ماضيء جي ۽ هاڻوڪن حڪمرانن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ان ۾ ته هاڻي ڪو شڪ ئي نه رهيو آهي ته موجوده حڪمرانن کان ڪنهن حقيقي عوامي ڀلائيء جي منصوبن تي عمل درآمد جي اميد رکڻ ٻبرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي.ان جو مظلب اهو به ڪونهي ته ماضيء جي حڪمرانن ڪو عوام لاء کير ۽ ماکيء جون نديون وهائي ڇڏيون هيون.مطلب اهو ته گذريل توڙي هاڻوڪي حڪمرانن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي.اهي سڀ سٺا ،پارسا،هڏ ڏوکي ۽ همدرد رڳو تڏهن هوندا آهن جڏهن اقتدار کان ٻاهر هجن.باقي اقتدار جي پنهنجي مستي ۽ پنهنجو خمار آهي جنهن کان بچڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي.اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين خان صاحب ۽ سندس رفيق خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون هامون هڻندا رهندا هئا،پاڻ کان سواء ٻين سمورن حڪمرانن توڙي سياستدانن کي نااهل،ڪرپٽ ۽ ڪوڙو سڏيندي سڏيندي سندن نڙيون سڪي ٿي وييون.توڙي جو خيبر پختون خواهه ۾ پورا پنج سال حڪومت جا مزا ماڻڻ باوجود به اتي عوامي ڀلائيء جي شعبي ۾ ڪي بنيادي تبديليون ڏسڻ ۾ نه آيون هيون پر سندن ڪارڪردگيء کي انهن پاڻ ،سوشل ميديا خاص طور تي ۽ عام ميڊيا عام طور تي ايترو ته مٿي تي کنيو جو ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ خيبر پختونخواهه يورپ بڻجي ويو هجي.پوء خان صاحب جي اها ئي فرمائش رهي ته کيس وفاق ۾ پڳ ٻڌائي ويهاريو وڃي پوء ڏسو ته ڪيئن ٿو پوري ملڪ ۾ خوشحالي،انصاف ۽ عوامي ڀلائيء وارو انقلاب اچي.گذريل سو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو ٽارگيٽ جيڪو هنن پاڻ پنهنجي لاء مقرر ڪيو هو انهيء جو جائزو به پاڻ وٺي رهيا آهن ۽ پاڻ ئي پنهنجون تعريفون ڪندي نٿا ڍاپن.ايئن هڪ پير تي پيا نچن ڄڻ هنن عوام جا سمورا مسئلا ئي حل ڪري ڇڏيا آهن.حلانڪه ڏٺو وڃي ته مسئلا نه رڳو اتي جو اتي آهن پر انهن جي سنگينيء ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ٿيون وڃن. هنن صاحبن هيستائين جيڪي چند ڪارناما سرانجام ڏنا آهن سي اهي ته بيان بازيء جو ڇيهه ٿي چڪو آهي.اڃا تائين پوين حڪومتن تي لعنتون ملامتون ڪرڻ مان ئي واندا ناهن ٿيا.پوين حڪومتن جيڪي ڪجهه ڪيو سو جيڪر ٺيڪ هجي ها ته پوء ماڻهو اوهان کي پڳ ٻڌائي ڪرسيء تي ڇو ويهارين ها؟فضول قسم جا دل خراب ڪندڙ بيان جن جو نه ته ڪو فائدو آهي ۽ نه ئي انهن بيانن سان ماڻهن جي مشڪلن ۾ ڪا ڪمي اچي رهي آهي پر مجال آهي جو سندن ڪجهه مٿي ڦريا وزير ۽ مشير ماٺ ڪن.هاڻي اچو سندن ڪارڪردگيء طرف ته مهانگائيء جو جيڪو طوفان هنن صاحبن اچي اٿاريو آهي اهو بيهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.سندن وزير خزانه خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون خبرون پيو ڪري.تازو هڪ غير ملڪي ٽي ويء کي انٽرويو ڏيندي ان صاحب فرمايو ته اسان آئي ايم ايف جي چوڻ بنان ئي تيل. گئس ۽ بجليء جون قيمتون اڳ ۾ ئي وڌائي چڪا آهيون ۽ ٽيڪس به بنان ڪنهن جي چوڻ جي لڳائي ڇڏيا آهن.ماشاء الله ! وزير هجن به اهڙا جيڪي وڏي فخر سان اهو اعلان ڪن ته سندن حڪومت اهي سڀ ڪم انهن مالياتي ادارن جي چوڻ کان سواء ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن جيڪي مالياتي ادارا غريب عوام جو ڪفن کائڻ لاء هر وقت آتا رهن ٿا.حالت اها آهي جو بجليء جو گذريل نظام ذرو به سڌرڻ بدران ويتر وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.روزاني لوڊ شيڊنگ جو عرصو جيڪو پهرين ڳوٺن ۾ اٺ ڪلاڪ هو سو هاڻي سورهن کان ويهن ڪلاڪن تائين پهتو آهي.ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ کي سندس گئس هوندي به گئس جي لوڊ شيڊنگ برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي.سي اين جي اسٽيشنون بند پييون آهن،تيل جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن.کاڌي جون شيون ايستائين جو اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي. خبر ناهي ڪهڙي خوشحالي پيئي اچي ۽ اها ڪهڙي پنڌ ۾ آهي.هاڻي اچو ڪرپشن خلاف ڳايل راڳن جي طرف ته انهن سو ڏينهن ۾ ڪنهن به بااثر کان هڪ روپئي جي به وصولي ٿي هجي ته ٻڌايو.بلڪه انهن جا پنهنجا ڪجهه وزير ۽ مشير اپوزيشن سان گڏجي ڪي اهڙا بل منظور ڪرائڻ جون صلاحون ڪري رهيا آهن جن ذريعي احتسابي ادارن جي اختيارن کي سوڙهو ڪري سگھجي.گذريل حڪمرانن تي مفاهمت ۽ نوراڪشٽيء جا الزام هڻندڙ اڄ عوام کي اهو به ته ٻڌائين ته ميان شهباز شريف سان ڪهڙو اين آر او ڪيو اٿن جو پورا ٽي مهينا اهو راڳ ڳائيندا رهيا ته ٻلي کي کير جي چوڪيداري ڪيئن ٿي ڏيئي سگھجي؟ پوء اوچتو ڇا ٿي ويو .چوڪيدار رات وچ ۾ پارسا ڪيئن بڻجي ويو؟هر معاملي ۾ اڳواٽ جذباتي قسم جا بيان ڏيئي آسمان تي پهچيو وڃن ۽ پوء انهيء ئي تيزيء سان واپس اچيو اونڌي منهن زمين تي ڦهڪو ڪن.ڪروڙين گھر ٺهندا ۽ لکين نوڪريون ملنديون سو ته جيسين ٿئي تيسين عوام مهانگائيء ۾ پيسجي قيمو ٿي ويندو. هنن کان نه ته ڪو ادارو ٿو سڌو ٿئي ۽ نه ئي حڪومتي مامرن تي سندن ڪا گرفت ٿي ڏسجي.اهي انڌيون اهي ئي جنڊ جي مصداق جيئن پوء تيئن ماڻهن ۾ مايوسيون وڌنديون ٿيون وڃن.اهي ڊگھيون ڊگھيون تقريرون نه ته عوام جو پيٽ ڀري سگھن ٿيون ۽ نه اهي ٽاسڪ فورس ڪنهن جي گھر جو اجھاڻل چلهو ٻاري سگھن ٿا. اقتدار جي ايوانن ۾ هميشه سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو آهي،هر طرف سک ۽ چين جي بانسري وڄندي رهندي آهي .حڪومت ۾ رهي ڪا ننڍي چونڊ کٽي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ملڪ جو ٻاويهه ڪروڙ عوام مٿان صدقي ٿيڻ لاء تيار آهي پر ايئن هوندو ناهي. اها خوشفهمي يا غلط فهمي جيڪا ماضيء جي حڪمرانن کي به لڳي رهي اڄ اڄوڪن حڪمرانن کي چنبڙي پيئي آهي.اقتدار ۾ اچڻ وارن جي بدقسمتي ئي اها هوندي آهي جو حڪمران عام ماڻهن کان ڪٽجي چند خوشامدي درٻارين ۾ قيد ٿي ويندا آهن پوء عام ماڻهو جيڪي چوندا آهن سو انهن جي ڪنن تائين صرف تڏهن پهچندو آهي جڏهن راند ختم ٿي چڪي هوندي آهي.عام ماڻهو اڄ ڪلهه جيڪي ڪجهه چئي رهيا آهن اهو سندن مايوسين ،نا اميدين ۽ بي چينين جو اظهار آهي.سندن ٽٽل خوابن ۽ وکريل اميدن جو ماتم آهي. ان نظام جو نوحو آهي جنهن کين مختلف نعرن سان ڦريو،لٽيو ۽ برباد ڪيو آهي ۽ ان برباديء کي بريڪ اڃا تائين ته ناهي لڳو.اڳتي ڏسندا هلجو ته ڪيئن ٿا اصولن جا لاش ڪرن ۽ ڪيئن ٿا اخلاقي ۽ سياسي قدر لتاڙجن.اهي ساڳيون مفاهمتون به ٿينديون جن جو هي مذاق اڏائيندا رهيا آهن،اهي سڀ سياسي ڳٺ جوڙون به ٿيڻيون آهن جن کي جمهوريت جي بقا واري سوال سان ئي ڳنڍيو ويندو.اهي ساڳيا عوام آزار فيصلا به ٿيڻا آهن جن کي وسيع تر قومي مفاد جو خوبصورت لباس پهرائي عوام سامهون آندو ويندو.اڃا ته اقتداري زندگيء جي شروعات آهي،اڳيان کوڙ سارا ڪرتب ڏسڻ لاء ملڻا آهن ۽ وڏا سياسي تماشا ٿيڻ وارا آهن ۽ هر تماشي ۾ قربانيء جي ٽڪساٽ تي اڪيلو عوام ئي ٽنگيل نظر ايندو.سچ ٿو چوي خان صاحب ته جتي به ڦاسي پئجي ته ”اقتدار جي عافيت انهيء ۾ آهي ته“ يو ٽرن وٺجي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو