روزاني جيجل حيدرآباد ۾ منهنجو هي مضمون 3 ڊسمبير 2018 تي ڇپيو آهي http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-12-03/news/page4/1 (5).htm مختلف دورن ۾ قومن جي بقا ۽ سڌاري جا معيار به مختلف رهيا آهن. ڪنهن دور ۾ قوم جي بقا لاءِ جنگيون ڪيون وينديون هيون ۽ کين سڌاري لاءِ سخت قانون ٺاهيا ويندا هئا ته ڪنهن دور ۾ محبت، اخلاق ۽ تعليم کي ئي سماجي سڌاري ۽ بقا جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. مقصد ساڳيو رهيو ته جنهن معاشري ۾ اسان رهون پيا اهو معاشرو محفوظ معاشرو هجي، جنهن ڌرتي تي پاڻ رهون پيا اها ڌرتي محفوظ ۽ آباد هجي، پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهون ۽ ترقي ڪندا رهون. پر جيئن جيئن ٽيڪنولوجي ۾ ترقي آئي تيئن تيئن سماجي جوڙجڪ جا به نوان طريقا نافظ ٿيڻ لڳا. ماڻهو جنگين کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ محبت، خلوص، سچائي ۽ انسانيت جي قدر واري سماج کي پسند ڪرڻ لڳا. پر ان ۾ اهي سماج اڳڀرا ۽ ترقي يافته رهيا جن ٽيڪنولوجي ۽ سائنس کي سمجهيو ، ان تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي اولاد کي به انهن جي اهميت کان واقف ڪيو. اهي قومون ۽ سماج پٺتي رهجي ويا جيڪي ٽيڪنولوجي ۽ سائنس کان پري رهيا. هي دور تعليم جو دور آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو پوري قوم ۽ خطي کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ترقي ڏياري ٿو. تعليم ئي انسان کي انسان بڻائي ٿي ۽ کين شعور ۽ بيداري پيدا ڪري ٿي ته معاشري ۾ زندگي ڪيئن گذارجي. اهڙي طرح انسانيت جا پوري جا پوري آداب ۽ طريقا تعليم ئي سيکاري ٿي. تعليم ئي ظلم کان نفرت ۽ حق جي حمايت ڪرائي ٿي، تعليم ئي قومن کي بقا ڏيئي ٿي. تعليم ئي پنهنجي ثقافت کي بچائي ٿي ۽ دنيا سان گڏ گڏ هلي ٿي. جنهن قوم تعليم کي نظر انداز ڪيو ڄڻ ته ان قوم پنهنجي تباهيءَ جو دروازو پاڻ کوليو. جيئن اسان سنڌي ۾ چوندا آهيون پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ. هن وقت سنڌي ماڻهن جو تعليم طرف رجحان وڌي رهيو آهي، هو رواجي تعليم سان گڏ فني تعليم به حاصل ڪري رهيا آهن ته جيئن دنيا سان گڏ هلي سگهجي. ڪمپيوٽر، سماجي ويبسائيٽس ۽ ٽيڪنولوجي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن دور جا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪنهن به قوم کي تباه ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته ان قوم کي تعليم کان پري رکيو وڃي يا ان جي تعليم جي نظام کي تباه ڪيو وڃي. اها قوم پنهنجو پاڻ ئي تباه ٿي ويندي. ان قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به جنگ يا ٻي ڪنهن سازش جي ضرورت نه آهي. اڄ اسان سان اهوئي ڪجھ ٿي رهيو آهي. سنڌ جو سماج گهربل ترقي نه ڪري رهيو آهي. اسان جا وسيلا ختم ٿيندا وڃن يا انهن تي قبضا ٿيندا وڃن ٿا. تعليم ادارا سياست جي حوالي ٿيندا وڃن ٿا. اسان وٽ تعليمي ادارا گهربل نتيجا نه ڏئي رهيا آهن. اسان جا ماڻهو سٺي تعليم حاصل نه ڪري رهيا آهن. اسان وٽ محدود طبقو آهي جيڪي پنهنجي ٻارن بهتر ادارن ۾ پڙهائي رهيا آهن يا ڪجھ اهي شاگرد آهن جيڪي اسڪالرشپ حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهي رهيا آهن پر انهن جو تعداد به تمام گهٽ آهي. ڇاڪاڻ اسان جي ٻارن جي اڪثريت کي ايترا وسيلا ميسر نه آهن جو هو ڪن وڏين ۽ ڏکين چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري ڪري سگهن. تنهنڪري هن وقت ضرورت آهي ته سنڌ ۾ هڪ عالمي سطح جي انجنيئرنگ، ٽيڪنولوجيڪل ۽ مينيجمينٽ سائينسز يونيورسٽي کولي وڃي جيڪا موجوده دور جي گهرجن مطابق هر قسم جي سائنس، انجنيئرنگ ، ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽينڪنولوجي ۽ مينيجمينٽ سائنسز جي تعليم مهيا ڪري ۽ انهن شعبن ۾ تحقيق کي وڌائي. يونيورسٽي ۾ قائم ٿيندڙ شعبن ۾ گريجوئيشن کان وٺي ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين تائين تعليم مهيا ڪئي وڃي. ان يونيورسٽي ۾ مختلف قسم جي تحقيق جا ادارا پڻ قائم ڪيا وڃن جيڪي عالمي گهرجن مطابق تحقييقي ڪم ڪن ته جيئن دنيا سان گڏ هلي سگهجي. يونيورسٽي ۾ استاد ۽ تحقيق ڪندڙ اعلا تعليم يافته هجڻ گهرجن جيڪي موجوده دور جي تعليم جي معيار ۽ گهرجن کان چڱي طرح واقف هجن. هن وقت دنيا جي بهترين يونيورسٽيز ۽ ادارن ۾ سنڌي ماڻهو تعليم ۽ تحقيق جي شعبن سان لاڳاپيل آهن جيڪي سنڌ ۾ اهڙي ٺهندڙ يونيورسٽي لاءِ پنهنجون خدمتون ڏئي سگهن ٿا. ان کانسواءِ ٻيا به استاد مقرر ڪري سگهجن ٿا جيڪي يونيورسٽي کي بين الاقوامي يونيورسٽيز جي لسٽ ۾ مٿين سطح تي پهچائي سگهن. پوري دنيا مان تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ٻارن کي هڪ خاص ڪوٽه تحت ان ٺهندڙ يونيورسٽي ۾ داخلا ڏني وڃي ته جيئن هتان جا شاگرد مختلف ملڪن جي شاگردن سان ملي سگهن ۽ اتان جي ثقافت کان واقف ٿيڻ سان گڏ مختلف قسم جي روين ۽ ٻولين کان به واقف ٿي سگهن. ان کان سواءِ هتان جا شاگرد بين الاقوامي چٽاڀيٽي جي مقابلن لاءِ پڻ تيار ٿي سگهن ٿا. ٻين ملڪن جي شاگردن سان گڏ رهڻ سان اسان ٻارذهني طور به وڌيڪ مظبوط ٿيندا. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ترت قدم کڻي اهڙي قسم جي يونيورسٽي جو بنياد رکي ته جيئن دنيا سان گڏ هلي سگهجي ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان تمام گهڻو پٺتي رهجي وينداسين. يونيورسٽي جو نالو به بين الاقوامي يونيورسٽي سان شروع ٿيڻ گهرجي مثال طور (گورک انٽرنيشنل يونيورسٽي آف سائنس، انجنيئرنگ، ٽيڪنولوجي اينڊ مينيجمينٽ سائنسز). اها يونيورسٽي مڪمل طور خود مختيار هجڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ان يونيورسٽي جي به اها ئي حالت ٿيندي جيڪا هن وقت اسان وٽ ٻين يونيورسٽيز جي ٿي رهي آهي. دنيا ۾ تعليمي ادارا خودمختيار هوندا آهن پر اسان وٽ حڪومتي ادارن کان سواِءِ، ميڊيا، استادن ۽ اسٽاف جي تنظيمن ۽ عام ماڻهن جي تمام گهڻي مداخلت رهي ٿي جنهنڪري يونيورسٽيز تعليم ۽ تحقيق جا گهربل نتيجا حاصل نٿيون ڪري سگهن. انجينئرنگ ۽ ٽيڪنولوجي دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ماڻهو دنيا جي ڪنهن به ملڪ، ثقافت، تعليم، يونيورسٽي، لائبرري، هوٽل، گهمڻ جي جڳه وغيره جي ڄاڻ منٽن ۾ حاصل ڪري سگهي ٿو. رابطن جي ويبسائيٽس پوري دنيا جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو آهي. ايتري تائين جو هاڻي رشتا به آن لائين ٿين ٿا. تيز رابطن جي ڪري هر خبر منٽن ۾ پوري دنيا ۾ پکڙجي وڃي ٿي. حڪومتون ۽ مختلف قسم جا ادارا ڪنهن به قسم جي ڄاڻ جلدي ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا اهڙي سياستدان، سماجي شخصيتون، واپاري ادارا پنهنجي وکرن بابت ماڻهن جا رايا معلوم ڪري سگهن ٿا ان لاءِ هن وقت بهترين قسم جا اوزار ٺاهيا ويا آهن جن جي ذريعي ماڻهن جي پسند ۽ نا پسند جي خبر آساني سان پئجي وڃي ٿي. اهي اوزار سنڌي ٻولي لاءِ پڻ موجود آهن. ترقي ڪندڙ ملڪ پنهنجي ملڪن ۾ وڏا وڏا تعليمي ادارا کولي رهيا آهن جن سان هو پنهنجي ماڻهن کي بهتر تعليم ڏيڻ سان گڏ چڱي تعداد ۾ ناڻو پڻ ڪمائي رهيا آهن.ان کانسواءِ انهن ملڪن جي نامه چاري پڻ ٿي رهي آهي. پر اسان وٽ اهو رجحان اڃا پيدا نه ٿي سگهيو آهي جنهن جو هڪ سبب تعليم جي گهٽ اهميت جو هجڻ پڻ آهي. اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن ته هتي بهتر تعليم ڏيڻ سان گڏ تمام گهڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. يونيورسٽي لاءِ جڳھ جي چونڊ تمام گهڻي اهم هوندي آهي. تنهنڪري يونيورسٽي لاءِ اهڙي جڳھ هئڻ گهرجي جتي آبادي گهٽ هجي ته جيئن شاگرد سڪون سان تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ بهتر طريقي سان تحقيق ڪري سگهن. ڪنهن به يونيورسٽي ۾ تحقيق جو ڪم تدريسي ڪم کان وڌيڪ اهم هوندو آهي تنهنڪري دنيا جي وڏين يونيورسٽيز ۾ تحقيق کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. هن وقت گورک واري چوٽي هڪ اهڙي جڳھ آهي جتي اهڙي قسم جي يونورسٽي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي ٿي. گورک دادو ضلعي ۾ موجود کيرٿر جبل جي چوٽي تي سطح سمنڊ کان تقريبن 5689 فوٽ جي مٿاهين تي موجود آهي. جتي سڌي زمين تقريبن 2500 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. گورک جي موسم تمام گهڻي مزيدار هوندي آهي. اُتي سردي جي موسم ۾ 0 سينٽيگريڊ کان گهٽ ۽ گرمين جي موسم ۾ وڌ ۾ وڌ 20 سينٽيگريڊ تائين گرمي رهي ٿي. تهنهنڪري گورک جي موسم تعليم ۽ تحقيق لاءِ جي بهترين ، شاندار ۽ مناسب آهي. اها موسم ٻاهريان ايندڙ شاگردن ۽ تحقيق ڪندڙن کي پڻ متاثر ڪري سگهي ٿي. سنڌ حڪومت گورک تي بين الاقوامي يونيورسٽي کولي ته اها هڪ بهترين بين الاقوامي يونيورسٽي ٿي سگهي ٿي جت پوري دنيا مان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ اچي سگهن ٿا. يونورسٽي ۾ جيڪي شعبا کوليا وڃن اهي جدا جدا هجن ۽ انهن جي وچ ۾ مفاصلو هئڻ گهرجي. يونورسٽي ۾ استادن، تحقيق ڪندڙن ۽ شاگردن لاءِ بين الاقوامي سطح جون هوسٽلس ۽ گهر هئڻ گهرجن. اهڙي طرح مينيجمينٽ، آفيسرس ۽ اسٽاف لاءِ پڻ رهائشي گهر ۽ هوسٽلس ٺاهيون وڃن ته جيئن پڙهائي ۽ تحقيق جو ڪم بهتر طريقي سان گڏوگڏ سڪون سان ٿي سگهي. کاڌي لاءِ بهترين قسم جون ڪينٽينس ۽ هوٽل هئڻ گهرجن ته جيئن اتي رهندڙ صحتمند کاڌو کائي سگهن. بين الاقوامي سطح جي لائبرري پڻ قائم ڪئي وڃي جتان شاگرد، استاد ۽ تحقيق ڪندڙ بهتر طريقي سان لاڀ حاصل ڪري سگهن. اهڙي ميڊيڪل جي سهولت پڻ مهيا ڪئي وڃي تنهنڪري اتي هڪ بهترين اسپتال قائم ڪئي وڃي جنهنجا سمورا شعبا موجوده دور جي گهرجن مطابق ٺهيل هجن ۽ سموريون سهولتون موجود هجن ته جيئن ڪنهن به امرجنسي جي صورت ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي. بهتر ٿيندو ته اتي هڪ ميڊيڪل يا طب جو تحقيقي مرڪز پڻ قائم ڪيو وڃي جيڪو ميڊيڪل سائنسز ۾ تحقيق ڪري ۽ دنيا کي بهتر نتيجا ڏئي. يونيورسٽي لاءِ هڪ مڪمل سڪيورٽي جو نظام پڻ قائم ڪيو وڃي جيڪو شاگردن، استادن، تحقيق ڪندڙن ۽ مينيجمينٽ کي يقين ڏياري ته هو هر حوالي سان محفوظ جڳھ تي آهن. يونيوورسٽي کولڻ سان سنڌ جي تعليم بين الاقوامي سطح جي تعليم ٿي ويندي جنهنجو سئنون سڌي فائدو هتان جي ماڻهن کي ٿيندو ان سان گڏ اها تعليم عالمي سطح تي مشهور ٿي ويندي جنهنڪري پوري دنيا مان ماڻهو هت پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ايندا. ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ٿيدو اهڙي طرح پوري ملڪ جا شاگرد ٻاهر وڃڻ کان لنوائيندا ۽ هتي پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا. يونيورسٽي ٻاهرين شاگردن جي فيز مان بهتر ناڻو ڪمائي هت تحقيق کي ترقي ڏياري سگهي ٿي. ان کان سواءِ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ متاثر ڪري سگهي ٿي. اهڙي عمل سان سنڌ ۽ پاڪستان جو پوري دنيا ۾ مثبت پيغام ويندو. هن وقت پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي يونيورسٽي نه آهي جنهن کي بين الاقوامي سطح جي يونيورسٽي چئي سگهجي يا اهڙي ڪا يونيورسٽي هجي جيڪا بين الاقوامي يونيورسٽيز جو مقابلو ڪري سگهي يا ان سطح جا شاگرد ۽ تحقيق ڪندڙ پيدا ڪري سگهي تنهنڪري اهڙي يونيورسٽي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سنڌ گورنميٽ جيڪڏهن هي قدم کڻي ٿي ته اها قوم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي خدمت هوندي جنهن سان سنڌي ماڻهن سان گڏ پوري ملڪ جو مستقبل بچي پوندو ۽ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ڪندا. بهتر تعليم سان اسان جا سماجي ۽ سياسي مسئلا پنهنجو پاڻ حل ٿي ويندا ۽ ماڻهو معاشي طور خوشحال ٿي ويندا. ملڪ ۾ امن جو واڌرو ٿيندو اهڙي طرح هر قسم جي دهشتگردي، ٻيائي ۽ منافقت جو خاتمو اچي ويندو. دنيا ۾ ڪا به شي مشڪل نه آهي جيڪڏهن ارادا مظبوط ۽ سچا هجن. حڪومت ماڻهن جي خوشحالي لاءِ سوچي ٿي ته پوءِ ان کي ماڻهن کي عالمي سطح جي تعليم ڏيڻي پوندي. اهي ئي ملڪ خوشحال ۽ ڪاميا رهيا آهن جن پنهنجي ماڻهن کي بين الاقوامي سطح جي تعليم ڏني آهي. هن وقت ملائيشا، سنگاپور، ٿائلينڊ، چائينه پنهنجي ماڻهن سان گڏوگڏ پوري دنيا جي ماڻهن کي يورپ ۽ آمريڪا جهڙي تعليم ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پڪو پھ ڪري ته هو سنڌي ۾ بين الاقوامي سطح جي يونيورسٽي ٺآهي سگهي ٿي. سنڌ ۾ اهڙا قابل تعليم ۽ ٽيڪنولوجي ماهر ماڻهو موجود آهن جيڪي هن قسم جي پروجيڪٽ کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهن ٿا ۽ ان کي بين الاقوامي سطح جو ادارو بڻائي سگهن. سنڌ جي ڏاهي ۽ انقلابي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ذريعي بهترين فرمايو آهي ته محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا چڙي جيئن چهنب هڻي، لڏيائون لئا، حباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾. (شاھ).