ڪانگل.....

'مختلف موضوع' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڪانءُ عاشقن جو فئوريٽ پکي...
    1.ڪانءُ يا ڪانگ ڪارو آهي، ڪوجهو آهي، پر سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ عاشقن ۽ شاعرن کي ڏاڍو پيارو آهي. ڇو جو اهو سڪ جو سنديشو کڻي اچي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ عاشقن جو فئوريٽ پکي آهي. اسان وٽ ڪانگ ٽان ٽان ڪري ته ان جي معني اهڙن مهمانن جي اچڻ ورتو ويندو آهي جن جي آئي من سرهو ٿئي. ڪانءَ جي اهڙي نموني جي ٽان ٽان کي ڪانءُ لَنوڻُ به چيو ويندو آهي. مطلب ته اسان وٽ ڪانگ کي پيار جو قاصد سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري قرب ڀري ڪانگل کي اڏائڻ بدران اسان وٽ ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي.
    2....آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان مون پرين جي.

    جيسين انگريزن ٽپال ۽ تار کاتو شروع نه ڪيو هو، تيسين تائين موملون خاص ڪري ڪڇ ڀوڄ، جوڌ مڪران جون، نياپا موڪلڻ لاءِ ڪاڪ جا ڪانگ اڏائينديون هيون ۽ سدا سهڻا راڻا پنهنجي دل، جگر جا ٽڪرا ۽ آخري نشانيون موڪلڻ لاءِ ڪانگ جي مدد وٺندا هئا. ائين اسان وٽ ڪانگ عشق جا نياپا کڻي اچڻ لاءِ مشهور آهي..
    3..... .فقير صدا هئي ڀٽ ڏيندي ٽٽ ڪانگ ڪڙندا....... شاه سائين جا مريد ڪاوڙجي پيا...ڀٽائي گھوٽ کين ٿڌو ڪيو ته بابا فقير ته دعا ڏني آهي ڀٽ کي ....... ڪانگ اتي ڪڙندا لاماره ڏيندا جتي مال متاع کاڌو پيتو جام هوندو..... ٽٽ ڏبا آهن ڍو جا ..... هتي سڪار ئي سڪار هوندو.... سو سائين ڀٽ شاه وسي پئي.... سبحان الله.

    4.ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هنئون ساڻ هٿن،
    وڃي کاءُ وِلات ۾، اڳيان عجيبن
    پرين مانَ پڇن، ته هيئن قربان ڪير ٿيو.

    5.ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
    تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
    اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِھجِ اَڱَڻُ؛
    تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو