بحث ؟ ٿوري ڳالھ ٻڌو. بحث جا آداب. سوشل ميڊيا هجي يا عام ڪچهري. ان ڪوشش ۾ نه هجو ته منهنجو علم وڌيڪ آهي اڳلي کي ڪرارو جواب ڏجي. ياد رکو ته بحث ۾ ڪنهن کي هارائي "قائل" ته ڪري سگهو ٿا پر "مائل" نه ٿا ڪري سگهو. بحث گهڻو ڪري هڪ ذهني عياشي آهي، جنهن مان ڪا خير خبر نه ٿي نڪري. ان ڪري گفتگو جي شروعات ۾ ئي وضاحت ڪري ڇڏيو ته مان توهان جي راءِ جو احترام ڪيان ٿو. جيڪڏهن اوهان کي بحث برائي بحث ڪرڻو آهي ته مان اڳئي هار مڃان ٿو. باقي جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهڻي آهي سمجهائڻي آهي ته جي بسم الله. نرمي سان ڳالھ شروع ڪيو. پنهنجو موقف اطمينان ۽ تحمل سان پيش ڪيو، جتي اختلاف نه آهي ته اڳلي کي جتايو ته توهان جي انهي ڳالھ سان اتفاق ڪيان ٿو. اختلافي موقف کي اصرار يا سختي سان پيش ڪرڻ بدران چئو ته هي منهنجي راءِ آهي غلط به ٿي سگهي. پنهنجي ڳالھ پيش ڪرڻ بعد سامهون واري کي به موقف بيان ڪرڻ جو پورو حق ڏيو، جذباتي ٿي کيس وچ تي نه ٽوڪيو. خاص طرح هي جملو. "معاف ڪجو مان توهان جي ڳالھ ڪاٽيان ٿو" انتهائي توهين آميز آهي. گويا سامهون واري کي چپ ڪرائي ان جي موقف کي توهان يڪسر رد ڪري ان کي غلط ثابت ٿا ڪيو. سياسي، تاريخي، مذهبي، گروهي يا فرقه وارانه بحث ڪندي توهان ٻئي جي وڪالت ٿا ڪيو. سو في صد حق ۽ سچ تي ﷲ پاڪ جي ذات ۽ ان جو رسولﷺ آهي ، ان ڪري گفتگو ۾ تلخي پيدا نه ڪيو. اهو اسان جي جسماني، دماغي ۽ روحاني صحت لاءِ بهتر آهي. هر حال ۾ خوش گواريت قائم رکو. ﷲ سائين اوهان کي شاد و آباد رکندو شال.