر ڏينهن ڪالهه راهه رباني ٿي رسي ويو پاڻ ته انور قنبراڻي پنهنجا پنهنجي ڌرتي جا درد پاڻ سان گڏ کيون هميشه لاءِ ته هليو ويو مڱرسندس شاعري هميشه ڪاڇي واسين جي ترجماني ڪندي رهندي پاڻ هاڻ ورسي جي ڏينهن هميشه ياد ڪيو ويندو پاڻ زندگي ۾ ٻه شاديون پڻ ڪيائين جنهن منجهان 2 پٽ 3 نياڻين جي اولاد سان پڻ رب سائين نوازيو هيس سنڌ جي هن بهترين شاعر هڪ ڪتان 100 سو فنڪار نالي لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو هو منهنجي رب سائين در نماڻي دعا هن عظيم ڪاڇي جي دردن جي ترجماني ڪندڙ شاعر لاءِ ته رب سائين جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جي تلقين عطا فرمائي آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو