• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اينڊروائيڊ سمارٽ فون مان ڊليٽ ٿيل تصويرون، ايس ايم ايس ۽ فائلز واپس ڪيئن ورايان؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جيئن جيئن سمارٽ فون جو استعما وڌي پيو ان سان لڳاپيل مسئلا پڻ وڌي رهيان آهن.. ان جو اندازو مونکي منهنجي دوستن طرفان بار بار ڪنهن نه ڪنهن سوال ڪرڻ سان لڳي پيو.. خير عنوان ۾ ٻڌايل سوال مڙئي ڪجهه سوايو پڇيو ويندو آهي.. جواب کي ريڪارڊ تي رکڻ لاءِ حاضر آهي سنڌ سلامت جو هي اهم موضوع...
جي بلڪل، جيڪڏهن توهان به غلطي سان پنهنجي اينڊروائيڊ فون سيٽ مان ڪو ڊيٽا ڊيليٽ ڪري ويٺا آهيو ته هاڻي آساني سان واپس ورائي سگهو ٿا.. سو به بلڪل مفت... :)
حاضر آهي EaseUS MobiSaver For Android جنهن جي شاندار فيچرز ذريعي توهان ضايع ٿيل پيغام، فوٽو آڊيو ۽ تصويرن سميت هر قسم جو ڊيٽا ريڪور ڪري سگهو ٿا..


gx0AnC.jpg


هن مفت سافٽويئر ذريعي نه رڳو فون جي انٽرنل ميموري پر ايس ڊي ڪارڊ مان به ضايع ٿيل ڊيٽا ريڪور ڪري سگهجي ٿو..
هن جو استعمال انتهائي آسان آهي... ڪمپيوٽر تي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پنهنجي فون کي ڪمپيوٽر / ليپٽاپ سان ڳنڍيو.. هي سافٽويئر پاڻمرادو توهان جي موبائيل کي اسڪين ڪندو ۽ توهان کي آگاهي ڏيندو ته ڪهڙو ڪهڙو ڊيٽار ريڪور ڪري سگهجي ٿو.. ان کان پوءِ توهان سافٽويئر کي پنهنجي ڪمپيوٽر / ليپٽاپ تي رڳو اهو فولڊر ٻڌايو جتان ڊيٽا ريڪور ڪرڻو آهي.. باقي ڪم هي پاڻمرادو ئي ڪري وٺندو...


FKWUVzT.jpg


هن سافٽويئر کي ونڊوز ايڪس پي کان وٺي ونڊوز 10 تائين ڪنهن به آپريٽنگ سسٽم تي انسٽال ڪري سگهجي ٿو ۽ هي سافٽويئر هيل تائين مارڪيٽ ۾ آيل 6000 کان وڌيڪ قسم جي اينڊروئيڊ سمارٽ فونز مان ڊيٽا ريڪور ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو..
ته پوءِ حاضر آهي هن ڪارآمد سافٽويئر جو ڊائونلوڊ لنڪ
 
Back
Top