شفيق الرحمان شاڪر تعليمي کوجنا سان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي ته وڻندڙ ۽ دلچسپ انداز ۾ معلومات کي پيش ڪرڻ واري فن کان واقف استاد ئي شاگردن جي موثر سکيا ۾ ڪامياب وڃن ٿا.ڄاڻڻ گھرجي ته پڙهائڻ يا سيکارڻ نهايت ئي ڏکيو ڪم آهي.اڪثر ڏٺو ويو آهي ته استاد ڪلاس روم ۾ ڪنهن عالم۽ فاضل شخص جي صورت ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پنهنجو سبق يا موضوع بنان ڪنهن ترتيب،تنظيم ۽ اڳواٽ رٿابنديء جي روايتي انداز ۾ پيش يا منتقل ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي.پڙهائڻ دوران شاگردن تي پنهنجي علم،ذهانت ۽ قابليت جو ڌاڪو ڄمائڻ جي به ڪوشش ڪندو آهي.ٻار ويچارا ڇا ڪن؟ اهي بيوسيء وچان استاد جي علم ۽ فضيلت جي ان اڻ مندي ۽ اوچتي برسات سبب دٻيا ويٺا هوندا آهن. انهن وٽ پڙهايي ويندڙ سبق يا موضوع کي بي دليء ۽ بيزاريء وچان ٻڌڻ سواء ٻيو ڪي واٽ به ته نه هوندي آهي.ذهني بار ۽ بي شوق هٿن سان اهي اها معلومات پنهنجن پنن تي جيئن جو تيئن ڇاپيندا ويندا آهن.هاڻي جيڪا شيء هنن سمجھي ئي ڪانه انهيء جي باري ۾ امتحان ۾ ڇا لکن؟ بس يا ته طوطي وارو رٽو ڪم اچي ٿو يا وري نقل لاء عقل جو زور لڳائڻو پوي ٿو.جڏهن اسان جي آسپاس ۽ هرهنڌ اهو ئي سڀ ڪجهه ٿيندو نظر ايندو هجي ته اسان ڪنهن فطري ۽ گھربل نتيجا ڏيڻ واري تعليمي عمل جي اجائي آس ڇو ٿا رکون؟انهيء قسم جي پڙهڻ پڙهائڻ سان نه رڳو اهو ته ٻارن جي معلومات ۾ ڪو خاص واڌارو نٿو ٿئي پر ان سان گڏ ٻار مٿاڇري معلومات جا عادي ٿي وڃن ٿا. معلومات جي زندگي نهايت مختصر هوندي آهي ۽ نهايت ئي معمولي عرصي ۾ اها ٻارن جي ذهن تان غائب ٿي ويندي آهي.ان قسم سان ڏنل معلومات ٻار اڪثر ياد نٿا رکي سگھن جنهن ڪري اهي ان معلومات جي سڃاڻپ ۽ استعمال به نٿا ڪري سگھن.سڌريل دنيا جا تعليمي ماهر ان قسم جي سکيا جي عمل کي قدر جي نگاهه سان نٿا ڏسن.ايئن به ٿيندو آهي ته استاد پنهنجي مضمون ۽موضوع تي پوري عبور ۽ پڪڙ رکڻ باوجود پڙهائڻ جي موثر طريقن کان اڻ ڄاڻ هئڻ ۽ معلومات کي دلچسپ انداز ۾ پيش نه ڪرڻ سبب اصل سکڻ واري فضا قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا.اڄ جي بناوت ۽ ڏيکاء سان ڀريل سماج جتي شاگردن کي سهولت پسند،سست ۽ ٽوٽي بڻايو آهي اتي استادن جون ذميداريون ۽ پيشي وراڻيون گھرجون به گھڻيون وڌائي ڇڏيون آهن.ماهر تعليم ”هربرٽ اسپنسر“ سبق جي منصوبا بندي جنهن کي ليسن پلان به چئي سگھجي ٿو تنهن کي بنيادي اهميت ڏني آهي.ٻار ڪيترو موثر نموني سکي ٿو ان جو دارومدار انهيء تي آهي ته اوهان ٻار کي اها معلومات يا موضوع ڪهڙي ترتيب ۽ انداز سان سيکاريو ٿا.ڪيترن ئي استادن کي اڪثر اها شڪايت رهي ٿي ته ڪلاس ۾ ٻار سست ۽ بي ڌيان رهن ٿا ۽ استاد کي ڪو گھربل ريسپانس نٿا ڏين.اها شڪايت گھڻي حد تائين درست آهي پر سوال اهو آهي ته اسان نئين دور جي شاگرد جي ذهن،صلاحيتن ۽ دلچسپين تائين ڪيتري حد تائين پهچ حاصل ڪئي آهي؟هيٺ ڏنل ڪجهه بنيادي اصولن کي سامهون رکندي اسان تدريسي عمل کي بهتر بنائي سگهون ٿا. 1.تدريسي عمل جو پهريون اصول اهو آهي ته پڙهائڻ کان پهرين ٻارن کي پڙهڻ لاء ذهني طور تي آمادو يا تيار ڪجي.انهيء لاء ٻارن کي سيکارڻ کان اڳ انهن ۾ سکڻ جو شوق پيدا ڪرڻ ضروري آهي.ان سلسلي ۾ سبق يا موضوع جي شروعات ڪن همت افزائي ڪندڙ سوالن ۽ دلچسپ سرگرمين يا مشغولين سان ڪري سگھجي ٿو.پر نئين معلومات ڏيڻ کان پهرين شاگردن کي حاصل اڳوڻي معلومات جو ضرور ڌيان رکڻ گھرجي.هربرٽ ٻارن جي نئين سبق کي سندن پراڻي معلومات سان ڳنڍڻ تي زور ڏنو آهي.هربرٽ جي چوڻ مطابق سبق کي موثر بنائڻ لاءاستاد کي سبق جي اڳواٽ موثر تياري ڪرڻ ضروري آهي. 2. معلومات يا موضوع جي پيشڪش کي موثر بنائڻ ۾ شاگردن جي ذهني پهچ ۽ نفسياتي گھرجن کي سمجھڻ به نهايت ضروري آهي ۽ ڪوشش ڪجي ته معلومات ڏيڻ وقت اجايو ڏکيا ۽ منجھائيندڙ لفظ بنهه استعمال نه ڪجن.ٻارن جي ذهني پهچ ۽ علمي سطح جو اندازو انهن کان مختلف سوال پڇڻ سان لڳائي سگھجي ٿو. 3. جيڪر ڪنهن به سبب شاگرد ڪنهن به مضمون جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري نه سگھيا آهن ته انهن کي ان موضوع تي اڳتي ڄاڻ ڏيڻ نهايت ئي فضول ۽ وقت ضايع ڪندڙ عمل ثابت ٿئي ٿو.اڳتي معلومات ڏيڻ کان پهرين استاد کي اها پڪ ڪرڻ گھرجي ته شاگردن کي هو جيڪا ڄاڻ فراهم ڪري پيو ان جو شاگردن جي پوئين ڄاڻ سان ڪيترو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو آهي. 4. معلومات جي سمجھاڻي ۽ وضاحت دوران ” ڄاتل کان اڻ ڄاتل“ ۽ ”آسان کان مشڪل“ وارو طريقو استعمال ڪرڻ ضروري آهي.مطلب اهو ته ٻارن کي جڏهن به ڪا معلومات ڏيون يا ان باري ۾ ڪي سوال پڇون ته شروعات اهڙين شين کان ڪيون جيڪي انهن جون پهرين ئي ڄاتل سڃاتل هجن يعني انهن کي اڳ ئي معلوم هجن ۽ اهو به ته سوليون شيون پهرين ۽ ڏکيون شيون بعد ۾ سيکاريون يا پڇيون وڃن. 5. استادن کي درسي ڪتاب جيڪو ٻارن جي ضرورتن مطابق نه هجي هروڀرو ان جي سختيء سان پابندي ڪرڻ ضروري ناهي.حقيقت اها آهي ته ٻارن کان سيکارڻ وارو استاد هوندو آهي ڪو درسي ڪتاب نه.ان ڪري استاد کي پنهنجي ماحول ۽ ٻارن جي ضرورتن مطابق درسي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻين به مددگار تدريسي شين ،اوزارن ۽ سرگرمين جو بندوبست ڪرڻو پوندو.نئين دور ۾ شاگرد کي ئي سموري تعليمي ۽ تدريسي عمل جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري شاگرد کي راضي ڪرڻ سواء ان عمل کي اڳتي وڌائي نٿو سگھجي.” بشپ مويشو“ مطابق ” شاگرد سموري تعليمي عمل جو مرڪز ۽ استاد جي سمورين ڪوششن جي جان آهي.“ ان قول جي روشنيء ۾ استاد درسي ڪتابن تي پنهن جو ڌيان مرڪوز ڪرڻ بدران علم جي منتقليء طرف ڌيان ڏئي.اهم اهو ناهي ته استاد ڪيترو پڙهائي چڪو آهي پر اهم اهو آهي ته ٻار ڪيترو سکيا آهن. 6. منظم تدريس ۽ مفيد سکيا لاء مناسب مثالن ۽ وضاحتن کان به ڪم وٺڻ ضروري آهي.روزانو جي بنياد تي سبق جي رٿابندي نهايت ئي ضروري هوندي آهي.ماهر تعليم ”مائيڪل“ مطابق ؛ ” سبق جي وصف ئي اها آهي ته سکڻ جي اهڙي سيريز جيڪا ڪنهن مخصوص ڏينهن تي وقت جي ڪنهن مقرر حصي ۾ سرانجام ڏني وڃي.“ هاڻي اهو ڪم تڏهن ئي مناسب نموني ٿي سگھي ٿو جڏهن استاد علمي مواد،سيکارڻ جي مددگار شين،تدريسي سرگرمين توڙي ٻين تعليمي ذريعن کان پوريء طرح واقف هوندو.هڪڙو باخبر استاد ئي هڪ باشعور سماج تعمير ڪري سگھي ٿو. 7. استاد سمجھائڻ،سيکارڻ،وضاحتن،تشريح ۽ مثالن جي وچ ۾ شاگردن کي مختصر وقفو مهيا ڪري ته جيئن اهي انهن شين تي ڪجهه سوچ ويچار ڪري سگھن،پنهنجن مونجھارن ۽ خيالن کي ظاهر ڪري سگھن،پنهنجا شڪ شبها دور ڪرڻ لاء سوال ڪري سگھن. 8. تدريسي عمل دوران شاگردن جي پڇيل سوالن تي ڪاوڙ ڪرڻ بدران سندن همت افزائي ڪرڻ گھرجي ته جيئن هو اڳتي به اهڙا سوال بنان هٻڪ جي پڇي سگھن.اهڙن سوالن جا جواب نهايت ئي تحمل،احتياط ۽ ڌيان سان ڏيڻ گھرجن. 10.اهم نڪتن کي بار بار ورجائڻ ۽ آخر ۾ پوري معلومات جو تت يا خلاصو مختصر نموني پيش ڪرڻ به نهايت ضروري عمل آهي. 11. سبق جي آخر ۾ شاگردن جي جاچ يا آزمائش به ان عمل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن ذريعي اها خبر پوي ٿي شاگردن پوري عمل مان ڪيتري قدر حاصل ڪيو آهي ۽ استاد کي به پنهنجن صلاحتن کي پرکڻ جو موقعو ملي ٿو ته هو پنهنجي ڳالهه ٻارن تائين پهچائڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي. 12.جهڙيء طرح سبق جي شروعات اهم هوندي آهي اهڙيء طرح ان جي پڄاڻي به اوتري ئي اهم آهي.سبق جي پڄاڻيء تي استاد ڪجهه تجسس برقرار رکي جو ٻارن ۾ وڌيڪ پنهنجي طور تي کوجنا ۽ جستجو ڪرڻ جو شوق قائم رهي.يعني سبق ختم ڪرڻ وقت ڄاڻي واڻي استاد ڪا اهڙي دلچسپ شيء اڌوري ڇڏي ڏئي جيڪا ٻار هر صورت ۾ ڄاڻڻ گھرندا هجن.انهيء سان اهي ان شيء کي معلوم ڪرڻ لاء آتا رهندا جنهن سان منجهن جستجو جو شوق وڌندو.ٻارن کي اهو موقعو ڏيڻ گھرجي ته اهي ان نامڪمل معلومات جي باري ۾ پنهنجي طرفان ڪهڙيون ڪهڙيون سوچون ظاهر ڪن ٿا.