شفيق الرحمان شاڪر اڄ ڪلهه ملڪ ۾ جيڏانهن ڪن ڏجي ٿو ته پٽڪو ۽ روڄ راڙو ئي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.عوام ويچارو ته سالن کان روئندو ۽ ماتم ڪندو اچي پر عوام جو روڄ راڙو ڪير ٿو ٻڌي؟پر هاڻي جيڪي روئن پيا اهي عام نه پر خاص آهن جن جو سدائين اهو خيال رهيو آهي ته ملڪ انهن سواء هلي نٿو سگھي، عوام کي انهن جهڙو ڪو ٻيو ليڊر ملي نٿو سگھي.انهن سان آخر اوچتو ڪهڙي ويڌن ٿي آهي جو اهي ڪاوڙ ۾ لال پيلا به آهن ته ملڪي ادارن کي ڌمڪيون به ڏين پيا ته وري روئن ۽ رڙن به پيا.اهو ملڪ جتي احتساب ۽ سزا صرف غريبن جو مقدر آهي اتي پهريون ڀيرو اهي پاڻ قانون جي ڪنهن وڪڙ ۾ آيا آهن.هن ملڪ ۾ اصول پرستي هڪ ڏکيو ڪم بڻجي چڪو آهي جو قانون ٽوڙڻ جو عمل عام رهيو آهي.هتي هر شخص وٽ قانون ٽوڙڻ جي حوالي سان قانون جي تشريح موجود آهي ۽ اهڙيء طرح اسان مان گھڻا قانون جي تشريح ساڻ تفريح ڪندا رهندا آهن.سياست ملڪي هجي يا علاقائي،خانداني هجي يا تنظيمي بهرحال اسان جي سياست ظلم،ڪرپشن ۽ هيراڦيريء لاء گھڻو بدنام ٿي چڪي آهي يعني عجيب مامرو بڻجي ويو آهي جو ذاتي مفادن لاء جيڪي داء پيچ ، ڪرتب ۽ ڊراماگيري ڪئي وڃي ٿي ان جو نالو به سياست رکيو ويو آهي.شايد ان ڪجهه اشرافيا سواء سياست جي رونق ئي ختم ٿي ويندي.ڪجهه شريف پاناما ليڪس جي گھوڙي تي سوار ٿي سياست کيڏي رهيا آهن ته ڪي وري ميگا مني لانڊرنگ جي اٺ تي ويهي سياسي ريس پڄائي رهيا آهن.جيڪر ملڪي ادارا مضبوط هجن ها ته پاناما ليڪس جي منظر عام تي ايندي ئي ڪيترا برج اونڌا ٿي ڪري چڪا هجن ها ۽ غريب عوام جو پئسو ڍوئي ولايتن ۾ پنهنجون جائدادون بنائڻ وارا هيستائين چپ چاپ پنهنجو خير گھري رهيا هجن ها پر خير،هينئر به حالت ڏسڻ وٽان آهي.هڪ انتظار جي ڪيفيت آهي ته ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي،سپريم ڪورٽ ان جي آئي ٽي رپورٽ جو ڇا ٿي ڪري؟هن وقت ملڪ جو ڪور اشو اهو ئي بڻيل آهي.اشرفيا جون پيشيون،پٽيشنون ،سزائون،ضمانتون،ٻئي طرف تبصري نگارن جون پيشن گوئيون ماحول کي گھڻو گرمائي رهيون آهن.هونئن ڏٺو وڃي ته عوام ته اهو ئي ٿو چاهي ته هڪ دفعو بي رحم احتساب ضرور ٿيڻ گھرجي.اهو احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي.ڇوته جيڪو ماڻهو رزق حلال سان پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ جو ڏوهه ڪري ٿو اهو پنهنجي حالت تي خدا کان پناهه گھرڻ تي مجبور آهي.نه ته جنهن ملڪ ۾ روزانو چوڏهن کان ويهه ارب روپين جي ڪرپشن ٿيندي هجي اتي ايماندار جي ههڙي جي تهڙي ٿيندي ڪهڙي دير لڳي ٿي؟ هڪ ننڍڙي اداري جي پٽيوالي کان ويندي ڪنهن وڏي گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ تائين ڪرپشن اهڙي ته رٿابندي ۽ هنر سان ڪئي وڃي ٿي جو ايماندار بي ايمان جڏهن ته بي ايمان ايماندار محسوس ٿيڻ لڳي ٿو.پاڪستان جو قائم ٿيڻ معاشي طور تي هڪ پوئتي پيل ملڪ جو قيام هو.ڀارت ته شروع کان اها پروپيگنڊا ڪري رهيو هو ته پاڪستان معاشي بدحاليء سبب پاڻهي ٽٽي ويندو پر محمد علي جناح جي سچي نيت ۽ ايماندا رويي ان وقت دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو جڏهن سادگي،ڪفايت شعاري،محنت ۽ ايمانداريء جي سونهري اصولن تي عمل ڪندي ملڪ جي قدرتي وسيلن،ڪوئلي ۽ تيل جي ذخيرن۽ بجليء جي پيداوار جا شاندار منصوبا جوڙيا ويا.صنعتن ۽ ٻين قسمن جي ڪاروباري نظام کي واڌارو ڏنو ويو.زرعت کي ملڪي معيشت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي زرعي پيداواري نظام کي منظم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو.قائد اعظم ملڪ جي ترقيء جو راز رڳو ڪم،ڪم،ڪم ۽ نيت جي سچائيء کي ٻڌايو هو پر بعد ۾ ايندڙ حڪمرانن ملڪ هلائڻ لاء شارٽ ڪٽس استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ترقيء جي رٿائن جي عمل درآمد کي پنهنجي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ پيداواري طاقت بدران قرضن ۽ غير ملڪي مالي امداد جو محتاج بنائي ڇڏيو ويو.پنهنجن دريائن کي دشمنن سان وڪڻي زراعت جي نڙي گھٽي ويئي. صوبن جي هڪجهڙن حقن جو جنازو ڪڍي ملڪ کي لساني،گروهي،صوبائي، مذهبي ۽ فرقيواراڻن تعصبن جي باهه ۾ اڇليو ويو. ايستائين جو اهم ۽ بنيادي قومي معاملن کي کي گول مول ڪرڻ جي رسم شروع ٿي ان ڪري جو ملڪ ۾ ڪرپشن جو راڄ قائم ٿي چڪو هو.هر هنڌ هيٺائين ۽ ذلت نظر اچڻ لڳي ۽ ڪميشنن جي بک ڪنهن به ڪم ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو.محنت جي عظمت جو اصول ئي کل جوڳو بڻجي ڪري رهجي ويو.خدا جي پناهه! جنهن کي ڏسو سو موقعي جي تاڙ ۾ آهي،جنهن کي ڏسو سو مفت ۾ ڏهاڙي بنائڻ جي چڪر ۾ آهي.اها ئي مافيا هوندي آهي،ڪٿي گروهن ۽ گروپن جي شڪل ۾ ته ڪٿي پارٽين ۽ تنظيمن جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪارپوريٽ ڪمپنين جي حليي ۾ ته ڪڏهن بزنيس ۽ هائوسنگ ڪمپننين جي حالت۾ جيڪي پنهنجي عددي اڪثريت ۽ پئسي جي پهچ سان پنهنجي ناڪاري عملن ۽ردعملن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا.ڪرپٽ نيٽ ورڪ ۽ ذاتي مفادن کي محفوظ بنائڻ لاء ايماندار ۽ اهل ماڻهن کي رستي تان هٽائڻ لاء اهي هر حد تائين وڃن ٿا.ڳالهه رڳو پاناما ۽ مني لانڊرنگ جي ڪانهي. ڳالهه رڳو ڪنهن هڪڙي ماڻهو يا سياستدان جي ناهي.ڳالهه آهي هن سسٽم جي جيڪو اڄ گڏيل طور تي ڪرپشن جي گدلاڻ ۾ لٽجي چڪو آهي. ڳالهه ڪنهن حڪومت، سياست،جمهوريت يا آمريت جي ڪانهي پر اسان جي پوري قومي مزاج جي آهي جيڪو ڪرپشن کي ڪا برائي سمجھي ئي نٿو.نه ته عدالتون،جاچ ۽ احتسابي ادارا ته هتي سدائين موجود رهيا آهن پر ڪرپشن جيئن پوء تيئن وڌندي ۽ ويجھندي ئي رهي آهي. اهي سائيڪل تي ايندڙ ڏهن ڏهن گاڏين جا مالڪ،اهي پنجن مرلن جي گھر ۾ رهڻ وارا سو ڪينالن جي محلن جا بادشاهه،ڪلارڪ جي نوڪري ڪندڙ ڪروڙ بلڪه ارب پتي ڪيئن بڻيا.سڀني جي سامهون آهي.سچ ته اهو آهي ته راتين جي ننڊ قربان ڪري ۽ پنهنجي صحت داء تي لڳائي سخت محنت ڪجي تڏهن به پوري زندگيء رڳو هڪڙو مناسب گھر بنائڻ به مشڪل آهي ۽ ذرو ذرو گڏ ڪري رکڻ باوجود ڪو هڪڙو ننڍڙو دوڪان لڳائڻ به هماليا پار ڪرڻ برابر آهي.ها جن کي ملڪي حالتون بدلائڻ ۽ معاشي خوشحاليء لاء ڪو علادين جو ڏيئو هٿ اچي وڃي ته اهي پنجن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ملڪ ۽ قوم جي تقدير وڌيڪ اونداهي ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ۽پنهنجي خاندان جي ترقي ۽ خوشحاليء جا ريڪارڊ قائم ڪيو وجھن.جنهن قوم سياسي شعور کان منهن موڙيو هجي ۽ احتساب جي بي رحم تلوار کي مياڻ ۾ وجھي هڪ پاسي رکي ڇڏيو هجي اتي اربن ڊالرن جي ڪرپشن سان واقعي ڪا قيامت ناهي اچڻي.اتي جتي ڪرپشن تي ڪڏهن ڪو اعتراض ئي نه رهيو هجي اتي جيڪر ڪنهن ڪرپٽ جي ڳچيء ۾ واقعي هٿ پوندا ته پوء رڙيون ته ٿينديون. پر سوال اهو به آهي ته احتساب رڳو سياستدانن جو ئي ڇو؟ انهن جو به ٿيڻ گھرجي بلڪه گھڻو سختيء سان ٿيڻ گھرجي جو اهي عوامي نمائندا بڻجي عوام سان ئي ويساهه گھاتي ڪن ٿا پر ٻين جو ڇونه؟جيڪر اوهان واقعي احتساب ڪرڻ ۾ سچا آهيو ته پوء مقدس ڳئون جو تصور ڇو؟ميڊيا،نوڪر شاهي،ججن ۽ جرنيلن. وڪيلن، ، صنعتڪارن،جاگيردارن ۽ بينڪارن مطلب ته زندگيء جي هر شعبي ۾ ڪرپٽ ماڻهو موجود آهن جنهن اسان جي پوري رياستي نظام جو ٻيڙو غرق ڪري رکيو آهي،انهن سڀني کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو نه ته شفاف ۽ اڻ ڌريي انصاف جون ڀلي بار بار دعوائون ڪيون وڃن پر انهيء تان سواليا نشان هرگز ختم نه ٿيندو.