شفيق الرحمان شاڪر وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو ڏاڍ جو محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ شهيد ٿيل سندس ڀاء مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو معمو اڄ تائين حل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي 27 ڊسمبر 2007ع ۾ پنڊيء جي لياقت باغ ويجھو شهيد ٿيندڙ خود محترمه بينظير ڀٽو جي دردناڪ قتل واري راز تان اڄ تائين ڪو پردو هٽي سگھيو آهي توڙي جو سندس شهادت کان پوء سندس پارٽي حڪومت ۾به رهي،سندس ور آصف علي زرداري پنج سال ملڪ جو صدر به رهيو پر محترمه شهيد کي انصاف نه ملي سگھيو.ڪيتريون ئي جاچون جوچون ٿيون،ٽيمون آيون ۽ وييون پر نتيجو اڃا تائين رڳو ٻڙي آهي.محترمه سان ديوانگيء جي حد تائين پيار ڪندڙن جي دلين ۾ جيڪو گھاء آهي اهو وقت گذرڻ سان گڏ وچيڪ گهرو ٿيندو ويو.هنن کوڙ مطالبا ڪيا،روڄ ۽ راڙو ڪيو پر نيٺ نااميديء جي چادر ويڙهي مايوسين جي اونداهين ۾ گم ٿي ويا جو جيڪي محترمه جي سياسي ورثي جا دعويدار بڻيا انهن جي ترجيحن ۾ به بينظير کي انصاف ڏيارڻ جا ڪا ايجنڊا شامل نه هئي.ٿورو تصور ڪيو ان ڌيء جي حالت جو جنهنجو پيء ساعت بساعت موت جي طرف وڌي رهيو هجي،اها ڌيء جنهنجو ننڍپڻ شهزادين جيان گذريو هجي ۽ پوء هوش سنڀاليندي ئي کيس قدم قدم تي موت جهڙن خوفناڪ اونداهين سان واسطو پيو هجي.اهو وقت جڏهن وڏا وڏا ليڊر خاموش هئا، بينظير پنهنجي پيء سان گڏ هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙي رهي هئي.حالتون هوائن ۾ ڪنهن زرد پن جيان اڏائي رهيون هيون پوء اهو دردناسڪ لمحو به آيو جڏهن هن کي پنهنجي پيء سان آخري ملاقات ڪرڻي پئجي رهي هئي.آخري ملاقات بعد ماء ۽ ڌيء کي جيل جي سلاخن پويان ڌڪيو ويو.پوري ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي ،ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاسي ڏني ويئي ۽ سندس ڌيء کي ميت جو آخري ديدار ڪرڻ به نه ڏنو ويو.اها اسان جي ملڪ جي تاريخ آهي،هڪ شرمناڪ ۽ دردناڪ تاريخ! پر ظلم،جبر ۽ آمريت جي اها ڊگھي رات اوڀر ڄائيء جي هماليا کان بلند حوصلي کي شڪست ڏيئي نه سگھي.هوء پوري همت ۽ جذبي سان آمريت سان ٽڪرکائي ثابت ڪيو ته سندس نسن ۾ جنهن ارڏي انسان جو خون ڊوڙيو ٿي ان ڦاهي ته قبول ڪئي پر آڻ نه مڃي. هن پنهنجي ماء سان گڏ پارٽيء جي قيادت سنڀالي.1988ع ۾ عام چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو پر چونڊن کان اڳ ئي ان وقت جي فوجي آمر ضياء الحق جو جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ هوپويان هڪ ڪاري تاريخ ڇڏي دنيا مان موڪلائي ويو. ڪيتري قدر حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جو اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته بي بي کي ڪنهن قتل ڪيو؟ ڪنهن قتل ڪرايو؟ڇو قتل ڪرايو؟انهن سوالن جا جواب ته پري ٿيا اڃا تائين اهو به معلوم نه ٿي سگھيو ته بينظير جي شهادت گولي لڳڻ سان ٿي يا گاڏيء جو سن روف ليور لڳڻ سان؟ايڏي وڏي عالمي اڳواڻ جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي به زحمت گوارا نه ڪئي ويئي.اها ٻي ڳالهه آهي ته محترمه جي شهادت کي سياسي بنائي ان مان خوب سياسي فائدو کنيو ويو پر محترمه جي قاتلن تائين پهچڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش ڪٿي به نظر نه آئي. محترمه بينظير ڀٽو جي باري ۾ جيڪر اهو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو ته سندس پوري زندگي لاهن چاڙهن کي منهن ڏيندي گذري.پنهنجي جنم ڏينهن 21 جون 1953ع کان شهادت واري ڏينهن 27 ڊسمبر 2007ع تائين ذولفقارعلي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئڻ جي حيثيت ۾ هوء هر مرحلي تي پنهنجي والد جي سياسي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي.هن پنهنجي والد جي وزارت عظميٰ جو دور به ڏٺو۽ پوء سندس گرفتاري،قيد ۽ ڦاسيء تائين پنهنجي پيء جي جاء تي پارٽي جي قيادت جنهن ڏاهپ.همت ۽ حوصلي سان سنڀالي ان سان هن ٻين سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.هن هر قسم جي سازشن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو۽ پنهنجن اصولن کي هٿيار بنائي پنهنجن مخالفن کي زير ڪيو.بينظير محب وطن،غريب پرور ۽ ڪرشماتي شخصيت جي مالڪ هئي.نالي جيان هن جي زندگي به بينظير هئي.اهو ئي سبب آهي جو کيس ٻين بيشمار اعزازن سان گڏ دنيا جي پهرين مسلمان خاتون وزير اعظم هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي.هوء ٻه ڀريا ملڪ جي وزير اعظم رهي ۽ قومي اسيمبليء ۾ اپوزيشن ليڊر به رهي.پنهنجي سياسي ڪيريئر دوران هن بي شمار ملڪي توڙي غيملڪي ميڊيا کي انٽرويوز ڏنا ۽ سدائين پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي ترقي ۽ ّوشحاليء لاء ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو.بينظير جتي لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بني رهي اتي اهي ماڻهو جن جو پيپلز پارٽيء سان ڪو تعلق ئي نه هو اهي به سندس شخصيت ۽ صلاحتين کان گھڻو متاثر نظر آيا.ايستائين جو سندس سياسي مخالف به سندس ڏاهپ ۽ فهم جو اعتراف ڪندا رهيا.وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽيء جي سربراهه جي حيثيت ۾ بينظير ڀٽو معاشي،سياسي، سماجي، قومي ۽ بين الاقوامي محاذن تي ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون.مردن جي بالادستيء واري سماج ۾ هن هر قسم جي حالتن جو جرئتمنديء سان مقابلو ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو سندس مخالف به کيس ”آئرن ليڊي“ جي لقب سان ياد ڪن ٿا.سندس وزارت عظميٰ جو پهريون دور 1988ع کان 1990ع تائين جڏهن ته ٻيو دور 1993ع کان 1996ع تائين رهيو.1997۽ ۾ سندس پارٽيء جي عام چونڊن ۾ شڪست بعد هوء دبئي هلي ويئي جتي هن ڪيترائي سال جلا وطنيء ۾ گذاريا ،هن پنهنجي زندگيء ۾ پنهنجي والد ۽ ٻن ڀائرن جو غير طبعي موت به ڏٺو،پنهنجي ور آصف علي زرداريء جو ڊگھو قيد به برداشت ڪيو ته ٻئي طرف پنهنجي اولاگ جي تعليم ۽ تربيت کان به غافل نه رهي.ڪراچيء جي ليڊي جيننگ نرسري اسڪول کان آمريڪا جي معروف ترين هارورڊ يونيورسٽي تائين جي تعليم ۽ بعد ۾ برطانيا جي معروف درسگاهه آڪسفورڊ جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ معاشيات،سياست ۽ فلسفي جي تعليم هن جي قائداڻين صلاحيتن کي وڌيڪ سنواري سينگاري پختو ڪيو.اهو بينظير ڀٽو جي قائداڻي ۽ سياسي صلاحتن جو اعتراف هو جو کيس 1976ع ۾ آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊيو ويو.انهيء عهدي تي ڪم ڪندڙ هوء ايشيا جي پهرين عورت هئي. سابق صدر مشرف سان ٿيل هڪ ٺاهه مطابق هوء 2007ع ۾ واپس پاڪستان موٽي توڙي جو سندس زندگيء کي شديد سيڪيورٽي خطرا لاڳو هئا جن جي باري ۾ هن کي اڳواٽ خبردار به ڪيو ويو هو پر بينظير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ منعقد ٿيندڙ عوامي ميڙن ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو.بينظير جي ڪراچي اچڻ وقت دهشتگردن سندس ريليء مٿان پهريون خطرناڪ حملو ڪيو جنهن ۾ پيپلز پارٽيء جا سوين ڪارڪن موت جي منهن ۾ هليا ويا پر اهي ڌماڪا به بينظير جي عزم ۽ استقلال کي ڪمزور ڪري نه سگھيا.هوء شهر شهر جلسا ڪري عوام سان مخاطب ٿيندي رهي.هر شهر ۾ ماڻهن “چئني صوبن جي زنجير،بينظير بينظير“ جي نعرن سان سندس استقبال ڪيو.نيٺ 27 ڊسمبر 2007ع جي اها رت ۾ رڱيل شام به آئي جڏهن راولپنڊيء جي لياقت باغ واري جلسي ۾ بينظير ملڪ جي دشمنن کي ڀرپور انداز ۾للڪارڻ بعد جڏهن جلسي گاهه کان ٻاهر نڪتي ته دهشتگردن کيس فائرنگ ۽ ڌماڪن جو نشانو بنايو. اهڙيظ طرح ملڪ ۽ عوام بينظير جي بينظير قيادت کاب هميشه لاء محرو م ٿي ويو.مت ته اٽل حقيقت آهي پر ڪجهه ماڻهو اهڙي ته شان ۽ انداز سان وڇڙندا آهن جو دلين تي قيامت جو سڪتو ۽ غمن جو پهاڙ ڪري پوندو آهي.پنهنجا ته پنهنجا پر ڪجهه موت بيگانن کي به روئاڙي ويندا آهن.بينظير جو موت به ڪجهه ان قسم جو ئي موت هو جنهن هر اک کي آلو ڪري ڇڏيو.ان واقعي کي يارهن سالن جو عرصو گذرڻ باوجود ڀلي ان جو درد ۽ ڪرب سندس پارٽيء جي نام نهاد وارثن جي دلين مان مٽجي ويو هجي پر پيپلز پارٽيء جي پراڻن ۽ پرخلوص ڪارڪنن توڙي غريب عوام جي دلين ۾ غم جي هڪ چوليون هڻندڙ سمند جي شڪل ۾ بينظير جو غم اڄ به زندهه آهي.اهو طيء آهي ته محترمه بينظيرڀٽو جو نالو قومي سياسي تاريخ ۾ سدائين عزت،احترام ۽ محبت وچان ورتو ويندو.هن سان هزارين سياسي اختلافن باوجود به تاريخ جو اهو منظر ڪنهن کي وسري سگھندو جو 18 آڪٽوبر 2007ع تي سالن پڄاڻان پنهنجي وطن جي سر زمين تي قدم رکڻ بعد هوء جذبات وچان ٻارن جيان سڏڪي پيئي هئي ۽ سندس نيڻن مان وهندڙ بي اختيار ڳوڙها گھنو ڪجهه چئي رهيا هئا.شايد ٿوري دير لاء هن کي اهو احساس به ستائي رهيو هو ته ماڻهن جو هي هيڏو وڏو ڇوليون هڻندڙ جيڪو صرف ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ اتي پهتو هو انهن جي حالت ڪجهه به نه بدلي هئي ۽ شايد هوء سچائيء سان ٻين سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي به ان جو ذميدار سمجھي رهي هئي،شايد هوء مصلحتن ۽ مجبورين جي انهن زنجيرن تي به سوچي رهي هئي جن کيس عوام لاء اهو ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو جنهنجا اهي حقدار هئا.