جھموريت جي علمبردار شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي زندگي انگن جون دلچسپ حقيقتون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ انگن جي روشني دلچسپ حقيقتون

    ترتيب ؛ ابراهيم لاشاري

    هر سال جيان 27 ڊسمبر جي تاريخ پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ ڏک جو پيغام کڻي ايندي آهي ۽ هميشه اهو ڏينهن عام ماڻهن جي ياد تازي ڪندو رهندو ڇو جو ان ڏينهن سنڌ ڌرتي جي نياڻي نماڻي مهين جي دڙي جي چيڪي مٽي جي لاڳاپيل ڌرتي جي ٽڪري لاڙڪاڻي (ڳڙهي خدابخش ڀٽو ) ۾ آرامي پاڪستان جي سڃاڻپ، سڄي دنيا منجهه جمهوري جدوجهد جي علامت بڻيل عظيم قائد ۽ جمهوريت جي علمبردار شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي پاڻ 21 جون 1953ع آچر ڏينهن ڪراچي منجهه جنم وٺندڙ ايشيا جي ڏاهي عورت سنڌي نياڻي پاڪستان جي سڀ کان وڏي عورت سياستدان فخرايشيا جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم نياڻي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم پڻ رهي چڪي آهي سندس زندگي جي ڪارمن ۾ انگن جو تمام وڏيون دلچسپ حقيقتون سمايل آهن انهن انگن جو ڀٽو فيملي (خاندان ) سان نمايا رول نظر آيو اهڙي ريت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ موت شهادت جو انگن جو ڪردار دلچسپ رهيو پاڻ بينظير صاحبه 70 ڪلفٽن ڪراچي منجه ننڍپڻ ۽ جواني جا ڏينهن گهاريا مگر پاڻ پرڏيهه مان جلاوطني گذاري جڏهن پنهنجي ديس پياري پاڪستان پهتي ته ٺيڪ 70 ڏينهن بعد شهادت ماڻي اهڙي ريت ڀٽو خاندان جي اباڻي قبرستان منجهه 69 ڄڻا اڳ ۾ آرامي هئا جڏهن ته محترمه شهيد راڻي جي قبر جو نمبر 70 ٿئي ٿو جڏهن ته سال جو 12 نمبر مهينو ڊسمبر ۾ محترمه پهرين پاڪستان جي عورت وزيراعظم بڻي سندس شادي به ڊسمبر م ٿي اقتدار به ڊسمبر ۾ مليو پاڻ هن ئي مهيني ڊسمبر ۾ شهادت جو جام نوش ڪيو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ 9 جو انگ بدنصيب ثابت ٿيو ڇو جو سندس شهادت 2007ع واري سال ۾ ٿي جڏهن ته 2 ۽ 7 کي جوڙ ڪبو ته 9 جو تعداد بڻبو ٻيو ته پاڻ سال جي 6 مهيني جي 21 تاريخ تي هن جهان ۾ اکيون کوليون جڏهن ته 2 ۽ 1 ملائبا ته 3 ٿيندا جڏهن 3 ۽ 6 جوڙ ڪبا ته 9 جو انگ بڻبو دنيا جي عظيم ڏاهي ليڊر جڏهن هن جهان منجهان شهادت ماڻي ته سندس جي عمر ان وقت 54 سال هئي 4جي انگ ۾ 5 جوڙ ڪبا ته 9 جو انگ ٿيندو اهڙي ريت پاڻ جڏهن پريهه منجهان جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ديس پياري پاڪستان جي قائداعظم جناح ٽرمينل ڪراچي ايئرپورٽ پهتي ته اها 18 آڪٽومبر جي تاريخ هئي ان ڏينهن سندس ۽ ڪارڪنن مٿان خودڪش حملو ٿيو جڏهن 8 ۽ 1 جو انگ پاڻ ۾ جوڙ ڪنداسين ته 9 جو انگ ٿيندو جڏهن ته ڀٽو خاندان سان 2 جو انگ جون نهايت دلچسپ حقيقتون شامل پڻ آهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جن ٻه (2) شاديون ڪيون سندس کي 2 نياڻيون ۽ 2 پٽ پيدا ٿيا پاڻ صدر محمد ايوب خان ۽ صدر محمد ضياءَالحق جي زماني ۾ ۾ جيل ويا جنا ب ذوالفقارعلي خان ڀٽو صاحب 2 ڀيرا 70 ۽ 77 جي اليڪشنن ۾ ڀهرو ورتو جناب شهيد ذولفقار علي ڀٽو جا 2 ئي سهڻا پٽ غير طبي طور هي جهان ڇڏي ويا اهڙي ريت ڀٽو فيملي جي 2 شخصيتن شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي گولين جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو اهڙي نموني شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ 2 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم چونڊ جي وئي پاڻ 2 ڀيرا جلاوطني ختم ڪري واپس پاڪتان آئي پاڻ جڏهن وطن واپس آئي ته 2 ڀيرا تاريخي استقبال ٿيو سندس استقبال منجهه 2 بم ڌماڪا پڻ ٿيا پاڻ قتل ٿيل پاڪستان جي وزيراعظم جي 2 وزيراعظم پڻ هئي هن کان اڳ جناب خان لياقت علي خان کي به لياقت باغ ۾ قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي اباڻي قبرستان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پنهنجي پياري والد پاڪستان جي ويزاعظم جناب ذوالفقار علي خان ڀٽو صاحب سان گڏ آرامي آهن جڏهن ته انهي قبرستان ۾ پاڪستان جا 2 چونڊيل وزيراعظم دفن ٿيل آهن اهڙي ريت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 27 ڊسمبر 2007ع لکين پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کان وڇڙي شهادت ماڻي هميشه لاءِ موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿي سندس مزار مٿان هر سال 27 ڊسمبر تي پاڪستان جا نالي وارا سياستدان پارٽي اڳواڻ هڪ عظيم عاليشان جلسو ڪرائي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا آهن هن وقت سندس ور جناب آصف علي زرداري صاحب ۽ عوام جي اميد جي ڪرن پٽ بلاول ڀٽو زرداري سندس نقشي قدم کي اجاگر ڪندي مصروف عمل آهن اڄ 27 ڊسمبر تي سندس جي 11هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو